نعمت ۽ مير عبدالرسول مير جا فون تي رابطا
مير عبدالرسول مير منهنجو توڙي منهنجي ڀاءُ هدايت بلوچ جو پراڻو دوست رهيو آهي ۽ اها دوستي گذريل 40-45 سالن کان وٺي قائم آهي. ٻيو وري اسان ٽيئي شاعريءَ جي ساڳي رشتي ۾ به سلهاڙيل رهيا آهيون. ڪيترن ئي مشاعرن ۾ گڏ شعر پڙهيا اٿئون ۽ ڪيترين ئي ادبي محفلن ۽ بيٺڪن ۾ گڏ اُٿيا ويٺا آهيون. پر سچي ڳالهه اها آهي ته دوستيءَ جي ان رشتي کي پوري وفاداري ۽ خلوص سان نباهڻ ۾ گهڻو هٿ مير صاحب جو آهي. هڪ ڏينهن اوچتو هڪ فون آيو، نمبر پاڪستان جو هو، لائين ڪجهه صاف نه هئڻ سبب مان آواز سڃاڻي نه سگهيس ته پاڻ چيائين ته سائين آءٌ مير عبدالرسول پيو ڳالهايان. سچ ته ڏاڍي خوشي ٿي. بس پوءِ ته هر ٽئين چوٿين ڏينهن ٽيليفون تي پيو حال احوال اوريندو هو. مون کي ڏاڍي دلي خوشي پهچندي هئي جڏهن مهربان مير صاحب جو فون ايندو هو. وري مون کي وندرائڻ لاءِ پاڪستان توڙي سنڌ جون نيون تازيون خبرون به پيو ٻڌائيندو هو ۽ ادبي سرگرمين جا احوال به پيو ڏيندو هو. ٻه چار ٻيا دوست به آهن جن هڪ ٻه دفعا فون ڪري ياد ڪيو هو پر جنهن دوست پاڪستان مان پورو مهينو لڳاتار ٽئين چوٿين ڏينهن سار ٿي لڌي اهو فقط مير عبدالرسول مير هو.
.....ها هتي مهربان پڙهندڙن کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته جڏهن مان 2010ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ حرمين شريفين پهتو هوس ته اُتي به خبر ناهي ڪنهن کان منهنجو سيل فون ورتائين ۽ پوءِ اُتي به اڪثر سندس فون ايندا هئا. آءٌ فون تي سندس قرب ڳائيندو رهندو هوس پر هتي هن سفرنامي ۾ به سنڌيءَ ۾ سندس ٿورا ۽ مهربانيون ٿو مڃان ۽ انگريزيءَ ۾ ساڻس هينئن مخاطب ٿو ٿيان:
Thank you very much my dear friend Mir Abdul Rasool Mir.