پئرس ۾ ڏيڍ ڏينهن
انورزاده خٽڪ سان پاڪستاني سفارتخاني ۾ ملڻ جو پروگرام ٺاهي اُتان بس ۾ ويهي اچي هڪ جڳهه تي لٿس جتان پئرس جي ميٽرو (Metro) يعني زير زمين ريلوي ۾ سُوار ٿي اچي چارلس ڊيگال جي ميٽرو اسٽيشن تي لٿس. سفارتخاني ڳولڻ ۾ ڪابه تڪليف ڪانه ٿي ڇو ته اڳ 1983ع ۾ به پنهنجي سفارتخاني ۾ وڃي چُڪو هوس. گهڙي کن سفارتخاني ۾ ڪچهري ڪري ٻاهر نڪتاسين. مختلف هنڌن جو چڪر ڏنوسين جهڙوڪ سينٽ مائيڪل جو مشهور علائقو، رُوڊي ريوالي (Rue-de-Rivoli) جيڪو پئرس جي بهترين شاپنگ سينٽرن جو پُررونق علائقو آهي. اُتان هڪ دفعو ٻيهر ناتخ ڊيم جي چرچ(Church of Notre Dame) آياسين جنهن کي ٻيهر خوب گهميوسين. اُتان وري سين درياهه (Siene River) گهمندا آئفل ٽاور جي ڦوهارن وٽ اچي بيٺاسين. مختلف هنڌن تي فوٽا به خوب ڪڍياسين. گهمي گهمي ڄنگهن ۾ سور پئجي ويو ۽ شام به ٿي چُڪي هئي. هاڻي وقت هو شانزي ليزي جي سير جو. ٻه ڪلاڪ کن شانزي ليزي (Champs Elysees) گهمياسين. دنيا جي هن ويڪري ۾ ويڪري سڙڪ تي جيئن رات جو پهر پُٺتي ويندو آهي، تيئن هتي عشق، حُسن ۽ جوانيءَ جي جلون جو جوڀن اڳتي وڌندو آهي. جيئن رات پُٺتي تيئن رنگ ۽ رونق اڳتي. اُتي ئي فٽ پاٿ جي ريسٽورنٽ ۾ ويهي ماني کاڌيسون. رات جا ٻارنهن ٿي چُڪا هئا ته انورزادي چيو: ”شايد توهان کي پنهنجي هوٽل تي وڃڻ لاءِ روح ڪونه ٿو ٿئي. مان به اوهان جي ڪمپنيءَ مان خوب لطف اندوز ٿي رهيو آهيان، پر بهتر ٿيندو ته اوهان جي هوٽل تي هلون جيئن اوهان کي وڌيڪ دير نه ٿي وڃي“. مون ضِد ڪيو ته سندس هلڻ جي ضرورت ڪانه هئي پر اٽلو پاڻ ضِد ڪيائين ته آءٌ اوهان کي ڇڏي پوءِ واپس ورندس ۽ اُتي هوٽل تي به گھڙي کن ويهي ڪچهري ڪنداسون.
انورزادو وڏو قربائتو شخص هو، سو هڪ ڪوڏي به مون کي خرچ ڪرڻ نه ڏنائين. جي مان ضِد ڪيانس ته چوي: ”ڇو ڀلا مهمان نوازيءَ جي ٺيڪو رڳو اوهان سنڌين کنيو آهي ڇا؟. جناب! اسان به مهمان نوازي ڄاڻون ٿا. اڄ تون منهنجو مهمان آهين تنهنڪري خرچ سڄو مان ڪندس“. منهنجي گهمائڻ ڦيرائڻ ۽ کارائڻ پيارڻ ۾ سندس ڪافي فرئنڪ خرچ ٿي چُڪا هئا، پر ان کان وڌيڪ سندس خلوص ۽ محبت وارو رويو هو جنهن جي قيمت هرگز نٿي ڪَٿي سگهجي. وڏي ڳالهه ته منهنجو اڄوڪو ڏينهن جيڪو هونئن بغير ڪنهن سنگتي ساٿي جي بوريت ۾ گذري ها، سو ڏاڍو ڪارائتو ۽ سڦلو گذري ويو.
پئرس ۾ گهميل جاين جڳهين بابت جيئن ته مان پنهنجي ٻئي سفرنامي ”پرديسي ڪهڙا پرين“ ۾ اڳ ئي ڪافي تفصيل سان لکي چُڪو آهيان تنهنڪري ٻيهر لکڻ اجايو آهي.
انورزادو مون کي هوٽل تي ڇڏي اڌ مُنو ڪلاڪ مون سان وڌيڪ ڪچهري ڪري پاڻ رات جي ڏيڍ وڳي ڌاران واپس موٽي ويو ۽ مان به گهڙي پل کان پوءِ بيڊ تي ڪِري پيس. سڄو ڏينهن گهمي گهمي ٿَڪَ ان حد تائين ٿيو هو جو يقين اٿم ته بيڊ تي سمهڻ واري پهرين منٽ ۾ ئي ننڊ وٺي ويئي هوندي.
اڄ 31 آگسٽ هئي ۽ مون کي پئرس مان واشنگٽن پهچڻو هو. ننڊ مان ساڍي ڏهين ڌاران اُٿيس ۽ احساس ٿيو ته دير ٿي ويئي اٿم جو ٻارهين وڳي مون کي ايئرپورٽ تي پهچڻو هو. تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي ناشتو ڪيم ۽ ساڳي شٽل سوفيٽيل ۾ سُوار ٿي ايئرپورٽ پهتس. اڄ منهنجي بوڪنگ ٽرنس ورلڊ ايئر لائينس (TWA) ذريعي ٿيل هئي.
(TWA) جو جهاز فرانس جي وقت مطابق منجهند جو پوري ڏيڍ وڳي اُڏاڻو. توڙي جو TWA جو معيار به بهتر نظر آيو پر برٽش ايئرويز، ايئر فرانس ۽ رائل ڊچ ايئرلائنس (KLM) جي مقابلي جو هرگز نه هو. پورا ست ڪلاڪ لڳاتار اُڏام کانپوءِ اچي واشنگٽن ڊولس ايئرپورٽ (Washington Dulles Airport) پهتس جتي مقامي وقت مطابق شام جا ٽي وڳا هئا.