لاس ائنجلس کان ملواڪي (وسڪانسن)
آچر 21 سيپٽمبر 1986ع تي شام جو ڇهين وڳي لاس ائنجلس جو شهر ڇڏي ملواڪي لاءِ روانا ٿياسون جيڪو وسڪانسن اسٽيٽ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. اسان جو جهاز ٺيڪ 7 وڳي اُڏاڻو ۽ فقط ساڍن ٽن ڪلاڪن جي اُڏام کان پوءِ ملواڪي پهتاسين. جيئن ته رات هئي تنهنڪري ايئرپورٽ تي چوڏس چانڊاڻ لڳي پيئي هئي ۽ هيءُ شهر به لاس ائنجلس وانگر تمام وڏو نظر آيو. هتي اسان جي رهائش جو انتظام هڪ عمدي هوٽل دي مارڪ پلازا هوٽل(The Marc Plaza Hotel) ۾ ڪيو ويو هو، جيڪو معيار ۾ ڊلسَ واري هِلٽن ان (Hilton Inn) کان به وڌيڪ معياري هو. هن هوٽل ۾ هڪ خوبصورت سئمنگ پول به هو جنهن ۾ جڏهن به وقت ملندو هو ته پيا ترندا ۽ ٽُٻيون هڻندا هئاسين.
هوٽل تي پهچي ڊنر ڪئيسون، ان کان پوءِ هڪدم بسترن ۾ هليا وياسين ڇاڪاڻ ته هڪ ٻن ڏينهن کان خاص طرح آءٌ ته ڏاڍو ٿڪل هوس ۽ لارا جي سهڻي ۽ آسيس ڏيندڙ ساٿ جو اوجاڳو کانئس پري ٿيڻ کان پوءِ شدت سان محسوس ٿي رهيو هو. جيئن بستري تي پاڻ کي ڪيرايم ته اگهور ننڊ وڪوڙي ويئي. روم سروس ڪائونٽر تي چئي ڇڏيو هوم ته صبح جو 8 وڳي چانهه ڏين، سو ٻئي ڏينهن تي ٺيڪ اٺين وڳي صبح جو دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. بئرو چانهه کڻي آيو هو. چانهه پيتم ته فريش ٿي ويس. بهرحال اڳواٽ طئه ٿيل پروگرام موجب 9:30 صبح جو هوٽل ڇڏيوسين ۽ سوا ڏهين وڳي اسان يونيورسٽي آف وسڪانسن ملواڪي ۾ پهچي وياسين. ڇا ته هن يونيورسٽيءَ جو شان هو، سڄي يونيورسٽي ڪئمپس ۾ شاندار عمارتون ٺاهيون ويون آهن ۽ هتي 80 کان وڌيڪ سبجيڪٽ (Disciplines) ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. وڏن ۽ مکيه سبجيڪٽن کان سواءِ ڪيترائي ننڍا ننڍا شعبا به آهن جن ۾ پڻ تعليم ڏني وڃي ٿي. هيءَ يونيورسٽي ميلن ۾ پکڙيل آهي ۽ اسان کي پنڌ گهمائيندي بيشمار شعبن (Faculties) ڏانهن وٺي ويا، نيٺ هڪڙي شعبي ۾ وڏو هال ٺهيل هو جتي وڃي ويهاريائون ۽ اسان کي ٻڌايائون ته هي اليڪٽرانڪ ڪميونيڪيشن (Electronic Communication) جو شعبو آهي جتي ٽيليويزن وسيلي پڙهائي ٿيندي آهي ۽ اُهي شاگرد جيڪي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا نٿا وٺي سگهن ته اُهي فقط اليڪٽرانڪ ڪميونيڪيشن جي فئڪلٽي ۾ داخلا وٺن ٿا جيڪا اُنهن کي سستي پوي ٿي ۽ اُهي شاگرد پنهنجن گهرن ۾ ويهي ٽيليويزن جي ذريعي تعليم حاصل ڪن ٿا. وڏا وڏا پروفيسر ٽيليويزن تي اچي ليڪچر ڏين ٿا جن کي ڏسي شاگرد تعليم پرائين ٿا. سوالن جوابن دوران مون به کين ٻڌايو ته پاڪستان ۾ پڻ اسلام آباد ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي آهي جيڪا ٽي وي ۽ ريڊيو ذريعي شاگردن کي تعليم ڏئي ٿي ۽ پاڪستان ۾ پڻ اهو تجربو ڪافي ڪامياب رهيو آهي.
وسڪانسن يونيورسٽي وارن اسان جي لاءِ منجهند جي ماني (Lunch) جو عمدو انتظام ڪيو هو جنهن ۾ مڇي ۽ جهينگن سميت ڪيترائي طعام رکيا ويا هئا. ماني تمام لذيذ هئي. مون ۽ يونائيٽيڊ عرب اميريٽس جي ماها گارگيش (Maha Gargesh) سندن شڪريو ادا ڪيو. شام جو پنجين وڳي تائين يونيورسٽيءَ ۾ گهمندا ڦرندا ۽ مختلف شعبا ڏسندا رهياسين ۽ ڇهين وڳي هوٽل تي موٽي آياسين. اسان جي دوستن طئي ڪيو هو ته ٺيڪ 10 وڳي ڊائننگ هال ۾ گڏجي ماني کائينداسين ۽ ڪچهري به ڪنداسين. جيئن ڊائننگ هال ۾ آياسين ته ڪافي ساٿي اچي ويا هئا ۽ ٿوري دير ۾ سڀئي موجود ٿي ويا. اڄوڪي ٽوئر بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ سڀني پنهنجي خوشيءَ ۽ پسند جو اظهار ڪيو. 11:30 وڳي هڪ ٻئي کي خدا حافظ چيوسين ۽ پنهنجن پنهنجن بيڊرومز ۾ اچي وياسين.
19 سيپٽمبر: اسان جو براڊڪاسٽنگ گروپ جتي به پهچندو هو ته اُتي اڳواٽ اسان کي پرنٽ ٿيل پروگرام ڏنو ويندو هو ته ڪهڙي ڏينهن ۽ ڪهڙي وقت ڪٿي هلڻو آهي، وغيره. اڄ جا سُور اڳواٽ ئي سُجهيا پئي ته اڄ به هڪ يونيورسٽيءَ ۾ وڃڻو هو. سُور سُجهڻ جا لفظ مون انڪري استعمال ڪيا آهن جو يونيورسٽين جا ڪئمپَس تمام وڏا ٿين ٿا جتي گهمي گهمي ڏاڍا ٿڪجي پوندا هئاسين، توڙي جو اُتي حاصل به گهڻو ڪجهه ڪندا هئاسين. بهرحال اڄ به ڪالهه جي پروگرام وانگر هوٽل مان 9:30 وڳي صبح جو روانا ٿي پوري ڏهين وڳي مَرڪ يونيورسٽي (Marquette University) پهچي وياسين. يونيورسٽي آف وسڪانسن وانگر هيءَ يونيورسٽي پڻ تمام وڏي ۽ شانائتي هئي، هڪ عاليشان هال ۾ اسان کي ويهاريو ويو. ٿوريءَ دير ۾ يونيورسٽيءَ جا وڏا وڏا پروفيسر صاحبان به اسٽيج تي اچي ويٺا ۽ اسان سڀني پنهنجو پنهنجو مختصر تعارف ڪرايو جيڪو دستور موجب هر نئين هنڌ تي ٿيندو هو. تعارف دوران ڪافي ۽ ريفريشمينٽ جو دور هليو ۽ پوري ٻارهين وڳي اسان يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن ڏانهن پيرين پيادو هلڻ شروع ڪيو.