لائبرري آف ڪانگريس
هوٽل جي ڪمري ۾ بيڊروم ۾ فٽ ٿيل ريڊيو جو سئچ جيئن آن ڪيم ته انگلش ڪلاسيڪل ميوزڪ جو پڙلاءُ ڪنن تي پيو. ڌيمي ڌن تي مَڌم ميوزڪ جا سُريلا سُر سازن جي سِٽاءَ سان ايڏي ته خوبصورتيءَ سان ڪمپوز ڪيل هئا جو بيحد لطف اندوز ٿيس ڇو ته هن ميوزڪ ۾ ڪجهه مشرقي طرز جي ڌُنن جو سنگم به موجود هو. ميوزڪ ختم ٿيڻ تي اعلان ٿيو: ”هيءَ رڪارڊنگ هڪ ميوزڪ ڪنسرٽ جي هئي جنهن جو اهتمام لائبرري آف ڪانگريس ڪيو هو ۽ اسان اُها خوبصورت رڪارڊنگ سندن تعاون سان پيش ڪئي“.
منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي ته هتي هڪ لائبرري اهڙي به آهي جيڪا ميوزڪ ڪنسرٽ جو پاڻ وٽ اهتمام به ڪري ٿي، ۽ ان جي رڪارڊنگ جو بندوبست به پنهنجي اسٽوڊيوز ۾ ڪري ٿي ۽ ان جو معيار ايڏو ته مٿانهون ٿئي ٿو جو هتان جي ريڊيو اسٽيشن اُها رڪارڊنگ نشر ڪري فخر محسوس ڪري ٿي.
اڄوڪو پروگرام ٻُڌي شوق جاڳي پيو ته اها عظيم لائبرري ڏسي اچان. هونئن به لازمي طور وڃڻو هيم جو پنهنجو سفرنامو ”پرين جي پرديس“ جي ڪاپي هن لائبرريءَ کي ڏيڻي هيم. هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ لائبرري ڏسي آيس ۽ نيپچون پلازا (Neptune Plaza) به ڏسي آيس جتي ميوزڪ پروگرام (Music Concerts) ٿيندا رهندا آهن. هي پلازا لائبرري آف ڪانگريس جي جئفرسن بلڊنگ جي سامهون ٺهيل آهي جڏهن ان جو احوال هتي لکان ويٺو ته اهو اعتراف ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته جيڪو ڪجهه مون ڏٺو اهو سڀ ڪجهه لکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. الائي ڪيترن ايڪڙن ۾ ٽي وڏيون عمارتون آهن جن جون الائي ڪيتريون منزلون آهن ۽ اها لائبرري ٽنهي عمارتن تي پکڙيل آهي.
دنيا جي ٽن وڏين لئبررين مان لائبرري آف ڪانگريس به آهي جيڪا پڻ ڪئپيٽول هِل تي هڪ عاليشان عمارت ۾ موجود آهي. اها بهرحال طئي ٿيل حقيقت آهي ته ڪانگريس لائبرري جي بلڊنگ دنيا جي سڀني لائبررين جي بلڊنگن کان وڌيڪ وڏي ۽ مهانگي عمارت آهي جنهن جي زيبائش ۽ آرائش تي پنجاهه کان وڌيڪ آمريڪي مصورن ۽ فنڪارن ڪم ڪيو. هن لائبرري کي آمريڪا جي ٻئي نمبر صدر جان ائڊمس فقط آمريڪي ڪانگريس جي نمائندن لاءِ 1800ع ۾ قائم ڪيو پر انگريزن 1814ع ۾ واشنگٽن تي حملو ڪري جتي ٻيون تباهيون آنديون، اُتي لائبرري آف ڪانگريس کي به تباهه ڪري ڇڏيو جيڪا ان وقت تمام مختصر ۽ ننڍڙي هئي. وقت وقت جي ڳالهه آهي، يا ته برطانيه جهڙي پتڪڙي ملڪ جي مختصر ماڻهن جتي دنيا کي تاراج ڪري ڇڏيو، اُتي آمريڪا جي گاديءَ جي هنڌ تي حملو ڪري اُتي به تباهي آڻي ڇڏيائون يا وري اڄوڪو آمريڪا گهر ويٺي پوري انگلنڊ کي هڪ ئي ڦُوڪ سان اُڏائي سگهي ٿو.
بعد ۾ آمريڪا جي مشهور شخصيت ۽ ٽئين نمبر صدر ٿامس جئفرسن پنهنجي ذاتي لائبرريءَ جا ڪتاب جيڪي هن پنجاهه سالن ۾ پاڻ وٽ گڏ ڪيا هئا، هن لائبرريءَ جي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ اهڙيءَ طرح لائبرري آف ڪانگريس ٻيهر وجود ۾ اچي ويئي.
ٿامس جئفرسن اُهو ذهين شخص هو جنهن کي آمريڪا جي آزادي جي اعلان يا پڌرنامي، (Declaration of Independence-1776) جو مصنف سمجهيو ويندو آهي.
لائبرري آف ڪانگريس ٽن عمارتن تي مشتمل آهي. پهرين عمارت ٿامس جئفرسن جي نالي سان منسوب ٿيل آهي جيڪا 1897ع ۾ ٺهي راس ٿي جنهن تي موزائڪ، شيشي ۽ اعليٰ پينٽنگ جو ڪم ٿيل آهي. ٻي عمارت جيڪا 1939ع ۾ کولي ويئي، جان ائڊمس جي نالي سان منسوب ٿيل آهي.
ٽيون نمبر بلڊنگ جيڪا جديد عمارت سازي جو نادر نمونو آهي اُن جو افتتاح 24 اپريل 1980ع تي ٿيو جنهن کي جيمس مئڊيسن سان منسوب ڪيو ويو آهي جيڪو آمريڪا جو چوٿون نمبر صدر هو. جيمس مئڊيسن کي آمريڪا ۾ ”آئين جو ابو“ (Father of Constitution) ۽ ”عوامي حقن“ جو مصنف ڄاتو ويندو آهي.
انسانذات جي ڀلائي ۽ بهبود وندر ۽ ورونهن لاءِ، توڙي علم جي اُڃارن انسانن لاءِ، اکين کان محروم ماڻهن لاءِ، معذورن ۽ اپاهجن لاءِ هن لائبرري جون خدمتون سونهري لفظن ۾ لکڻ جهڙيون آهن. مختصر طور ٻه چار ڳالهيون لکان ٿو.
• هن لائبرري ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪتاب، قلمي نسخا، نقشا، ڪئٽالاگ ۽ لکن جي تعداد ۾ ميوزڪ جا ٽيپ، ڪيسٽون، ڊسڪون موجود آهن جن ۾ ناميارن موسيقارن جون آتم ڪهاڻيون به رڪارڊ ٿيل آهن ته، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي مختلف خِطن جون مشهور لوڪ ڌُنون پڻ محفوظ ٿيل آهن.
• هن لائبرري ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي پرنٽس ۽ فوٽوگرافس نمائش جي لاءِ هروقت موجود آهن جن ذريعي آمريڪا جي مختلف رياستن توڙي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي رهڻي ڪهڻي ثقافت ۽ ريتن رسمن جي ڪهاڻي تصويرن ذريعي به معلوم ڪري سگهجي ٿي.
• ڪانگريس لائبرري نه رڳو واشنگٽن ڊي سي ۽ پوري آمريڪا جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي ٿي پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي لائبررين لاءِ پڻ اُن جون خدمتون ساراهڻ جوڳيون آهن. مثال طور ڪنهن ناياب ڪتاب جي دنيا کي ضرورت ٿئي ٿي ۽ اهو ڪتاب لائبرري آف ڪانگريس ۾ به ڪونهي، ته اوهان جي پُڇڻ تي لائبرريءَ جو ڪمپيوٽر اوهان کي ٻڌائيندو ته اهو ڪتاب دنيا جي ڪهڙيءَ ڪُنڊ ۾ لڪل آهي يا ڪهڙي لائبرري ۾ موجود آهي. پر جي اُهو ڪتاب ڪٿي به نه آهي ۽ اهو ڪڏهن ڇپبو ۽ ڪڏهن مارڪيٽ ۾ ملي سگهندو، ملندو به سهي يا نه، ڪمپيوٽر، گهربل معلومات کان به ڪجهه وڌيڪ اوهان کي ٻڌائيندو جيئن اوهان جي مڪمل تسلي ٿي وڃي.
• اکين کان محروم ماڻهن لاءِ اهي ناول، افسانا، ڊراما، شعرو شاعري، آتم ڪهاڻيون وغيره جيڪي دنيا ۾ بيحد مشهور ۽ مقبول ٿيون انهن کي بريل (Braille) صورتخطي (جيڪا فقط نابينا ماڻهن لاءِ ٺاهي وئي آهي) ۾ اهي ناول لکيا ويا آهن ته جيئن نابينا ماڻهو به انهن ڪتابن مان محفوظ ٿي سگهن. پر ترسو ڳالهه اڃا ختم ڪٿي ٿي آهي. جيڪڏهن ڪي نابينا بريل نه سکي سگهيا آهن ۽ اهي هٿ جي ڇهاءُ سان ڪتاب سمجهي نٿا سگهن ته انهن لاءِ ناول، افسانا، آتم ڪهاڻيون، شعرو شاعري جا مجموعا وغيره سڄا سارا رڪارڊ ڪري نابينائن کي ڪيسٽ يا ٽيپ رڪارڊر سميت مهيا ڪيا ويا آهن ته جيئن نُورَ کان محروم ماڻهو پنهنجي گهُٽ ۽ ٻوسٽ جي دنيا ۾ وندر ورونهن جو سامان مهيا ڪري سگهن ۽ محروم ٿي مري وڃڻ بدران ڪجهه حاصل ڪري ٻين ماڻهن جيتريون سهولتون ماڻي هن جهان ۾ جيئن ۽ زندگي ماڻين. صرف آمريڪا ۾ ڇهن-ستن لکن نابينائن کي اهي سهولتون بنا پئسي، بنا ڪنهن تڪليف جي مفت ۾ ميسر آهن. دنيا جا ڪيترائي اُسرندڙ ملڪ پنهنجي ملڪ جي نابينا ماڻهن لاءِ لائبرري آف ڪانگريس کان بريل وارا ڪتاب توڙي رڪارڊ ٿيل ميوزڪ خريد ڪن ٿا.
• هن لائبرري ۾ ڪل 8 ڪروڙ، 20 لک ائٽم آهن (ڪتاب، ٽيپ، ڪيسٽ، پرنٽ، فوٽوگراف، نقشا وغيره وغيره).
• اهي ائٽم دنيا جي 470 ٻولين ۾ آهن ۽ جن شيلفن تي اهي شيون رکيل آهن انهن جي ڊيگهه 525 ميل ٿيندي.
• نوٽ: هي احوال 1986ع جا آهن ۽ هاڻي سن 2015ع پُڄاڻيءَ تي آهي معنيٰ ته 29 سال گذري ويا آهن. سوچيو ته انهن ٽن ڏهاڪن ۾ لائبرري آف ڪانگريس ۾ ڪيتري ترقي ۽ واڌارو آيو هوندو ان جو اندازو هر ڪو آسانيءَ سان لڳائي سگهي ٿو.