عنايت بلوچ صاحب، سنڌي ٻوليءَ جو بَرجستو ۽ هر دلعزيز شاعر ته آهي ئي آهي، پر هُن پنهنجي دلچسپ نثر ذريعي به پڙهندڙن جي دلين کي موهيو آهي. سندس سفرنامي لکڻ جو انداز هجي يا وري شخصيتن تي لکيل خاڪا هُجن يا ڪتابن جا لکيل مُهاڳَ، عنايت بلوچ صاحب جي تحريرَ پڙهندڙن کي اَڌَ مان هَٿُ ڇڏائڻ ناهي ڏيندي. براڊڪاسٽنگ جي دنيا ۾ عنايت صاحب جو نالو اسان سڀني لاءِ فخر جوڳو رهيو آهي. بلوچ صاحب مختلف وقتن تي آمريڪا جا جيڪي سفر ڪيا آهن، انهن جو احوالُ تمام سُهڻي ۽ مَنَ موهيندڙ انداز ۾ هن ڪتاب ۾ ملي ٿو.
”....جڏهن عنايت جي ٻاهرين وِزٽس جو ذڪر آيو آهي ته سندس ٽن سفرنامن جو ذڪر ڇو نه ڪجي. اِهي ٽي سفرناما: ”پرين جي پرديس“، ”پرديسي ڪهڙا پرين“، ۽ ”سهسين ٿيا سارنگ“، اُن وقت لکيا ويا هئا جڏهن عنايت بلوچ ريڊيو پاڪستان جي هڪ اهم عهديدار جي حيثيت ۾ ڪرڪيٽ مئچز ڪَور ڪرڻ لاءِ انگلنڊ، ويلز، آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ ويو هو. دلچسپ پيرايي ۾ بيان ڪيل اِهي سفرناما سنڌي سفرنامن جي تاريخ جو حصو بڻيا. مون سندس اِهي سفرناما اڳ به پڙهيا هئا، پر تازو ماهوار ”سرگذشت“ اردو ۾ ترجمو ٿيل ٻيهر پڙهيم. سائين محترم قاضي عبدالمجيد عابد صاحب جي مشهور سفرنامي”سفر يورپ جي ڊائري“ جون سڪون ٿي لٿيون. هونئن به قاضي عابد صاحب جهڙي عظيم هستيءَ سان عنايت بلوچ صاحب جو تمام ويجهو رستو رهيو. خاص طرح اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن قاضي صاحب انفارميشن ۽ براڊڪاسٽنگ جو فيڊرل منسٽر هو ۽ عنايت بلوچ صاحب ريڊيو حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر هو. قاضي صاحب جي آمد تي عنايت صاحب ريڊيو اسٽيشن تي ٻاهر لان ۾ شاندار فنڪشن ڪيو هو، جنهن ۾ قاضي صاحب عنايت بلوچ جي تمام گهڻي تعريف ڪري کيس هڪ سٺو منتظم ۽ براڊڪاسٽر قرار ڏنو هو. اُهو ڏينهن مون کي چٽيءَ طرح سان ياد آهي. مون عنايت کي اهڙين شخصيتن جي ويجهو ڏٺو جن ڄڻ سندس تربيت ٿي ڪئي، جيئن قبله مخدوم طالب الموليٰ جهڙي هستيءَ سان به گهڻي نيازمندي هيس“.