ارشاد قاضيءَ سان ملاقات
جڏهن ٻڌايومانس ته اسان LA ۾ (لاس ائنجلس کي هتي پورو لاس ائنجلس ڪو به نه چوندو آهي پر فقط ايل-اي LA چوندا آهن) فقط ٽي ڏينهن باقي رهنداسون ته فورن چيائين ته: ”زورآور! پوءِ دير ڇاجي، سڀاڻي مان توهان کي هوٽل تان وٺي ويندس“. اتفاق سان اسان جي پروگرام آرگنائيزر، 19 سيپٽمبر جي شام اسان لاءِ خالي رکي هئي ته جيئن پنهنجي مرضيءَ مطابق گهمي ڦري سگهجي، تنهنڪري ارشاد صاحب سان شام چئين وڳي جو وقت طئه ٿيو.
شام جو ساڍي چئين وڳي ڀاءُ ارشاد قاضي اچي دروازو کڙڪايو. مهانڊن مان ئي پري کان پڌرو ته اشفاق ۽ ابرار جو ڀاءُ آهي. جي لاس ائنجلس ۾ اچانڪ منهن مقابل ٿئي ها ته به مون کي يقين آهي ته مان بي ڌڙڪ ائين وڃي ٻانهن کان جهليانس ها جيئن ڪيترا سال اڳ ڏاندومل ڪرناڻي لنڊن ۾ جڏهن اوچتو منهنجي سامهون ٿيو هو ته مون کي گهُوري گهُوري فورن سنڌيءَ ۾ چئي ڏنو هئائين ته: ”يَرَ لڳين ته سنڌي ٿو!“ مان به ارشاد کي يقين سان چئي سگهان ها ته: ”يَرَ لڳين ته اشفاق ۽ ابرار جو ڀاءُ ٿو!“
ارشاد پنهنجي گهر وٺي ويو جيڪو اسان جي هوٽل کان اندازي موجب 30 ميل کن پري هو. جڏهن ارشاد جي گهر پهتاسون ته ارشاد ٻڌايو ته هن علائقي جو نالو Orange County آهي. آرينج جي نالي ٻُڌڻ سان ئي Orange Juice جو تصور اچي ويو ۽ وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو. ارشاد چيو ته: مشهور ڊزي لئنڊ منهنجي گهر جي بلڪل ويجهو آهي. مون کيس ٻڌايو ته: سڀاڻي اسان جي پروگرام ۾ سڄو ڏينهن Disney Land جو سئر ڪرڻ شامل آهي.
ٿوري دير هتي ترسي پوءِ وري سئر تي نڪتاسين. ڊائون ٽائون ۾ اچي هڪ سٺي هوٽل ۾ ماني کاڌيسون جتي ارشاد سان ڏاڍيون ڳالهيون ٻولهيون ٿيون. مون کي خوشي ٿي ته ارشاد کي سنڌي ادب سان ڪافي دلچسپي هئي ۽ ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن جي باري ۾ پڇيائين ٿي ته ڇا پيا ڪن، ڪجهه ڪن به پيا يا بنهه سُتل آهن، جاڳن ٿا يا ننڊ ۾ آهن وغيره. مون کي خوشي ٿي جو چيائين ته: ”عنايت صاحب، اوهان جي شاعري به وڏي چاهه سان پڙهندو آهيان ۽ پنهنجي دل ۾ اوهان جي تخليقن تي داد به ڏيندو آهيان“. مون کيس وڏو Thank you چيو. ساڳئي وقت اهو به ٻڌايائين ته سندس ڪوشش هوندي آهي ته ڪٿان نه ڪٿان ڪو سنڌي رسالو يا ڪتاب هٿ ڪري پيو پڙهندو آهيان. ڪافي دير تائين ارشاد سان ڪچهريون ٿيون. رات جو ڏيڍ وڳي مون کي هوٽل تي ڇڏي موڪلائي ويو.