نيو آرلينس کان ڊَلَس (ٽيڪسَس)
14 سيپٽمبر تي صبح جو بستري مان اٿيس ته طبيعت تي ملال ۽ مونجهه جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. ڪا ڳالهه نٿي وڻي، خاص طرح اها ڳالهه ته هاڻي بس ٿوريءَ دير کانپوءِ نيو آرلينس ڇڏڻ ۽ چارلس ۽ لارا کان پري ٿيڻ وارو آهيان. انڪري اڄ پنهنجو بيحد برو حال هو. چارلس ڪالهه ئي خدا حافظ چئي ڇڏيو هو جو کيس اڄ واپس ورڻو هو. لارا صبح جو ساڍي ستين وڳي هوٽل تي پهچي ويئي.
ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شرط چيو هئائين ته: ”مان فقط توکي کلائڻ آئي آهيان جو ڪالهه کان محسوس پيو ٿئيم ته تون مزي ۾ نه پيو لڳين“. وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي. چيائين: ”سڀاڻي مان هتان رواني ٿي وينديس ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ تنهنجي ساٿ کان پاڻ کي پري هجڻ جو احساس مون کي ڏاڍو ڏکوئيندو، ڏنڀيندو ۽ ڏنگيندو رهندو. مان گذريل رات کان پاڻ کي ويڳاڻو محسوس ڪري رهي آهيان. سڄي رات ننڊ به نه آئي اٿم. انڪري سوير ئي تو وٽ پهچي ويئي آهيان ته وڃڻ کان اڳ پاڻ کي به موڊ ۾ آڻيان ته توکي به“.
مون کي کلائڻ جي ڪوشش ۾ لارا جي ڪٽورن نيڻن مان اوچتو ڳوڙها ڳڙي پيا، جن کي مون پنهنجي وجود ۾ جذب ڪري ڇڏيو. منهنجي حالت به لارا کان مختلف نه هئي. ”ٽم ٽم نيڻ ٽمن“ واري ڪيفيت هئي. چند لمحن کان پوءِ ٻيئي وڇوڙي جي غم ۾ غلطان ٿي رهيا هئاسين. ڳراٽڙيون پائي هڪ ٻئي جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها پنهنجن چپن سان جذب ڪري رهيا هئاسين. اوچتو ٽيليفون جي گھنٽي وڳي ۽ آپريٽر ٻڌايو ته ٻنهي جي گاڏي اچي ويئي هئي. مون کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ لاءِ لارا گاڏي تائين خداحافظ چوڻ آئي ۽ تيستائين مون کي هٿ لوڏي باءِ باءِ چوندي رهي جيستائين گاڏي ڪافي پنڌ تائين پري وڃي چُڪي هئي. سائوٿ ويسٽ ايئرلائينز جي فلائيٽ جيڪا صبح جو سوا ڏهين اُڏاڻي پوري هڪ ڪلاڪ کانپوءِ اچي ڊَلس لَوَ فيلڊ ايئرپورٽ (Dallas Love Field Airport) تي سوا يارهين وڳي ڇڏيائين. ڊائون ٽائون کان ڪافي پري اسان کي هوٽل هِلٽن ان (Hilton Inn) ۾ رهايو ويو جيڪو بيحد خوبصورت هوٽل آهي. هي هوٽل (Mocking Bird Boulevard) جيڪو هتان جو مشهور واپاري علائقو آهي، جي بلڪل ويجهو آهي. ڊائون ٽائون (يعني ڪمرشل علائقو جتي شاپنگ سينٽر ڪامپليڪس ۽ اسٽور هوندا آهن) پري هئڻ سبب ڊلس شهر وڃڻ مشڪل ٿي پيو. نيٺ منهنجي بنگلاديشي دوست مبارڪ حسين خان، مان ۽ ٻن ٻين دوستن گرين ول (Green Ville) ڳولي ڪڍيو جيڪو اسان جي هوٽل کان ٻه ميل کن پري هو. هتي روز پنڌ ڪري رات جي ماني کائڻ ايندا هئاسين ۽ وري گهمندا گهمندا هوٽل تي موٽندا هئاسين.
موسم جي لحاظ سان ڊلس ۾ نيو آرلينس جي مقابلي ۾ ڪافي خوشگوار موسم هئي، توڙي جو گرمي هتي به هئي پر نيو آرلينس کان گهڻي گهٽ. ڊَلس جي اوسي پاسي سمنڊ جو نالو نشان ئي ڪونهي تنهنڪري هتان جا ماڻهو ڪڏهن اُٻاڻڪائي مان ته ڪڏهن وڏي فخر مان چوندا آهن ته: ڏسو توڙي جو اسان وٽ سمنڊ ڪونهي ته به جيئرا آهيون ۽ انهن علائقن کان به وڌيڪ سکيا ستابا آهيون جتي جتي شهر سمنڊن جي ڪنارن تي آباد آهن. مون هتي محسوس ڪيو ته ڊَلس شهر توڙي ٽيڪسَس اسٽيٽ جا رهواسي پنهنجي علائقي سان جُنون جي حد تائين پيار ڪن ٿا، اهوئي سبب آهي جو ڊَلس شهر جو نالو اڪثر ڪري رُڳو ڊَلس نه وٺندا آهن پر چوندا آهن ته: ڊَلَس ٽيڪسَس ۾ هينئن هوندو آهي يا ڊَلَس ٽيڪسَس هڪ خوبصورت شهر آهي، وغيره.
ٻئي ڏينهن يعني 15 سيپٽمبر تي صبح جو ٻه ريڊيو اسٽيشنون ۽ هڪ ٽيليويزن اسٽيشن ڏٺيسون. تمام ننڍيون ننڍيون پر خوبصورت اسٽيشنون هيون. هتي به واشنگٽن ڊي سي وارو معاملو هو يعني ريڊيو اسٽيشن جي پهچ وڌ ۾ وڌ ڏهن کان پندرهن ميلن جي دائري (Radius) تائين محدود پر ان محدود علائقي ۾ هنن اسٽيشنن جي بيحد مقبوليت آهي.