ويهن سالن کان پوءِ وري آمريڪا ۾
پر اڄ جڏهن 4 جنوري 2006ع تي آمريڪا جي شهر هوسٽن لاءِ روانو ٿي رهيو هوس ته منهنجا گهڻائي جاني جگر اُتي موجود هئا. منهنجو پُٽ اعجاز ۽ منهنجا ٻه ڀائٽيا ممتاز ۽ فاروق هوسٽن ۾ موجود هئا ۽ نيو يارڪ ۾ وري منهنجو سڳو سوٽ نعمت ديرو ڄمايو ويٺو هو، تنهنڪري دل کي وڏو آٿت هو ته آمريڪا ۾ وقت سٺو گذرندو. هوسٽن لاءِ منهنجي فلائيٽ PK-713 رات جو ٽين وڳي وايا لاهور رواني ٿيڻي هئي، پر منهنجي ڀائيٽي فياض جيڪو ان وقت پي آءِ اي ۾ فلائيٽ آپريشنز آفيسر هو، پُڇي پڪ ڪئي ته لاهور ۾ سخت ڪوهيڙ ۽ ڌُنڌ سبب فلائيٽ صبح جو 9 وڳي رواني ٿيندي. هڪدم ٽاءِ کولي، سوٽ بدلائي، ڪانچ قميص پائي هدايت سان ڪچهري ڪري رات جو ڏيڍ وڳي سُتس. تنئوکري ۾ رات جو ٻه دفعا جاڳ ٿي، پر ان وقت اڃا اڌ رات هئي. البت صبح جو گهري ننڊ ۾ سُتل هوس ته منهنجي ڀيڻ اچي جاڳايو: ”ادا ڏسو ڪٿي اوهان جي جهاز جو ٽائيم ته نه ٿيو آهي“. گهڙيال تي نظر وڌم ۽ هڪدم اُڊڪو ڏئي اُٿيس. ڀيڻ جا ٿورا مڃيم ۽ تڙتڪڙ ۾ تيار ٿي، هدايت ۽ فياض سان گڏجي صبح جو 8 وڳي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچي وياسين. ڪامران، اڪبر جي گهر ترسيل هو اُهو به ايئرپورٽ پهچي ويو. هدايت ۽ فياض ٻيئي مون سان گڏجي ايئرپورٽ جي اندر داخل ٿيا ۽ آسانيءَ سان اميگريشن وغيره جا مرحلا طئي ٿي ويا. فياض جي ڪوششن سان مون کي Leg space واري سيٽ ملي ويئي ۽ مان دل ۾ باغ بهار ٿي ويس ڇو ته ان سيٽ تي ڄنگهون پکيڙي ماڻهو آرام ۽ آسائش سان سفر ڪري سگهندو آهي. ڪيترن سالن کان وٺي اها سيٽ منهنجي ڪمزوري ۽ دل جي دعا رهندي آئي آهي ۽ گهڻن ئي موقعن تي اها سيٽ وٺڻ ۾ آءٌ ڪامياب رهيو آهيان. ڪراچيءَ کان اسلام آباد توڙي جو فقط ڏيڍ ڪلاڪ جي اُڏام هوندي آهي. تڏهن به Leg space واري سيٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. فياض کي وڏو Thank you چئي، کائنس ۽ هدايت کان موڪلائي وڃي ويٽنگ لائونج ۾ ويٺس. ڪراچيءَ کان جهاز صبح جو پوڻين يارهين وڳي اُڏاڻو ۽ پوري ٻارهين وڳي اسان لاهور ايئرپورٽ تي لئنڊ ڪري وياسين. لاهور ۾ پورا ٻه ڪلاڪ ترسياسين جتي هيٺ لهڻ به نه ڏنو ويو ۽ ڪافي بوريت رهي. نيٺ منجهند جو پوري 2 وڳي لاهور ايئرپورٽ تان جهاز Take off ڪيو. ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ اسان کي منجهند جي ماني کارائي ويئي. ماني بس ٺيڪ ٺاڪ هئي پر اوتري معياري نه هئي جيتري ٻين وڏين ايئرلائنن جي هوندي آهي.