هرشارن ميوزيم ۽ نقاشيءَ جو باغ
جديد ترين طرز تي تعمير ٿيل عمارت ۾ هي ميوزيم آهي جنهن ۾ اُڻويهين ۽ ويهين صدي جون جديد پينٽنگس ۽ نقاشيءَ جا نمونا نمائش لاءِ رکيل آهن. پينٽنگس کان وڌيڪ هن ميوزيم جي اندر وارا خوبصورت باغيچا ڏسڻ وٽان آهن. هنن باغيچن جو جوڙجڪ ۽ ڏيک توڙي ڦوهارن جو نظارو ايترو ته دلفريب آهي جو هتي اچڻ کانپوءِ هن ميوزيم مان ٻاهر نڪرڻ تي دل نه چوندي. باقي پينٽنگس ۾ زياده تر Abstract Art جي جلوه نمائي آهي جنهن جي خاص سُڌ ٻڌ اسان پارن کي ته آهي ئي ڪانه تنهنڪري مان ته صرف باغيچن ۽ ڦوهارن جي دلفريبيءَ ۾ ئي مست مگن هوس.
Abstract Art تان هڪ قصو ياد اچي ويو، جن جو ٻُڌل نه هوندو، سي لطف اندوز ضرور ٿيندا: ٻه ليکڪ ۽ فنڪار دوست هڪ هوٽل ۾ ويا. ٽيبل تي ويهڻ شرط سندن نظرون وڃي هوٽل جي ديوار تي هڪ وڏي ۽ وکريل نشان تي پيون. ٻيئي سوچ ۾ پئجي ويا. هڪڙي چيو ته واهه جي پينٽنگ آهي، ٻئي وراڻيو ته آهي به ڪو Abstract Art جو نمونو. هاڻي خيالن جي ڏي وٺ شروع ٿي ته Abstract Art موجب اهو ڏيکاريل ڇا آهي؟ پهرئين دوست وراڻيو ته هڪ مظلوم انسان جي بدحالي ۽ بيڪسيءَ جي هوبهو تصوير چِٽيل آهي. ايتري ۾ بئري چانهه آڻي ٽيبل تي رکي ته هڪ ليکڪ بئري کان پڇيو: ”هيءَ عظيم پينٽنگ ڪهڙي پينٽر جي تخليق آهي؟“. بئري کان ٽهڪ نڪري ويو. چيائين ته: ”سائين ڇو ٿا شرمندو ڪريو؟ اِها پينٽنگ نه پر ڀِت تي هاريل چانهه جو نشان آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ٻه ماڻهو هتي هوٽل ۾ وڙهي پيا. هڪڙي ماڻهو چانهه جو گرم ڪوپ زور سان ٻئي ماڻهوءَ جي ٻُوٿ تي وهائي ڪڍيو، پر چانهه جو ڪوپ ماڻهوءَ کي لڳڻ جي بجاءِ وڃي ديوار تي لڳو ۽ هيڏو سارو نشان ٺهي پيو“. ٻنهي همراهن کي ڏاڍي ڦِڪائي ٿي ۽ جلدي جلدي بِل ڏيئي لڄ لڪائي هوٽل ڇڏي رمندا رهيا. منهنجي لاءِ به Abstract Art جو ذڪر ڪرڻ، مٿي ذڪر ڪيل دوستن جي سوچ سمجهه کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي.