امان االله تُرڪ طرفان رات جي مانيءَ جي دعوت
تمام پُرتڪلف دعوت ۽ ٽي-چار ڪلاڪ سٺي ۽ قربن ڀري ڪچهري ٿي. پراڻن وقتن جون ڳالهيون ٿيون ۽ ماضيءَ کي ويهي ياد ڪيوسين. جڏهن نيرَ باري صاحب مون کان پڇيو ته منهنجو تعلق سنڌ جي ڪهڙي ضلعي سان هو ته مون کيس ٻڌايو ته خيرپور ضلعي سان ته نير باري چيو ته هُو ته سٺ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ خيرپور ۾ ٽي سال ڊپٽي ڪمشنر رهي چڪو هو ۽ مون ساڻس انڪشاف ڪيو ته: ”اوهان جي وقت ۾ ئي مون ڊوميسائيل ۽ سٽيزن شپ سرٽيفڪيٽ اوهان کان ئي ورتا هئا“. مُرڪندي مون کان پڇيائين: ”پوءِ سچ ٻڌايو ته اوهان کي سرٽيفڪيٽن وٺڻ ۾ ڪا دقت يا تڪليف ته نه ٿي هئي؟ جي ٿي هئي ته هاڻي، هن موقعي تي اوهان کان معافي وٺي ڇڏيان“. مون سورهن آنا سچ ڳالهائيندي ساڻس ڪجهه وڌيڪ حقيقتن جو انڪشاف هن طرح ڪيو:
”سائين آءٌ ممتاز ڪاليج ۾ پڙهندو هوس، جتي 1961ع ۾ ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ هڪ انگلش ڊبيٽ جو مقابلو ٿيو هو، جنهن ۾ خاص مهمان اوهان هئا ۽ مون ان ڊبيٽ ۾ پهريون انعام کٽيو هو. ڪاليج طرفان فرسٽ پرائيز کٽندڙ لاءِ رکيل ٽرافي به اوهان پنهنجن هٿن سان مون کي ڏني هئي ۽ اوهان منهنجي تقرير کان ايترا ته متاثر ٿيا هئا جو اوهان پنهنجي کيسي مان مون کي ٻه سئو رپيا انعام الڳ ڏنو هو. پوءِ جڏهن ڪجهه وقت کانپوءِ ڊوميسائيل وٺڻ لاءِ آءٌ اوهان سان مليو هوس ته اوهان پري کان ئي مون کي ڏسي مون کان پڇيو هو ته: ”اوهان اُهي ساڳيا اسٽوڊنٽ ته نه آهيو جنهن کي ممتاز ڪاليج جي ڊبيٽ ۾ مون انعام ڏنا هئا“. ”سائين مان ساڳيو عنايت الله بلوچ آهيان جنهن کي اوهان ٽرافي سان گڏ ذاتي انعام ڏيڻ سان به نوازيو هو“. وراڻيو هوم.
پوءِ نيرَ باري صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ مون کي ٻيهر ڀاڪر پاتائين ۽ اهو به چيائين ته تصور ۾ جڏهن جڏهن به خيرپور جون يادون اينديون هيون ته اوهان به ياد ايندا هيئو ۽ سوچيندو رهندو هوس ته يقينن اُهو هوشيار اسٽوڊنٽ ڪنهن مٿاهين مرتبي تي ضرور پهتو هوندو ۽ اڄ هي ڪيڏو نه حسِين اتفاق ٿيو آهي جو ترڪ صاحب وٽ اوهان سان ملاقات ٿي ويئي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر امداد سيهڙ نيرَ باري صاحب کي ٻڌايو ته: ”باري صاحب! عنايت بلوچ صاحب پنهنجي ڪيريئر ۾ نه رڳو وڏا مرتبا ماڻيا پر اسان جي هن دوست جو شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۽ اديبن ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته عنايت صاحب شاهه جي رسالي جو وڏو ڄاڻو آهي ته غالب ۽ علامه اقبال جو به خوب مطالعو اٿن“. بهرحال دوست ڏاڍا خوش ٿيا ۽ 12 وڳي سڀ موڪلائي هليا ويا پر اڳ ۾ ئي طئه ٿيل پروگرام موجب امان الله ترڪ صاحب مون کي پاڻ وٽ ترسايو ۽ چيائين ته هاڻي ته دير ٿي ويئي آهي، صبح جو وري اوهان سان ڪچهري ڪنداسون.
صبح جو ٺيڪ 8 وڳي چانهه پيتيسون ۽ 9:30 وڳي ٽيبل تي ناشتو لڳو ته امان الله صاحب سان گڏ سندس شريڪِ حيات ادي عنبرين به اسان سان گڏ اچي ويٺي. ادي عنبرين به نهايت ئي مانائتي لڳي. نه منجهس آڪڙ، نه وڏائي، اسان سان گڏجي ماني کاڌائين ۽ ڪچهري ڪرڻ ۾ پڻ شريڪ ٿي. مون کي امان الله ترڪ ۽ ادي عنبرين جي جوڙي بيحد قربائتي لڳي جن ۾ مون کي سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ مڻين محبت محسوس ٿي.