شهناز عزيز جي گهر ۾ رهائش
شهناز به ريڊيو ۾ بلڪل ائين هئي سڀ ڪنهن جي لاڏلي، هر ڪنهن کي پياري، هر ڪو سندس عزت ڪري، ڪير هجي جنهن کي شهناز ڪو ڪم چوي ته اُهو شخص خوشيءَ سان سندس ڪم نه ڪري، سواءِ انهن بدبختن جي جيڪي اُنهن نازڪ ۽ نفيس جذبن کان هميشه واسطي محروم ۽ نا آشنا رهيا آهن.
شهناز کي ٽيليفون ڪيم. رِسِيوَر سندس جيون ساٿي عزيز کنيو جنهن فورن منهنجو آواز سڃاڻي ورتو توڙي جو مون اڳ ڪڏهن به ٽيليفون تي ساڻس ڳالهايو ڪو نه هو. پر پوءِ خبر پيئي ته وائيس آف آمريڪا ۾ اسان جي اچڻ جو اطلاع اڳواٽ ئي پهچي چُڪو هو ۽ شهناز جيئن ته اُتي ڪم ڪري ٿي ته ان اهو اطلاع اڳ ۾ ئي عزيز تائين پهچائي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ شهناز ڳالهايو - اُهوئي پنهنجائپ وارو لهجو، جنهن ۾ ڪا به ملاوٽ ڪانه، ساڳي ريڊيو واري شهناز ڳالهائي رهي هئي. چيائين، بس اسين اوهان وٽ اچون پيا.
ڪلاڪ کن اندر پهچي ويا. پهريون دفعو سندس هنج ۾ هڪ گلن جهڙو ٻارڙو ڏٺم جيڪو بيحد خوبصورت، وڻندڙ ۽ شهناز جهڙو ئي Cute ۽ چلولو لڳو. اچڻ شرط سندس نئين سوکڙي تي کيس مبارڪباد ڏنم. شهناز چيو: ”فورن تيار ٿي وٺ ته اظهار ڪاظمي صاحب جي گهر هلون جتي اڄ سندس ڌيءَ جي سالگرهه آهي“. اظهار ڪاظمي صاحب ريڊيو جو پراڻو براڊڪاسٽر آهي ۽ ڪجهه سال اڳ رٽائرمينٽ وٺي آمريڪا هليو ويو جتي وائيس آف آمريڪا تان پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو آهي. ڪاظمي صاحب مون کي ڏسي تعجب ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ مون کي به ساڻس ملي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي.
شهناز ۽ سندس خاوند عزيز صاحب ٻنهي زور ڀريو ته مان هوٽل ڇڏي ساڻن گڏ وڃي رهان. منهنجي لاءِ وڏو مسئلو ٿي پيو. هوٽل ۾ به مختلف ملڪن کان آيل دوستن ۽ ساٿين سان بي تڪلف رابطا ۽ ڪچهريون قائم ٿي چُڪيون هيون، جن کي ڇڏڻ دل نٿي چاهيو. هوڏانهن ڀاءُ عزيز ۽ شهناز جو بي انداز خلوص هو. ٻه ٽي ڏينهن ته ٽاريندو رهيس. نيٺ چوٿين ڏينهن تي زوري سامان گاڏي ۾ رکي پنهنجي گهر وٺي ويا، جيڪو واشنگٽن ڊي سِي يعني گاديءَ جي هنڌ کان ٻاهر ورجينا اسٽيٽ ۾ هو. ورجينا ۽ واشنگٽن ڊي سي بلڪل پاڻ ۾ گڏيا پيا آهن. هڪڙو ئي شهر آهي، بلڪ ائين جيئن ڪراچي ۾ ناظم آباد يا سوسائٽي جا علائقا هجن. اها ٻي ڳالهه آهي ته واشنگٽن ڊي سي انتظامي لحاظ سان بلڪل الڳ حيثيت رکي ٿو. گهر ۾ شهناز جا والدين به موجود هئا جيڪي پڻ بيحد خلوص سان پيش آيا.