لارا ۽ چارلس ـــ منهنجا جاني جگر دوست
آمريڪي ماڻهن ۾ هڪ ڳالهه مون انگريزن کان ڪافي مختلف ڏٺي ته هو دوستيءَ ۾ وکون کڻندي ۽ اڳتي وڌندي ويرم ئي نٿا ڪن. هنن جي هيلو هاءِ واري دوستي ته هر ڪنهن سان ڄڻ آهي ئي آهي، ٻي دوستي هيلو هاءِ کان جڏهن ڪجهه وڌيڪ وڌي ٿي ته پوءِ ڪافي ويجهڙائپ (Understanding) خودبخود ٿي وڃي ٿي.
فلوريڊا اسٽيٽ جي شهر آرلئنڊو کان آيل پنهنجن ملڪن جا مڃيل براڊڪاسٽرس لارا موريسن ۽ هيوسٽن کان آيل چارلس بينٽ ۽ ڪجهه ٻيا ريڊيو جا نمائندا پڻ منهنجا دوست ٿي ويا.
پنج ڏينهن جيڪي اسان نيو آرلينس ۾ گذاريا سي ته هن شهر ۾ پهرئين ڏينهن پهچڻ شرط ئي سورنهن آنا سجايا ٿي چُڪا هئا جڏهن ريڊيو-86جي ڪنوينشن جو افتتاح ٿيو جنهن جو احوال گذريل صفحن ۾ ٻُڌائي چُڪو آهيان. سئر سفر جي گهربل آسائشن ۽ ضرورتن ۾ باقي جيڪا ڪسر رهجي ويئي هئي، ان جي ڪمي هڪ ته بوربن اسٽريٽ (Bourban Street) کي چڱيءَ طرح ڏسڻ وائسڻ سان پوري ٿي، ٻيو لارا ۽ چارلس جي دوستي ڄڻ سونَ تي سهاڳ جو ڪم ڏنو. عجيب اتفاق وري اهو ٿيو جو لارا ۽ چارلس جي هڪ ٻئي سان واقفيت به منهنجي معرفت ٿي، جڏهن چارلس مون وٽ ڊافين هوٽل ۾ (جنهن ۾ اسان رهيل هئاسون) ڪافي ويٺي پيتي ته لارا به بنا اڳواٽ اطلاع جي پهچي ويئي. ٻنهي سان جدا جدا تعارف ڪنوينشن جي افتتاح واري ڏينهن ٿيو هو. هڪڙي دفعي چارلس اڳ ۾ طئه ٿيل پروگرام مطابق شام جو پنجين وڳي پنهنجي براڊڪاسٽنگ سيلز سروس جا ڪجهه سُووينئر منهنجي لاءِ هوٽل ۾ کڻي آيو ته پنجن منٽن کانپوءِ هن دفعي لارا، بغير اڳواٽ اطلاع جي اچي در کڙڪايو. دروازو کوليم ۽ لارا اندر آئي. معذرت اچي ڪيائين ته هوءَ مون کي ٻڌائڻ کانسواءِ يا پروگرام طئه ڪرڻ کانسواءِ ئي هلي آئي هئي. پر مُرڪ مُنهن تي آڻيندي چيائين: ”مون کي ڪالهه جي ملاقات کانپوءِ هروڀرو رسمي اجازت وٺڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿي، تنهنڪري ائين ئي هلي آيس“ چارلس بلڪل خاموش هو ڇو ته انگريزن ۾ توڙي آمريڪي ماڻهن جي اها ئي ڪمال جي وصف آهي ته هو ٻن جي ڪنهن به معاملي ۾ ذري جو به دخل نه ڏيندا آهن.
وزيٽر پروگرام جي دوستن سان طئي ٿيل پروگرام موجب گهمڻ ڦرڻ کان جيڪو وڌيڪ وقت بچندو هو سو لارا ۽ چارلس سان گهڻو ڪري جدا جدا ملاقاتين ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن گڏيل ڪچهرين ۾ گذرندو هو. هڪ ڀيري چارلس مون کان پڇيو ته: ”شادي ڪرڻ جو ارادو ڪڏهن آهي؟“ بجاءِ ان جي جو مان کيس جواب ڏيان، لارا فورن چيو: ”عنيات (عنايت) پڪ شادي شده هوندو“. مون حيرت مان کانئس پڇيو ته: ”تون ائين ڇو ٿي سمجهين ته مان شادي شده هوندس“. وراڻيائين: ”منهنجي هڪ پاڪستاني سهيلي آهي جيڪا ٻڌائيندي آهي ته پاڪستان ۾ اڪثر ڪري شاديون ننڍيءَ عمر ۾ ئي ٿي وينديون آهن“. لارا پوءِ ٻيون به گهڻيون ئي ڳالهيون ٻُڌايون جيڪي اسان جي ثقافت سان واسطو رکندڙ هيون. پوءِ مُرڪندي ۽ ڪجهه شرارت وارو لهجو اختيار ڪندي پُڇيائين: ”شادي شده آهين نه؟“ چيومانس: ”فرض ڪر ته شادي شده نه آهيان ته پوءِ ڀلا ڪو چانس آهي ڇا“ چارلس وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين ته: بلڪل صحيح جواب ۽ لارا کان مناسب سوال ڪيو اٿئي. (چارلس منهنجو نالو عنايت پوري طرح چئي سگهيو ٿي باقي لارا يڪو عِنيات چئي مخاطب ٿيندي هئي ۽ مان سندس مخاطب ٿيڻ تي ڏاڍو Enjoy ڪندو هوس). لارا وراڻيو: ”نو مسٽر! بلڪل چانس ڪونه آهي جو منهنجو بواءِ فرينڊ (Boy Friend) مون سان بلڪل سچو آهي ۽ اسان جي عنقريب شادي ٿيڻ واري آهي ۽ تو سان اڃا ته فقط ٽن ڏينهن جي دوستي آهي منهنجي. باقي هتي نيو آرلينس ۾ فقط ٽي ڏينهن وڌيڪ رهڻو آهي. جڏهن هتان هليا وياسين ته خبر ناهي ڪو ڪنهن کي ياد به ڪندو الائي نه“.