سفرناما

ساهان اوڏا سپرين

عنايت بلوچ صاحب، سنڌي ٻوليءَ جو بَرجستو ۽ هر دلعزيز شاعر ته آهي ئي آهي، پر هُن پنهنجي دلچسپ نثر ذريعي به پڙهندڙن جي دلين کي موهيو آهي. سندس سفرنامي لکڻ جو انداز هجي يا وري شخصيتن تي لکيل خاڪا هُجن يا ڪتابن جا لکيل مُهاڳَ، عنايت بلوچ صاحب جي تحريرَ پڙهندڙن کي اَڌَ مان هَٿُ ڇڏائڻ ناهي ڏيندي. براڊڪاسٽنگ جي دنيا ۾ عنايت صاحب جو نالو اسان سڀني لاءِ فخر جوڳو رهيو آهي. بلوچ صاحب مختلف وقتن تي آمريڪا جا جيڪي سفر ڪيا آهن، انهن جو احوالُ تمام سُهڻي ۽ مَنَ موهيندڙ انداز ۾ هن ڪتاب ۾ ملي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 6290
  • 657
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عنايت بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ساهان اوڏا سپرين

سنڌي گهر

(A Sindhi Home)
هن ئي ميوزيم جي هڪ اهڙي جادوگريءَ واري ڪُنڊ ۾ پهتس جتي اوچتو بدن ۾ خون يا تيز تيز ڊوڙڻ لڳو يا مورڳو بيهجي ويو، اهو فرق نه ڪري سگهيس. اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون ۽ خوشيءَ جي لهر سڄي بدن ۾ بجليءَ جي ڪرنٽ جيان ڊوڙي ويئي، جڏهن نظرون دل ٺاريندڙ هيٺين لفظن تي کُپي ۽ رُڪجي ويون: A Sindhi Home (سنڌي گهر). سنڌي گهر ۾ ڇا ڏسان ته:
• ڀرت ڀريل سنڌي گهَگهو پاتل هڪ ٿَري مائي وڏي چاڏيءَ ۾ ڏُڌُ ويٺي ولوڙي،
• گهڙامنجيءَ تي ٻه دِلا ۽ مَٽ رکيل آهن ۽ هڪ سنڌي ڇوڪري دِلي مان پاڻي جو وٽو پيئي ڀري،
• هڪ ٻار سنڌي ٽوپي پايون راند پيو کيڏي،
• هڪ وڏو ڇَڄُ رکيل آهي ۽ مائي ڇَڄَ سان چانور پيئي ڇَنڊي،
• هڪ سنڌي سهاڳڻ تڏي تي ويٺي سنهي سُئيءَ سان رلي (اُتر جي رِلي) پيئي ٺاهي،
• هڪ مائي پنهنجي ننڍڙي ٻار کي وِنجڻو (هٿ جو پکو) ويٺي جهلڪي، کيس وڏي گل واري جُتي پاتل آهي، پر هاڻي جُتي لاهي منجيءَ تي ويٺي آهي ۽ تَن تي سُوسيءَ جو وڳو اوڍيل اٿس،
• وڏيون ديڳڙيون، منڌيئڙا ۽ ٿالهه پڻ رکيل آهن،
• سنڌي گهر جي ڇت، هالن جي ڪاشيءَ سان سينگاريل آهي،
• ڀتين تي پِنڊيون (دَٻڪيون) پِتل جون ٿالهيون ۽ سنڌي ثقافت جون ٻيون ڪيتريون ئي شيون لڳل آهن.
مون کي جيڪا خوشي ”سنڌي گهر“ جي عبارت پڙهڻ ۽ ان کانپوءِ سنڌي گهر کي چڱيءَ طرح جاچڻ جوچڻ ۽ تسلي ڪرڻ سان ٿي ته واقعي هڪ ٺيٺ ۽ نِج ٻهراڙيءَ جي سنڌي ماڻهوءَ جو گهر جيئن هئڻ گهرجي تيئن هو، ان کان اٺوڻي ڏهوڻي خوشي ان ڳالهه تي ٿي ته مون سان گڏ ڪيترن ئي سياحن وڏي چاهه ۽ تجسُس سان ”سنڌي گهر“ ۾ رکيل ثقافت جا نادر نمونا نهايت ئي غور سان ۽ گهُوري گهُوري ٿي ڏٺا.
هڪ هنڌ مان هڪ شخص تي شڪيُس ته سنڌي هو ته ان کي به مون تي اوتروئي شڪ گذريو. نيٺ هڪ ٻئي سان ڳالهايوسين ۽ تصديق ڪئي سون ته ٻيئي سنڌي هئاسون. سندس نالو پرشوتم هو ۽ سينگاپور جو سنڌي هو. پاڻ اصل هالاڻيءَ ۾ رهندا هئا. ورهاڱي کانپوءِ ڪجهه سال هندستان رهي، پوءِ واپار وڙي جي خيال کان سينگاپور وڃي رهيا. هڪ ٻئي سان حال احوال اورياسين. هڪ ڪيفي ۾ ڳچ دير تائين ويهي ڪافي پيتيسون ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ هرڪو پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن راهي ٿي ويو. ”سنڌي گهر“ ڏسڻ کانپوءِ ٻيءَ ڪابه شيءِ سهڻي نٿي لڳي تنهنڪري هڪدم ميوزيم مان ٻاهر نڪري آيس. هڪ قصو ياد اچي ويو:
اسان جو هڪ ويجهو عزيز هو. وڏو دلير دَبنگ ۽ هر وصف کان بلوچي رنگ ڍنگ جو هڪ سچو نمونو هو. پهريون ڀيرو ڪراچي گهمڻ ويو جتي زولاجيڪل گارڊن جي سئر ڪرڻ لاءِ اتي پهتو ته ساڻس گڏ ڳوٺ جا ٽي چار ماڻهو ٻيا به هئا. ٽڪيٽ وٺي جيئن گيٽ کان اندر ٿيا ته اسان جي دلير مائٽ جي پهرين نظر بَبر شينهن تي وڃي پيئي. ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دوستن کي چيائين ته: ”اڙي هاڻي موٽو پوئتي ته واپس هلون“. سندس ساٿين اچرج وچان کانئس پڇيو: ”اڃا ته فقط شينهن ڏٺو اٿئون الائي ڪيترا ٻيا جانور، پکي ۽ بلائون آهن جن کي ڏسڻو آهي“. ان تي اسان جي دَبنگ عزيز وراڻيو: ”اوهان کي ٻيو ڪجهه ڏسڻو آهي ته ڀلي وڃي ڏسو، باقي بَبر شير ڏسڻ کانپوءِ هاڻي مان گدڙ لومڙيون ۽ ڀولڙا ڪونه ڏسندس“. ضد ڪري بيهي رهيو ۽ نيٺ ٻيو ڪجهه نه ڏسي، موٽ کاڌائين. سو مون تي به اڄ ٻروچڪي لِڇ جو اثر ڪجهه وڌيڪ ٿي ويو پر شُڪر ٿيو جو ميوزيم جو گهڻو ڪجهه حصو اڳ ئي ڏسي چڪو هوس.
دل ۾ سوچيم ته پاڪستان جي حڪومت طرفان اهو ڪارنامو هرگز ٿي نٿو سگهي ڇو ته ان صورت ۾ فقط سنڌ جي ثقافت جي بدران پوري پاڪستان جي سڀني صوبن جي ثقافت ڏيکاري وڃي ها. نيٺ معلومات حاصل ڪرڻ تي خبر پيم ته اهو تعريف جوڳو ڪارنامو سمٿ سونين ميوزيم جي سائوٿ ايسٽ ايشيا سيڪشن جي انچارج ڊاڪٽر يوجين ڪنيز (Dr Knez) جي تعاون سان، سنڌ جي بي مثال دانشور ۽ محقق سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن سرانجام ڏنو هو. جس لهڻي سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جن جي خلوص ۽ سچي سنڌ دوستيءَ وارين ڪوششن سان سنڌي ثقافت جون ڪجهه جهلڪيون آمريڪا جي گاديءَ جي هنڌ واشنگٽن ڊي سي جهڙي سهڻي شهر ۾ هر روز هزارين سياحن جي توجهه جو مرڪز آهن.
پاڪستان واپس ورڻ تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن کان جڏهن سنڌي گهر قائم ڪرڻ لاءِ معلومات حاصل ڪيم ته مون کي هينئن ٻڌايائون:
”پاڪستان جي حڪومت مون کي حڪم ڪيو ته سمٿ سونين انسٽيٽيوٽ (ميوزيم) ۾ پاڪستان جي ثقافت جي حوالي سان ڪا اهڙي ڪارنر قائم ڪري اچان جيڪا پاڪستان جي نمائندگي ڪري. مون گهڻي سوچ ويچار ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ته سنڌ جي ثقافت پوري پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ قديم به آهي ته بين الاقوامي سطح تي جڳ مشهور به آهي، تنهنڪري مون ڊاڪٽر ڪنيز (Dr Knez) جيڪو هن منصوبي جو انچارج هو، کي سنڌي گهر (Sindhi Home) ٺاهڻ جو مشورو ڏنو جيڪو هن به بنا دير کڻي قبول ڪيو“.
ڊاڪٽر بلوچ کي ته فقط اهڙي ثقافتي شيءِ ٺاهڻ لاءِ موڪليو ويو هو جيڪا سڄي پاڪستان جي نمائندگي ڪري پر اُتي به هو ”سنڌي گهر“ ٺاهي آيو ۽ اها پرواهه به نه ڪيائين ته ائين ڪرڻ سان مٿس ڪو اعتراض يا تڪليف به اچي سگهي ٿي. پر سنڌ جي عشق کيس ڪنهن به نتيجي ڀوڳڻ لاءِ سوچڻ تي به مجبور نه ڪيو ۽ هو سمٿ سونين ميوزيم ۾ (Sindhi Home) قائم ڪري واپس وريو. هميشه ياد رکڻ گهرجي ته کوکلن نعرن سان نه، پر فقط ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙن جرئتمند انسانن طرفان عملي قدمن کڻڻ سان ئي سنڌ جيئندي ۽ سدائين جيئندي رهندي، انشاالله.