آمريڪا ۾ ٽيليفون جو ڪمال
ڪليڪٽ ڪال (Collect Call): آمريڪا جي ڪنهن به شهر مان، آمريڪا جي ڪهڙي به ڏورانهين شهر ۾ ڪنهن دوست کي لئنڊ لائين (Landline) ذريعي ٽيليفون ڪرڻو آهي ۽ پاڻ وٽ پئسن جي کوٽ آهي ته گهٻرائڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي. آپريٽر کي چئبو ته هيءَ ڪليڪٽ ڪال آهي ته هوءَ (گهڻو ڪري آپريٽر ڇوڪريون آهن) ان ماڻهوءَ، جنهن ڏي ڪال ڪئي ويئي آهي، کان پُڇندي ته: “فلاڻي ماڻهوءَ جي تنهنجي لاءِ ڪليڪٽ ڪال آهي، تون اها ڪال وٺڻ لاءِ آماده آهين؟” گهاٽا ۽ گهرا دوست اڪثر ڪري ڪال وٺڻ قبول ڪن ٿا، باقي ڪيترا ماڻهو انڪار به ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته ڪليڪٽ ڪال جا پئسا ان دوست کي ئي ڀرڻا پوندا جنهن ڏي اها ڪال ڪئي ويئي هوندي. هتي هڪ وضاحت ڪندو هلان ته ڪليڪٽ ڪال گهڻو ڪري اسان جهڙا چند ڏينهن لاءِ آيل مسافر ئي ڪن ٿا جن کي هوٽلن ۾ رهايو وڃي ٿو. باقي هتان جا مقامي ماڻهو جن جي گهرن ۾ پنهنجا ٽيليفون سيٽ آهن ته اُهي پنهنجي ڪنهن به دوست کي اها تڪليف هرگز نه ڏيڻ چاهيندا آهن. بهرحال جيئن اوهان کي ڪليڪٽ ڪال ملي ويئي ته جيترو به اوهان کي وڻي اوترو ڳالهايو ڇو ته بِل ته اوهان جي دوست کي ئي ڀرڻو آهي جنهن ڏي ڪال ڪئي ويئي آهي.
مان ڪوشش ڪري دوستن کي تڪليف نه ڏيندو هوس پر ان جي باوجود به مون کي ياد آهي ته مان نيو آرلينس، لاس ائنجلس، ڊَلس ۽ مِلواڪيءَ مان واشنگٽن، نيويارڪ ۽ شڪاگو ۾ ڪجهه دوستن سان ڪليڪٽ ڪال ذريعي ڳالهايو هو. اهي دوست ايترا ته قربائتا هئا جو پوءِ روزانو پاڻ پيا مون سان ڳالهائيندا هئا. مهربان پڙهندڙ غور ڪن ته ڪليڪٽ ڪال ڪيڏي نه زبردست سهولت آهي. ڏورانهين ڏيهه ۾ ماڻهو مسافر ٿي وڃي ٿو، قدم قدم تي ڊالرن جي ضرورت پوي ٿي، اتي ڪليڪٽ ڪال ذريعي هڪ ڪوڏي به خرچ نه ٿئي ته اها ڪيڏي نه ڪمال جي ڳالهه آهي. موبائيل فون جي انقلاب کان اڳ اسان پنهنجي ئي ملڪ ۾ لوڪل ڪال ڪرڻ لاءِ به پريشان هوندا هئاسين. ضرورت پوڻ تي ڪنهن دڪاندار کي فقط هڪ فون ڪرڻ لا ويچارڙا ٿي ائين عرض ڪندا هئاسين جيئن کانئس خيرات گهُري رهيا هجون. توڙي جو ڪال ڪرڻ جا پئسا به ڏيندا هئاسون. پر ڪڏهن ڪڏهن پئسن ڏيڻ جي باوجود به دڪاندار ٽيليفون ڪرڻ نه ڏيندو هو. شڪر ٿيو جو 1990ع جي ڏهاڪي ۾ موبائيل فونن جي انقلاب کان پوءِ ٽيليفون ڪرڻ جون سهولتون عام جام ٿي غريب غربي تائين پهچي ويون. 1967ع جي آخر ۾ مون کي ڪراچي ڪسٽم ۾ نوڪري ملي. پهريون ڀيرو گهر کان ٻاهر نڪري ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ آيو هوس سو مِٽن مائٽن لاءِ ڏاڍو ماندو ٿيندو هوس. تڏهن موبائيلن جو ته نالو نشان ئي ڪونه هو پر شهرن جي وچ ۾ ڊائريڪٽ ڊائلنگ (Direct Dialling) جو نظام به موجود ڪونه هو. ڪراچيءَ مان خيرپور ڪال بوڪ ڪرائبي هئي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته صبح جي وقت جي بوڪ ڪرايل ڪال ڪڏهن ڪڏهن شام جو وڃي ملندي هئي سو به تڏهن جڏهن آپريٽر کي باربار منٿون ڪرڻيون پونديون هيون ته يار مهرباني ڪري ڪال جلدي ملائي ڏي. نئين نسل جو نوجوان جڏهن هي سِٽون پڙهندو ته خبر ناهي ته منهنجي ڳالهه تي ويساهه به ڪندو الائي نه، پر سندس وڏڙا ضرور موجود هوندا ته اُنهن کان پُڇي پَڪ ڪرڻ تي اُميد ته کيس يقين اچي ويندو.
ڳالهه مان ڳالهه نڪري ٿي ته الائي ڪٿي پهچيو وڃي. ڳالهه آمريڪا ۾ ٽيليفون جي سرشتي جي ڪمال جي ٿي هلي. سو هڪ ڳالهه هيءَ به پڙهو. پاڪستان ۾ هڪ دوست پنهنجي دوست جو هڪ نمبر ڏنو هو ۽ چيو هو ته: ”منهنجي دوست کي هڪ نياپو پهچائي ڇڏجانءِ“. نمبر ڪئليفورنيا اسٽيٽ جي مشهور شهر سئن فرئنسِسڪو جو هو. جڏهن مون اهو نمبر واشنگٽن کان ڊائل ڪيو ته سئن فرئنسِسڪو جي ڪمپيوٽر جو آواز آيو ته اهو نمبر بدلجي ويو آهي ۽ ان جي جڳهه تي اوهان فلاڻو نمبر ڊائل ڪريو. ڪمپيوٽر جو ٻڌايل نمبر جڏهن ڊائل ڪيم ته اهو دوست ملي ويو جنهن کي سندس پاڪستاني دوست جو نياپو پهچائي ڇڏيم. سوچيم هڪ طرف اسان جو ملڪ آهي جتي انڪواري تي ويٺل اسان جا ٽيليفون آپريٽر پهريون ته ٽيليفون اٽينڊ ئي ڪو نه ڪندا آهن، وري جي غلطيءَ مان رِسيوَر کڻي ڳالهائيندا ته ملڪ جي ناميارن ماڻهن جي نمبرن جي به کين خبر نه هوندي آهي ۽ اسان ويچارا ٿي ويهي رهندا آهيون پر هوڏانهن ڏسو ته آمريڪا ۾ ڪمپيوٽر ڪيڏي نه مڪمل رهبري ڪري ٿو.
ڪانفرنس ڪال (Conference Call)آمريڪا ۾ اهڙو نظام به موجود آهي ته هڪ ئي وقت تي ٽي ڄڻا پاڻ ۾ گفتگو ڪري سگهن ٿا، نه رڳو آمريڪا ۾ پر سڄي دنيا جي ٽن مختلف شهرن ۾ ئي دوست پاڻ ۾ ٽيليفون تي ڪچهري ڪري سگهن ٿا. مون کي هڪ دوست ٻڌايو ته اهو سرشتو پاڪستان ۾ به رائج ٿيو پر پوريءَ طرح اڃا ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي.
ڪال فارورڊنگ (Call Forwarding) اوهان ڪنهن دوست وٽ وڃو ٿا جتي اوهان کي ٻه-چار ڪلاڪ ترسڻو آهي ته پنهنجي ٽيليفون سيٽ کي گهربل ڪوڊ نمبر ڏيئي پنهنجي دوست جو ٽيليفون نمبر ڏيئي ڇڏيو (جتي اوهان کي وڃڻو آهي) ۽ اهو به ٽيليفون سيٽ کي ٻڌائي ڇڏيو ته ڪيتريءَ دير کان پوءِ اهو سسٽم ڪم ڪري. اوتري دير کانپوءِ جيڪا به ڪال اوهان جي نمبر تي ايندي ان کي اوهان جو ٽيليفون سيٽ پاڻهي منتقل ڪندو رهندو ۽ پوءِ هر ڪال جي گهنٽي اوهان جي دوست جي ٽيليفون سيٽ تي وڄندي رهندي جتي اوهان ويل آهيو. ائين ٿو لڳي ته آمريڪا وارن ڄڻ پنهنجو عقل، ٽيليفون جي نظام کي حيرت انگيز حد تائين پهچائڻ تي صرف ڪيو آهي، پر وري جي ڪو ٻيو شعبو ڏسبو ته ان ۾ به اڃا وڌيڪ ڪمال جي ڪاريگري نظر ايندي.