هوسٽن ڊائون ٽائون جو سئر
اڄ يعني 20 نومبر تي ڊاڪٽر امداد سيهڙ (جنهن جو مختصر تعارف ورندڙ صفحن ۾ ايندو) مون کي ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري کي ڊائون ٽائون وٺي آيو جتي هو اسان کي تفصيل سان ٻڌائي ويو ته هتي اسان کي ڇا ڇا ڏسڻو هو. پاڻ پنهنجي آفيس هليو ويو ۽ ڊاڪٽر سومرو صاحب ۽ آءٌ ڊائون ٽائون گهمندا رهياسون، ۽ هتان جون اهم شيون ڏٺيوسين جن جو مختصر ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
سڀ کان پهريون اسان هتي ميٽرو ۾ سُوار ٿي وڃي ميوزيم ڊسٽرڪٽ جي اسٽيشن تي لٿاسين جتي ميوزيم آف فائين آرٽس ڏٺوسين جنهن ۾ گهڻو ڪري مختلف پينٽنگس کي نمايان ڪيو ويو هو. ان کانسواءِ مصر، عراق، پاپئا نيوگني ۽ ٻين ملڪن مان هٿ آيل مجسمن کي هتي آڻي ميوزيم ۾ سَجايو ويو آهي. ڪجهه اسلامي تهذيب جا نقش نگار به اسان کي هن آرٽ گئلريءَ ۾ ڏسڻ ۾ آيا. فائين آرٽ ميوزيم ڏسڻ کانپوءِ اسان ننڍن ٻارن جي ميوزيم ۾ وياسين پر اُتي اسان ٻارن کي مختلف مشينن ۽ عجوبن سان کيڏندي ڏٺو. هتي فقط ٻاراڻا عجوبا ۽ راندين روندين جو سامان هو تنهنڪري اسان پوڙهن مڙسن کي اُتي مزو نه آيو ۽ ٻارن جي ميوزيم مان جلد فارغ ٿي نيچرل ميوزيم آف هسٽري ۽ سائنس جي ڳولا ڪندا رهياسين جيڪو ڪافي گهمڻ ۽ رُلڻ جي باوجود به اسان کان نه لڌو. گهمي گهمي جڏهن ڏاڍا ٿڪجي پياسين ته سومري صاحب صلاح ڏني ته ماني کائي تازا توانا ٿي وري گهمڻ ڦرڻ شروع ڪجي.
ڊائون ٽائون جي پريسٽن جي علائقي ۾ سب-وي (Subway) ريسٽورنٽ ۾ ماني کاڌيسين. اسان جي ڀر ۾ ئي اسلامڪ دعويٰ سينٽر (Islamic Dawah Centre) هو جيڪو اڄ صبح جو ڊاڪٽر امداد ڏيکاريو هو ۽ تاڪيد ڪيو هئائين ته اهو سينٽر ضرور گهمجو. سو اسلامڪ دعويٰ سينٽر ۾ هليا وياسين جتي اردن جو هڪ مسلمان جنهن پنهنجو نالو امير ابو سليمان ٻڌايو، رسيپشن ڊيسڪ تي ويٺو هو. اسان کيس اسلام عليڪم چيو ته هڪدم وڏي آواز سان عربي لهجي ۾ وعليڪم السلام چيائين. ساڻس عليڪ سليڪ ٿي. جڏهن اسان کيس ٻڌايو ته اسان به مسلمان آهيون ۽ پاڪستان مان آيا آهيون ته هيڪاري وڌيڪ آڌرڀاءُ ڪيائين. ان کانپوءِ اسان کي سڄو سينٽر گهمايائين جيڪو هڪ وڏي ۽ عاليشان عمارت جي اندر آهي. هن سينٽر جي ٻي ڪا به خصوصيت ڪا نه هئي سواءِ ان جي ته ان جي اندر هڪ وڏي مسجد آهي جتي اردن واري همراهه امير ابو سليمان ٻڌايو ته فقط ظهر، عصر ۽ جمعي جي نماز باجماعت ٿيندي آهي. باقي مغرب، عشا ۽ فجر جون نمازون هتي نه پڙهيون وينديون آهن، ڇو ته هي سينٽر روزانو شام جو پنجين وڳي بند ٿي ويندو آهي. اهو ٻُڌي بهرحال افسوس ٿيو ڇاڪاڻ ته هيءَ عمارت ايتري ته وڏي ۽ عظيم الشان آهي جو هتي مسلمانن جي ٻارن کي اسلامي ۽ قرآني تعليم باقاعدگيءَ سان ڏيئي سگهجي ٿي. اسان اسلامي سينٽر گهمي وڃي هڪ هنڌ تي ڪافي پيتي ته ڊاڪٽر امداد جو فون اچي ويو ته آءٌ اوهان کي کڻڻ ٿو اچان. ان وقت شام جا ساڍا پنج ٿيا هئا.