شڪراني جو ڏينهن
22 نومبر 2012ع: اڄ اسان آسٽن مان منجهند جو ڏيڍ وڳي ڌاران نڪتاسين. عجيب اتفاق اهو هو جو اڄ آمريڪا جي ماڻهن طرفان شڪراني جو ڏينهن (Thanks Giving Day) ملهايو ٿي ويو. سڄي آمريڪا ۾ عام موڪل هئي تنهنڪري اسان کي روڊ رستا گهڻي ڀاڱي خالي ٿي مليا. طارق ۽ اعجاز ڏاڍا خوش هئا جن واري واري سان ڊرائيونگ ٿي ڪئي. هاڻي اچو ته شڪراني جي ڏينهن بابت اوهان کي ڪجهه ٻڌائجي.
شڪراني جو ڏينهن (Thanks Giving Day). هر سال نومبر جي چوٿين خميس تي ملهايو ويندو آهي. اهو ڏينهن هونئن ته ٻن صدين کان به ڪجهه سال اڳ کان ملهايو ويندو هو پر ان کي 1863ع کان باقاعدگيءَ سان ملهائڻ شروع ڪيو ويو جڏهن آمريڪا جي عظيم انسان ۽ سورهين نمبر صدر ابراهيم لنڪن ان ڏينهن کي هر سال نومبر جي آخري خميس تي مقرر ڪيو. 1863ع کان 1941ع تائين ڪانگريس ۾ وڏي بحث مباحثي کانپوءِ ان ڏينهن کي نومبر جي چوٿين خميس تي مقرر ڪيو ويو ۽ هاڻي 72 سالن کان وٺي اهو ڏينهن هر سال نومبر جي چوٿين خميس تي ملهايو ويندو آهي.
اهو عجيب يا حسِين اتفاق چئجي جو اڄ يعني 2012ع جي نومبر مهيني جي چوٿين خميس تي اسان آسٽن کان هوسٽن اچي رهيا هئاسين. منهنجو پٽ اعجاز، سندس دوست طارق ۽ سندس گهرواري نوشين ۽ سندن ٽي ٻار اسان سان گڏ هئا. هاڻي سوال آهي ته شڪراني جو ڏينهن ڇو ۽ ڇا لاءِ ملهايو ٿو وڃي؟ ان لاءِ آمريڪا ۾ مختلف ماڻهن جا مختلف خيال ۽ رايا آهن. گُوگل وڪيپيڊيا ۾ جتي هر سوال جو جواب هر وقت موجود هوندو آهي اتي به مختلف ڳالهيون ۽ مختلف سبب ڄاڻايل آهن ۽ واضح طور تي ڪا به ڳالهه نه ڪئي ويئي آهي.
عام خيال اهو آهي ته جڏهن ڪولمبس آمريڪا جهڙي خوبصورت خطي کي 1492ع ۾ ڳولي لڌو هو ته هي ڏينهن ان ڏينهن جي خوشيءَ ۾ ملهايو ٿو وڃي. اعجاز هن سلسلي ۾ ٻڌايو ته هي ڏينهن آمريڪا جي اصلوڪن رهواسين يعني ريڊ انڊيَنسن (Red Indians) کي شڪست ڏيڻ ۽ پاڻ ملڪ جا حاڪم ٿي ويهي رهڻ جي خوشيءَ ۾ ملهايو ويندو آهي. اعجاز وڌيڪ اهو به ٻڌايو ته ٻه ريڊ انڊينس سندس دوست آهن جيڪي شڪراني جو اهو ڏينهن نه رڳو نٿا ملهائين پر ان ڏينهن کان سخت نفرت ڪن ٿا. اعجاز جي ڳالهه جي وڌيڪ تصديق مون کي وڪيپيڊيا جي مطالعي مان به ٿي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪولمبس مقامي ماڻهن سان وڏيون زيادتيون ڪيون هيون. هن ڏينهن کي ٽرڪي-ڊي به چوندا آهن ڇاڪاڻ ته جيئن ٻڌايو ٿو وڃي ته جڏهن ڪولمبس ۽ سندس ساٿين آمريڪا کي ڳولي لڌو ته اُهي ان وقت ٿڪل، ساڻا ۽ بکيا هئا ۽ وٽن کائڻ لاءِ ڪجهه به ڪو نه هو. اُڃ، بُک ۽ ڏک جي حالت ۾ اوچتو کين هڪ ٽرڪي (شتر مرغ) نظر آئي جنهن کي ماري هنن پچائي کاڌو ۽ پنهنجي بُک جي باهه کي ٿڌو ڪيو.