مئنچيسٽر ايئرپورٽ تي لئنڊنگ جو نظارو
۽ ان کانپوءِ جهاز مئنچيسٽر ايئرپورٽ تي لئنڊنگ ڪري ويو. پر سچ پچ ته خبر ئي نه پيئي ته جهاز ڪيئن لئنڊنگ ڪئي جو ٿورڙو ڌڏڪو به محسوس نه ٿيو ته مون فورن وڏي آواز سان چيو Perfect and Excellent Landing (يعني ڪپتان صاحب ڪمال جي لئنڊنگ ڪئي آهي). چيف ڪپتان ممتازالحق پنهنجي ننڍي پائلٽ خالد صاحب جي پُٺي ٺپيندي ۽ کيس همٿائيندي مون کي انگريزيءَ ۾ چيو: ”بلوچ صاحب، خالد صاحب، ڪمال جو پائلٽ آهي ۽ مون کي پنهنجن اهڙن آفيسرن تي هميشه ناز هوندو آهي“.
مون ڪپتان صاحب ۽ خالد صاحب کي Thank you چيو ۽ پنهنجي سيٽ تي اچي ويس. ايئرپورٽ تي اسان کي لهڻ لاءِ چيو ويو. مئنچيسٽر جو هوائي اڏو تمام خوبصورت هو پر وٺ پڪڙ ۽ حفاظتي انتظام بيحد بدصورت هئا. مون اڳ به ڏاڍا سفر ڪيا آهن پر ٽرانزٽ مسافرن لاءِ اهڙي سخت چيڪنگ مون اڳ ڪڏهن به ڪانه ڏٺي. اسان کان ڪوٽ ۽ بوٽ به لهرايا ويا ۽ عورتن کان سئيٽر لهرائي انهن جي به تلاشي ورتي وئي. مئنچيسٽر جي هوائي اڏي تي ٻه ڪلاڪ کن ترسياسون. پاڪستان جي وقت مطابق رات جو 12 وڳي ۽ برطانيه جي وقت مطابق رات جو 8 وڳي هوسٽن رواني ٿيڻ لاءِ سڏ ٿيو. جيئن جهاز ۾ اندر داخل ٿيس ته مون جهاز جي هڪ سينيئر آفيسر کي چيو: ”جنهن جهاز جي ڪپتان جي ڊيوٽي مئنچيسٽر تائين هئي ان منهنجي سيٽ اپگريڊ ڪئي هئي ته اوهان به مهرباني ڪري مون کي فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ ڏيو“. سينيئر آفيسر جنهن جو نالو رفيق غوري هو، ان مون کي ٻه-ٽي منٽ اُتي ئي بيهڻ جو چئي پاڻ هليو ويو ۽ فقط پنجن منٽن ۾ موٽي آيو ۽ مبارڪ ڏيندي چيائين: ”خوش قسمتيءَ سان اوهان جي ڀاڳن ۾ فقط هڪ سيٽ بزنس ڪلاس ۾ موجود آهي، اُتي ويهو ۽ اِهو به چيائين ته بزنس ڪلاس ۽ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي“. پوءِ مون کي وٺي وڃي بزنس ڪلاس جي آرامده سيٽ تي ويهاريائين.
مقامي وقت موجب جهاز پوري 8:30 وڳي رات جو اڏاڻو ۽ پورن ساڍن 9 ڪلاڪن جي اُڏام کانپوءِ اسان هوسٽن جي جارج بُش انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لهي وياسون. پاڪستان جي وقت موجب صبح جا 10 ٿي رهيا هئا ته هتي هوسٽن ۾ رات جا يارهن ٿيا هئا ۽ اڃا هتي جنوري جي 4 تاريخ هئي. يعني پاڪستان مان به اڄوڪي تاريخ يعني 4 جنوري تي هليو هوس ۽ 22 ڪلاڪ سفر ڪرڻ کانپوءِ به ساڳي 4 جنوري جي تاريخ هئي. اهو ان ڪري جو هوسٽن جو وقت پاڪستان کان 11 ڪلاڪ پُٺتي آهي (گرمين ۾ 10 ڪلاڪ ۽ سردين ۾ 11 ڪلاڪ).