سمٿ سونين ميوزيم
ڪنهن کي خبر هئي ته ايلزبيٿ هنگرفورڊ جو ناجائز ٻار(James Smithson) جيڪو بيٿوون، والٽيئر، ڪئوِنڊش، پريسٽلي، نيپولين، جارج واشنگٽن ۽ ٿامس جئفرسن جو همعصر هو سو هڪ سائنسدان ۽ دنيا جو هڪ اهڙو ناميارو انسان ثابت ٿيندو جو سدائين سندس نالو پيو ڳائبو. جيمس سمٿسن فيلو آف رائل سوسائٽي آف لنڊن هو جنهن جو انتقال 20 جون 1829ع تي ٿيو. مرڻ وقت هن وصيت ڪئي ته: واشنگٽن ۾ سندس نالي پٺيان هڪ ادارو....سمٿ سونين انسٽيٽيوشن جي نالي تي ٺاهيو وڃي، جيڪو سائنسي معلومات سان گڏ انساني تاريخ ۽ تمدن جي مختلف پهلوئن کان هڪ اهڙو عظيم ادارو هجي جنهن ذريعي انسانذات جي خدمت ۽ رهنمائي ٿي سگهي. سمٿ سونين انسٽيٽيوشن جيمس سمٿسن جي پئسن سان 1846ع ۾ قائم ٿيو جنهن جي لاءِ بنيادي گهربل رقم به جيمس سمٿسن جي وصيت موجب آمريڪا جي حڪومت کي ملي.
آمريڪا وارن به هن انگريز سائنسدان جو شايد انڪري ڪجهه وڌيڪ قدر ڪيو ته هن اهڙو ادارو پنهنجي ملڪ انگلنڊ ۾ قائم ڪرڻ بدران آمريڪا ۾ قائم ڪرڻ لاءِ خواهش ظاهر ڪئي هئي. هاڻي ته واشنگٽن ڊي سي ۾ سمٿ سونين انسٽيٽيوشن جا 13 ميوزيم آهن جيڪي سڀيئي سمٿ سونين انسٽيٽيوشن جي نالي پٺيان آهن. ست ميوزيم ته فقط نيشنل مال يا دي مال (The Mall) تي آهن جنهن جي وضاحت مان گذريل صفحن ۾ ڪري آيو آهيان، جيڪو ڪئپيٽول هِل کان شروع ٿي واشنگٽن يادگار تي ختم ٿئي ٿو. ميوزم، واشنگٽن ۾ هيڏي هوڏي ٽڙيل پکڙيل آهن جن مان هڪڙو نيويارڪ ۾ آهي. نيشنل مال تي جيڪي ميوزيم مون گهميا انهن جو مختصر تعارف هن ريت آهي:
• سمٿ سونين انسٽيٽيوشن بلڊنگ(Smithsonian Institution Building) : هي پهرين ۽ شروعاتي بلڊنگ آهي جيڪا 1850ع ۾ مڪمل ٿي. هن بلڊنگ ۾ سمٿ سونين انسٽيٽوشن جي باني جيمس سمٿ جو مقبرو، رسيپشن سينٽر، انتظاميه جون آفيسون ۽ وُڊرووِلسن سينٽر آهي. جيمس سمٿ جي قبر تي هيٺيان جملا اُڪريل آهن:
Sacred to the memory of James Smithson Esqr fellow of the Royal Society of London who died at Genoa on 20th June 1829. Aged 75 years. He was illegitimate son of Elizabeth Hunger Ford………
• ”فيلو آف رائل سوسائٽي آف لنڊن جيمس سمٿسن جي نالي جيڪو 75 سالن جي عمر ۾ 20 جون 1829ع تي جينئا (اٽلي) ۾ گذاري ويو. هُو ايلزبيٿ هنگرفورڊ جو ناجائز اولاد هو“.
• نئشنل ميوزيم آف نيچرل هسٽري(National Museum of Natural History) : ٻيو ميوزيم جيڪو مون ڏٺو سو هو فطري تاريخ جو قومي عجائب گهر. هي ڇا ته ڪمال جو ميوزيم آهي جنهن ۾ زندگيءَ جا قديمي آثار ۽ اهڃاڻ به ڏيکاريل آهن، تنهنڪري هن ميوزيم کي(National Museum of Man) به چيو ويندو آهي. هتي زندگيءَ جي مختلف ارتقائي مرحلن کي فاسلز سيل ائٽم ۽ آڪسيجن جي ذريعي سمجهايو ويو آهي. هن ميوزيم ۾ هڪ ٻن جڳهين تي ٽي وي سيٽ رکيل آهن جن تي زندگيءَ جي ارتقائي عمل بابت فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون.
هن ميوزيم ۾ جيتن جڻن، پکين پرندن، تِڏُن، مکين، مڇرن، نانگن بلائن، لُوڻن، سلفيٽن، پيٽرول، تيل، ڌاتن، لوهه، رُڪ، ٽامون مطلب ته ليکي ڪرڻ ۽ ڳڻڻ کان ڳالهيون گهڻيون آهن جن ذريعي زندگيءَ جي هئڻ ۽ ان جي شروعات ۽ ارتقائي مرحلن کي خوبصورتيءَ سان سمجهايو ويو آهي.
ايشيائي تهذيب ۽ تمدن کي خطاطيءَ جي فن، ڳائڻ وڄائڻ جي سازن، ڪپڙن تي پرنٽنگ، اسلامي روايتن، جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيارن جهڙوڪ: نيزن، ڀالن، تير ڪمانن، ڇُرين، خنجرن ۽ پوءِ قومن ۽ قبيلن جي ريتن رسمن ذريعي نمايان ڪيو ويو آهي.