هوسٽن پهچي وياسين
اڃا قطار ۾ ئي بيٺا هئاسين ته هڪ نيگرو مائي ۽ هڪ مرد مسافرن کي چوندا ويا ته اوهان فلاڻن ڪائونٽرن تي هليا وڃو. نيگرو مائي مون وٽ آئي ۽ منهنجو اميگريشن جو فارم ڏسي پڇيائين: ”اوهان آمريڪا ۾ اڳ به آيا هئا؟“ وراڻيم ها! 1986ع ۾ آمريڪي حڪومت جي دعوت تي انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام (International Visitor Program) جي سلسلي ۾ هتي آيو هوس، ته فورن مرڪندي چيائين: ”اوهان کي هن دفعي به اسان مرحبا (Welcome) ٿا چئون ۽ اميد ته اوهان هن ڀيري به Enjoy ڪندا“. ائين چئي فارم مون کان وٺي ان تي صحيح ڪيائين. مائيءَ جي ورتاءُ مان ئي يقين ٿي ويم ته انشاالله اميگريشن جو مرحلو آسانيءَ سان طئه ٿي ويندو. مائيءَ مون کي هڪ ڪائونٽر تي وڃڻ جو اشارو ڪيو جيڪو منهنجي تمام ويجهو هو، ان ڪائونٽر تي هڪ نوجوان گورو ويٺو هو جنهن مون کان پڇيو:
”اوهان ڪهڙي سلسلي ۾ هتي آيا آهيو؟“
”پنهنجي پُٽ سان ملڻ لاءِ آيو آهيان“. وراڻيم.
”اوهان جو پُٽ هتي ڇا ڪندو آهي؟“
”اسٽور هلائيندو آهي ۽ ڪيترن سالن کان گرين ڪارڊ هولڊر آهي“. وراڻيم.
“You are welcome” (اوهان کي آڌرڀاءُ ٿا چئون). وڌيڪ چيائين ته جڏهن پنهنجي ملڪ موٽي وڃو ته وري ساڳي Multiple ويزا لاءِ درخواست ڏجو ته اوهان کي وري ساڳيو ويزا جلد ملي ويندو. سندس تمام گهڻي مهرباني مڃيم جو پاسپورٽ تي ڇهن مهينن جو ويزا هڻي ڏنائين.
مون ان وقت اوسي پاسي به ڏٺو پئي. ڪجهه مسافر اهڙا به هئا جيڪي ڪافي دير کان سوالن جا جواب ڏئي رهيا هئا. ٻن ٽن کي ته پاسيرو ڪري ويهاري ڇڏيائون. جڏهن اعجاز ۽ ممتاز کي بعد ۾ اها ڳالهه ٻڌايم ته انهن ٻڌايو ته ڪجهه مشڪوڪ ماڻهن لاءِ آمريڪا جي انٽيليجنس کي اڳواٽ اطلاع هوندو آهي ان ڪري اهڙن ماڻهن کان تفصيلي ۽ ڪڙي پُڇا ڳاڇا ڪندا آهن.
بهرحال اميگريشن کان فقط ٻن ٽن منٽن ۾ آجو ٿيڻ کان پوءِ سامان هٿ ڪرڻ لاءِ گهمندڙ پٽي (Conveyor Belt) تي آياسين جتي هڪ ئي وقت ٻه ڪئريئر ٿي هليا. منهنجو سامان ڪافي دير سان ظاهر ٿيو. سامان کڻي ڪسٽم وارن وٽ آيس. ڪسٽم وارن پنهنجو فارم ڏٺو جيڪو اسان جهاز ۾ ئي ڀري ڇڏيو هو. سامان ڏسڻ يا کولرائڻ کان سواءِ ڪسٽم آفيسر پنهنجي مُنهن تي مُرڪ آڻيندي چيو: ”اوهان ڀلي وڃو ۽ آمريڪا ۾ خوش باش رهو ۽ Enjoy your stay“.
ڪسٽم ايريا کان ٻاهر آيس ته پري کان ئي اعجاز، ممتاز ۽ سندن ننڍپڻ جي دوست طارق تي نظر پيئي. وڏا وڏا ڀاڪر پائي ملياسين. مُني ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ هوسٽن جي هڪ ريسٽورنٽ تي وٺي ويا جنهن لاءِ ٻڌايائون ته هي ميڪسيڪن ريسٽورنٽ هو جيڪو پنهنجن چَٽ پٽن ۽ چَهرن کاڌن جي ڪري مشهور آهي. آمريڪا جي وقت جي مطابق رات جو 3 وڳي تائين ماني کائيندا ۽ هوٽل ۾ ڪچهري ڪندا رهياسين. ان کانپوءِ ممتاز جي اپارٽمينٽ تي آياسين جيڪو هوسٽن جي هل ڪرافٽ Hillcraft جي علائقي ۾ هو ۽ اپارٽمينٽس جو نالو Crescent Oaks Apartments هو جڏهن ته منهنجو پُٽ اعجاز هوسٽن شهر کان هڪ ڪلاڪ جي ڊرائيو تي فري پورٽ جي علائقي ڪلوٽ (Clute) ۾ رهي ٿو. طارق موڪلائي پنهنجي گهر هليو ويو ۽ اسان يعني اعجاز، ممتاز ۽ آءٌ هڪ ڪلاڪ جي وڌيڪ ڪچهري ڪري اَسُر جو 4 وڳي ڌاران سمهي رهياسين. اعجاز ۽ ممتاز 5 جنوري تي موڪل ڪئي هئي، جيئن گذريل رات دير تائين ڪچهريون ڪندا رهيا هئاسين ته اعجاز ۽ ممتاز ته منجهند جو 12 ڌاران جاڳيا هئا باقي آءٌ ٺيڪ 9 وڳي ننڊ مان اُٿي ويو هوس. 2 وڳي تائين تيار ٿي گهر مان نڪتاسين ۽ وڃي هڪ پاڪستاني هوٽل ۾ ماني کاڌيسين.