هوسٽن ۾ سائين جي.ايم.سيد جي سالگرهه
جڏهن سائين جي.ايم.سيد جي سالگره جي ڪيڪ ڪاٽڻ جو وقت آيو ته سائين ضيا شاهه (سائين امداد محمد شاهه جي پٽ ۽ سائين جي.ايم.سيد جي پوٽي) مون کي اسٽيج تي سڏيو. اهڙيءَ طرح ضيا شاهه، سندس ننڍڙي پُٽ ۽ مون گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو. منهنجي هن عزت افزائيءَ ۾ سائين ڊاڪٽر امداد سيهڙ جو وڏو حصو هو. توڙي جو ضيا شاهه صاحب مون کي اڳ ۾ به ڄاڻندو هو پر تڏهن به سيهڙ صاحب ساڻس منهنجو ڀرپور علمي ۽ ادبي تعارف ڪرايو هو. ان کان پوءِ موقعي جي لحاظ کان مون شعر پڙهيا جيڪي مون تازو اڄ ئي لکيا هئا. الله جي مهربانيءَ سان اڪيلو آءٌ ئي هوس جنهن کي شاعري پڙهڻ تي ۽ ڳالهائڻ تي ڀرپور داد مليو. ماڻهن خوب تاڙيون وڄائي مون کي داد ڏنو ۽ جڏهن اسٽيج تان لهي آيس ته ڪيترن ماڻهن محبت مان منهنجي ڳلن تي چُميون ڏنيون ۽ نوجوانن جن ۾ ادڙيون به شامل هيون، مون کان آٽوگراف ورتا. پهريون مون هي قطعو پڙهيو:
آهي ڇا ڪرڻو اسان کي، هُو ته سمجهائي ويو،
سنڌ جو سيد اسان کي واٽ وٺرائي ويو،
ديس جا دشمن دسي، ٿيون سرخرو سڀ سنڌ سان،
ننڊ ڪرڻي ناهي يارو! هو ته جاڳائي ويو.
هن قطعي تي به ڀرپور تاڙيون وڳيون ۽ داد مليو. ان کانپوءِ مون هي گيت پڙهيو:
جوڌا جاڳو، سنڌي جاڳو،
جاڳو جاڳو، جلدي جاڳو.
وک وڌائڻ جو ٿيو سيهو
ماٺ ڪري پر مور نه ويهو
سيد جو هي آهي سنيهو
جوڌا جاڳو، سنڌي جاڳو
جاڳو جاڳو، جلدي جاڳو
سڻ نه ڪنهن جي تيري ميري
آهي اسان جو هرڪو ويري
دسي دشمن کي ڪر ڍيري
جوڌا جاڳو، سنڌي جاڳو
جاڳو جاڳو، جلدي جاڳو.
ڪالا باغ نه هرگز ٺهندو
پر جي ٺهندو، ڊهندو ڊهندو
ڊهندو ڊهندو مور نه رهندو
جوڌا جاڳو، سنڌي جاڳو
جاڳو جاڳو، جلدي جاڳو.
سنڌي آهيو، سنڌ بچايو
آزاديءَ جا نغما ڳايو
وارو ڄاڻ ”عنايت“’ آيو
جوڌا جاڳو، سنڌي جاڳو
جاڳو جاڳو، جلدي جاڳو.
22 ۽ 23 جنوري 2006ع جا ٻه ڏينهن مون ڪلوٽ ۾ اعجاز سان گڏ گذاريا. هي ٻيئي ڏينهن مون خوب نِنڊون ڪيون ۽ پاڻ کي تازو ڪيم ڇاڪاڻ ته پويون پورو هفتو نيويارڪ توڙي هوسٽن ۾ رڳو گهمندي ۽ هلندي ڦرندي گذريو هو. البت شام جو ٻئي ڏينهن ڪاڇيلو صاحب ڪنهن پارڪ يا ريسٽورنٽ ۾ وٺي ويندو هو ۽ چانهه يا ڪافي پي گهر موٽي ايندا هئاسين.