وطن واپسي
پورا ٻه مهينا ۽ ٽي ڏينهن هوسٽن ۾ رهڻ کان پوءِ اڄ وطن واپسي هئي. اعجاز، ممتاز، فاروق، نسرين ۽ انيتا ايترا قرب ڏنا ۽ محبتون ونڊيون جو اڄ وطن واپس ورندي دل جي ڪيفيت عجيب ٿي ويئي هئي. هڪ طرف گهر ڏانهن موٽڻ جي خوشي هئي ته ٻئي طرف سڄڻن کان موڪلائڻ مهل دل ڪافي اُداس ٿي ويئي هئي. اعجاز، ممتاز ۽ نسرين اسان کي جارج بش انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڇڏڻ آيا. غزل ۽ سندس ٽي خوبصورت ۽ چنچل ٻارڙا به اسان سان گڏ هئا. 11 ڪلاڪن جي مسلسل اُڏام کان پوءِ اسان استنبول جي ڪمال اتاترڪ ايئرپورٽ تي اچي لٿاسين.
هتي گهمندي ڦرندي، کائيندي پيئندي ڪجهه خريداري ڪندي وقت گذاريوسين. ايئرپورٽ تي ئي هڪ مسجد نظر آئي ۽ ان وقت عصر جي نماز جو وقت هو. عصر جي نماز هتي ادا ڪيم پر مون کي ان وقت هڪ خوشگوار حيرت ٿي جڏهن ترڪي زبان ۾ مسجد جو نالو مَسِيت (Mescit) لکيل نظر آيو ۽ ان جي مٿان وري انگريزيءَ ۾ Mosque نه پر مسجد (Masjid) لکيل هو جيڪو عربي لفظ آهي. مون کي حيرت به ٿي ۽ خوشي به ته سنڌي توڙي ترڪي زبان ۾ مسجد جو نالو ساڳئي اُچار سان مسيت آهي. هاڻي ڪو محقق ويهي ان تي تحقيق ڪري ته مسيت جو لفظ سنڌ مان ترڪيءَ ۾ پهتو يا ترڪيءَ مان سنڌ ڏي آيو. بهرحال مون کي سنڌي ۽ ترڪي ٻولين جي ميلاپ تي خوشگوار حيرت سان گڏ تمام گهڻي خوشي ٿي.
گهمندي ڦرندي پورا پنج ڪلاڪ ڪيئن گذري ويا، خبر ئي ڪانه پيئي. ٽرڪش ايئرلائين جو جهاز رات جو مقامي وقت موجب 9:30 وڳي ۽ پاڪستان جي وقت مطابق 11:30 وڳي رات جو اُڏاڻو ۽ فقط 5 ڪلاڪن ۾ ڪراچيءَ جي قائدِ اعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اچي لٿاسين. پر هيٺ لهڻ کان اڳ جهاز ڪراچيءَ مٿان هڪ ٻه چڪر لڳايا، ڪڏهن هيٺ اچِي وري مٿي اُڏام ٿي ڪيائين ڇاڪاڻ ته موسم تمام خراب هئي ۽ سخت مينهن ٿي پيو ۽ تيز هوائون به ٿي هليون. ايترا خطرناڪ جهٽڪا آيا جو الله پاڪ کي امن امان لاءِ ٻاڏايوسين ۽ رب ڪريم پنهنجي پناهه ۾ رکيو ۽ جهاز صحيح سلامت لئنڊ ڪري ويو. منهنجو ڀائٽيو ماڻڪ جيڪو ڪراچي ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن آفيسر آهي، ان بعد ۾ ٻڌايو ته خراب موسم جي ڪري اومان ايئر (Oman Air) جي جهاز کي واپس اومان موڪليو ويو هو. پر اسان تي رب العزت جي خاص مهرباني هئي جو صحيح سلامت زمين تي اچي وياسين ۽ الله پاڪ جا لکين شڪرانا ادا ڪياسين. ٽن چئن ڏينهن کانپوءِ هدايت ۽ سندس گهرواري به پي-آءِ-اي جي فلائيٽ ذريعي ڪراچي پهچي ويا. شڪر الحمدالله.