پُراسرار هنڌ ڏسڻ لاءِ سئن ائنٽونيو روانگي
جڏهن به آمريڪا ۾ هوسٽن وڃڻ ٿيو آهي ته سئن ائنٽونيو جو چڪر ضرور لڳندو آهي ڇو ته اهو هنڌ ايترو ته رونق وارو ۽ ڪشش ڪندڙ آهي جو هوسٽن ۾ رهائش دوران سئن ائنٽونيو جي River Walk جو چڪر لڳائڻ ڄڻڪ لازمي هوندو آهي. پر هن دفعي اسان جو شوق جِناتي يا پُراسرار هنڌ(Ghost Track) کي ڏسڻ لاءِ وڌيڪ هو. رٿيل پروگرام موجب 14 جون 2015ع تي اٽڪل 11:30 وڳي صبح جو ممتاز جي گهران نڪتاسين ۽ فاروق جي وئن ۾ آرام سان سفر ڪندا، ڪچهريون ۽ هڪ ٻئي سان ڳالهين، ٽوٽڪن ۽ ڀوڳن ٺَڪاوَن جون رهاڻيون رچائيندا ساڍن ٽن ڪلاڪن ۾ پُراسرار هنڌ (Ghost Track) تي پهچي وياسين. هي هنڌ به سئن ائنٽونيو ۾ ئي آهي پر مشهور رِور واڪ (River Walk) کان ڏهاڪو ميل کن پاسيرو آهي. هتي گهڻي زماني کان ريل جون پٽڙيون وڇايل آهن جتي گهڻا سال اڳ ريل هلندي هئي، پر ڪيترن سالن کان وٺي ريل هلڻ بند ٿي ويئي آهي. ريل جي بند ٿيڻ جو سبب اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته اڄ کان ستر-اسي سال اڳ يعني سن 1930ع يا 1940ع ۾ هن جڳهه تي هڪ دردناڪ حادثو پيش آيو جنهن ۾ اسڪول جي ٻارن جي ڀريل بس تيز هلندڙ ريل سان ٽڪرائجي ويئي هئي ۽ بس ۾ سوار سڀئي ٻارڙا ٿڏي تي ئي مري ويا هئا. ان کان پوءِ ريل هلڻ بند ٿي ويئي ۽ هيءَ جڳهه ويران، سُنسان ۽ پُراسرار بڻجي ويئي. هتي گاڏي بيهاري ڇڏيو، گاڏيءَ جي انجڻ به ڀلي بند ڪري ڇڏيو پر گاڏي خودبخود هلڻ شروع ڪندي ۽ وڏي ڳالهه ته لاهيءَ کان چاڙهيءَ طرف هلڻ شروع ڪندي! اڄ اسان جي وئن ممتاز ڊرائيو ڪري رهيو هو ۽ ممتاز اسان جي سامهون گاڏيءَ کي بند ڪري بيهاري ڇڏيو پر گاڏي، لاهيءَ طرف هلڻ جي بجاءِ چاڙهيءَ ڏانهن چُرڻ شروع ڪيو. پهريون آهستي هلي، پوءِ اسپيڊ سان هلڻ لڳي. بعد ۾ گاڏي رِورس (Reverse) ۾ بيهاري گاڏيءَ کي نيوٽرل گيئر ۾ ڪيو ويو مگر پوءِ به گاڏيءَ رِورس ۾ هلڻ لڳي. اسان وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح هن غيباتي هنڌ تي آيل هئا ۽ گاڏين جي خودبخود چاڙهيءَ طرف هلڻ جا ڪرشما ڏسي رهيا هئا. اهو تجربو اسان به هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا ڪيو، ۽ هر دفعي گاڏيءَ خودبخود چاڙهيءَ طرف هلڻ شروع ٿي ڪيو!
عام ماڻهن جو خيال اهو آهي ۽ ڪتابن ۾ به لکيو ويو آهي ته معصوم ٻارڙن جي دردناڪ موت کان پوءِ سندن روح هتي موجود رهن ٿا ۽ جڏهن به ڪو گاڏي بيهاري ٿو ته معصوم ٻچڙن جا روح ان گاڏيءَ کي ڌِڪي هلائن ٿا. هڪ ٻه ڪهاڻيون اهڙيون به ٻُڌڻ ۾ آيون ته جي اوهان ڪار جي بانيٽ تي پائوڊر هاريو ته ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهان کي ٻارڙن جي هٿن (چَنبن) جا نشان هاريل پائوڊر تي نظر ايندا. مطلب اهو ته ٻارڙن جا روح پاڻ گاڏين کي ڌِڪي هلائن ٿا. هن حادثي بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ڪيترائي قصا مشهور ٿيا آهن پر بدقسمتيءَ سان ڪا به ڳالهه تصديق سان اڃا تائين نه لکي ويئي آهي. ان حد تائين جو حادثي جي باري ۾ به اڃا تائين پوري پَڪ ڪانه آهي ته اهڙو دردناڪ حادثو ٿيو به هو يا نه. سڄي دنيا ۾ آمريڪا وڌ ۾ وڌ ترقي يافته ملڪ آهي ۽ ستر يا اسي سال اڳ جيڪڏهن اهو واقعو پيش اچي ها ته اهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ اهڙو دردناڪ واقعو يقيني طور تي تفصيل ۽ تصديق سان لکيل هجي ها. بهرحال ان هوندي اها ڳالهه به يقيني آهي جيڪا اسان خود پنهنجين اکين سان پاڻ ڏسي آيا آهيون ته توڙي جو ريلوي لائين اڃا تائين سُٺي حالت ۾ موجود آهي پر ان تي هاڻي ريل ڪانه ٿي هلي ۽ ڪارُن ۽ موٽرن جو خودبخود چڙهائيءَ طرف هلڻ جو اعتبار ۾ نه ايندڙ مشاهدو به خود ئي ڏسي آيا آهيون. بهرحال صحيح ۽ اصل حقيقت جي خبر فقط رب پاڪ کي هوندي باقي ظاهري طرح هن پُراسرار قصي جي ڪا به پڪي پُختي ثابتي يا تصديق، تاريخ جي صفحن تي موجود نه آهي.
پُراسرار هنڌ (Ghost Track) ڏسڻ کانپوءِ اسان سئن ائنٽونيو جي رِوَر واڪ (River Walk) تي پهچي وياسين جنهن جا تفصيل هتي نٿو لکان ڇاڪاڻ جو 2006ع ۽ 2012ع وارن سفرن دوران رِوَر واڪ جي رونقن جا ڀرپور تفصيل هن ڪتاب ۾ ڏنل آهن. بهرحال هتي خوب گهميا ڦرياسين ۽ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي نديءَ جو چڪر به لڳايوسين. شام جو 7 وڳي سئن ائنٽونيو تان روانا ٿي رات جو ساڍي ڏهين ڌاران هوسٽن پهچي وياسين.
گرين ڪارڊ ملي ويو
اسان 22 مئي 2015ع تي آمريڪا جي شهر هوسٽن پهتا هئاسين. گذريل صفحن ۾ واضح ڪيو اٿم ته جيئن ته هن دفعي اسان مستقل رهائشي ويزا (Immigrant Visa) تي هتي آيا هئاسين ته اسان کي ايئرپورٽ تي اسان جي داخلا رکڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه زياده دير لڳي هئي. ڳالهين ڳالهين ۾ اعجاز ۽ نسرين ٻڌايو هو ته گرين ڪارڊ هڪ مهيني اندر اچي ويندو. ان ڪري پندرهن ڏينهن کان پوءِ ٽپال (Mail) جو انتظار ڪرڻ لڳس. آمريڪا توڙي ترقي يافته ٻين ملڪن ۾ به ٽپال جو ڪيڏو نه سهڻو سرشتو سيٽ ٿيل آهي. هر علائقي جي رهواسين جي هر گهر کي پوسٽ جو هڪ دٻو يا لاڪر ڏنو ويو آهي جنهن جي هڪ چاٻي مالڪ وٽ ۽ ٻي ٽپاليءَ (Postman) وٽ رهي ٿي. ٽپالي روزانو جي ٽپال (Mail) لاڪر ۾ وجهي وڃي ٿو، ۽ مالڪ پنهنجي مرضيءَ تي وڃي ميل کڻي ٿو اچي. پندرهن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ نسرين چيو: ”وڏا بابا هاڻي ميل ڏسڻ اوهان پاڻ ويندا ڪريو ڇو ته اوهان جو گرين ڪارڊ به هاڻي اڄ سڀاڻي تي ئي اچڻ وارو آهي“. اهڙيءَ طرح مون کي گرين ڪارڊ جي خوشخبري 26 جون 2015ع تي ملي ويئي جڏهن پوسٽ کوليم ته منهنجو ڪارڊ موجود هو، البت منهنجي گهرواريءَ جو ڪارڊ نه مليو هو توڙي جو اسان جي آمد جي داخلا ساڳئي ڏينهن يعني 22 مئي تي رکي ويئي هئي. گرين ڪارڊ ملڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ مون سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ (Social Security Card) لاءِ به درخواست ڏئي ڇڏي هئي ۽ 29.6.2015 تي اهو ڪارڊ به مون کي ملي ويو. حيرت جي ڳالهه اها هئي ته منهنجي گهرواريءَ جو گرين ڪارڊ منهنجي ڪارڊ وصول ٿيڻ کان پندرهن ڏينهن پوءِ به جڏهن نه آيو ته تشويش ٿيڻ لڳي. هن سلسلي ۾ پنهنجي مهربان امداد سيهڙ سان ڳالهايم جنهن رهبري ڪئي ته مبادا اوهان جي گهرواريءَ جو ڪارڊ اعجاز جي پهرين ائڊريس تي موڪليو ويو هجي. جيئن پوين صفحن ۾ ٻڌايو اٿم ته منهنجو پُٽ اعجاز هوسٽن شهر کان ٻاهر ڪلوٽ ۾ رهندو هو ۽ ڪيترائي سال اتي رهڻ کانپوءِ فقط 5-6 مهينا اڳ هوسٽن شهر ۾ شفٽ ٿيو هو. اعجاز پنهنجي پراڻي ائڊريس تي رابطو ڪيو ۽ سيهڙ صاحب جي رهبري ڪم آئي ۽ ڪارڊ ڪلوٽ واري ائڊريس تي پهتل هو. سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪار جي انڌيرنگري رڳو پاڪستان ۾ ئي نه آهي پر آمريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به اهڙو وائڙو مثال نظر آيو جو اسان ٻنهي جي ساڳي ائڊريس ڏيڻ جي باوجود منهنجو ڪارڊ ته نئين ائڊريس تي پهتو پر گهرواريءَ جو ڪارڊ پراڻي ائڊريس تي موڪليو ويو جنهن جو هرگز ڪو به جواز ڪو نه هو. بهرحال 16 جولاءِ 2015ع تي منهنجي ونيءَ جو ڪارڊ مليو ۽ فقط ٻن ڏينهن کانپوءِ سندس سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ به ملي ويو، تڏهن ئي اونو ۽ انتظار وڃي ختم ٿيو.