ڊزني لئنڊ: هڪ طلسماتي دنيا
ڊزني لئنڊ جي باري ۾ اهو ڪجهه لکڻ، جيڪو اُتي ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسي وائسي ٿو، نه رڳو مشڪل پر تقريبن ناممڪن آهي. هن جڳهه کي انگريزيءَ ۾ Magic land ٿا چون جنهن کي سولي سنڌيءَ ۾ جادونگري چئي سگهجي ٿو.
مون کي ياد آهي ته جڏهن مان اڃا آمريڪا نه ويو هوس ته اُتي منهنجو پيارو دست ممتاز پنهور رهندو هو ۽ اتفاق سان رهندو به ڪيليفورنيا اسٽيٽ جي شهر لاس ائنجلس ۾ هو، جتي ڊزلي لئنڊ آهي. اُتان خطن جي ذريعي آمريڪا جا مختلف حال احوال پيو لکندو هو جنهن ۾ مسلسل ٻن ٽن خطن ۾ مون ڏي ڊزني لئنڊ جي باري ۾ تمام گهڻو لکيائين. خطن ذريعي تاڪيد ڪيائين ته: “اوهان آمريڪا ضرور اچو، جي وڌيڪ فرصت نه ملي ته رڳو هفتي کن لاءِ اچو ۽ فقط ڊزني لئنڊ ڏسي هليا وڃو”.
ڪجهه سالن کانپوءِ ممتاز جڏهن پاڪستان آيو ۽ مون سان مليو ته ٻين جاين جڳهين جا تفصيل ته ٻڌائي سگهيو پر ڊزني لئنڊ لاءِ چيائين: ”بلوچ صاحب! هيءَ جڳهه ايڏي ته پُراسرار آهي، جنهن کي تفصيل سان ٻڌائڻ منهنجي لاءِ ممڪن آهي ئي ڪونه. هن جڳهه کي فقط ڏسي حيرت ۽ اچرج جو اظهار ته ڪري سگهجي ٿو، باقي ان جي ڪمالات ۽ جادوگري بابت بيان نٿو ڪري سگهجي“.
ڪيترن ئي سالن گذرڻ کانپوءِ جڏهن مان پاڻ آمريڪا کان ٿي آيو آهيان ته منهنجو به ساڳيو ئي رايو آهي جيڪو ڀاءُ ممتاز پنهور جو هو.
ڊزني لئنڊ جي طلسماتي منظرن کي بيان ڪرڻ کان اڳ مناسب ٿيندو ته اُن جي خالق ۽ خود ڊزني لئنڊ بابت مختصر تعارف ٿي وڃي.
ڊزني لئنڊ جو خالق والٽر ايلس ڊزني (Walter Elias Disney) جيڪو پوءِ فقط والٽ ڊزني جي نالي سان جڳ ۾ مشهور ٿيو، 1901ع ۾ شڪاگو ۾ ڄائو. هو ڄمندي ئي ڄام هو. فنڪاري، آرٽ ۽مصوريءَ جهڙن نفيس ۽ نازڪ موضوعن سان نه رڳو ننڍپڻ کان ئي مانوس ٿيو ۽ انهن ۾ گهري دلچسپي ڏيکاريائين پر پاڻ به هر فن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳو. 1923ع ۾ شڪاگو کي ڇڏي هالي ووڊ جهڙي فني لحاظ کان زرخيز زمين تي قدم رکيائين جنهن آرٽ ۽ فلمي دنيا جا وڏا وڏا ۽ نامور اداڪار پيدا ڪيا جن پنهنجي اداڪاريءَ ذريعي سڄي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو.
هالي ووڊ پهچڻ شرط والٽ ڊزنيءَ جون تخليقي صلاحيتون ويتر تيز ٿي ويون ۽ هن عزم ڪيو ته هو دنيا وارن کي ڪو اهڙو ڪارنامو ڪري ڏيکاريندو جنهن سان ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويندا ۽ سڄي دنيا هن ڏي متوجهه ٿيندي. هن ڪارنامي سرانجام ڪرڻ ۾ ڊزنيءَ کي ڪو گهڻو وقت نه لڳو. فقط پنجن سالن جي عرصي اندر، هن دنيا جو پهريون ڳالهائيندڙ ڪارٽون (Talking Cartoon) مِڪي مائوس (Micky Mouse) 1928ع ۾ تخليق ڪيو، جنهن سڄي دنيا ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو. سڄي دنيا جي ٽيليويزن اسٽيشنن توڙي فلم جي اسڪرين تي مڪي مائوس کي ڏيکاريو ويو. توڙي جو هاڻي 80 سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي ۽ ڪارٽون ٺاهڻ جي فن ۾ پڻ وڏيون انقلابي تبديليون آيون آهن پر ان جي باوجود مِڪي مائوس جي مقبوليت ۾ ڪا به ڪمي نه آئي آهي.
مِڪي مائوس کان سواءِ به والٽ ڊزني جا ڪيترائي اهم ڪارناما آهن جيڪي تعريف جوڳا آهن، پر سندس نالي ۽ شهرت آسمان جي بلندين کي تڏهن ڇُهي ورتو جڏهن 1955ع ۾، والٽ ڊزني، دنيا جي سڀ کان وڏي جادو نگري ڊزني لئنڊ جو افتتاح پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪيو.
ڊزني لئنڊ جي افتتاح کان اڳ، والٽ ڊزني ڪيترا سال ته فقط ماهرن سان مشورا ڪندي ان سوچ ۽ ويچار ۾ گذاريا ته ڊزني لئنڊ جي لاءِ ڪهڙي جڳهه مناسب ٿيندي، ڇو ته هن اڳواٽ ئي سوچيو پئي ته هيءَ جڳهه سڄي دنيا جي سياحن کي ڇِڪي هِتي آڻيندي. اُنهن لاءِ هيءَ جڳهه تمام پُرڪشش هوندي جتي لکين ماڻهو پيا روزانو ايندا ويندا. ايترن سارن ماڻهن لاءِ هن سوچيو ته ايڏي ته ڪشادي جڳهه هجي جتي ڪافي تعداد ۾ هوٽل ۽ موٽيل ٺهي سگهن، نائٽ ڪلبون، ٿئيٽر، اوپيرا ۽ ميوزڪ سينٽر به هجن ته هزارن جي تعداد ۾ گاڏين جي پارڪنگ لاءِ تمام وسيع ۽ ڪشادو ميدان به هجي ۽ سياحن جي سير تفريح لاءِ ٻيون ڪيتريون ئي گُهرجون به پوريون ڪري سگهجن. هن سلسلي ۾ هُن ڪيترن ئي فردن، فرمن ۽ ادارن کان تجويزون گهرايون. نيٺ هڪ اداري اسٽئنفورڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ (Stanford Research Institute) جو مشورو والٽ ڊزني کي ڏاڍو وڻيو جنهن سڀني جڳهين مان ڪيليفورنيا اسٽيٽ جي آرينج ڪائونٽي جي هڪ خطي ائن هِم (Anaheim) کي چونڊيو.
1955ع ۾ جڏهن ڊزني لئنڊ جو افتتاح والٽ ڊزني پاڻ ڪيو ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ زمين جي گولي تي ڄڻ هڪ تهلڪو مچي ويو ۽ سڄي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ کان لکن جي تعداد ۾ ماڻهو دنيا جي هن انوکي جادو نگريءَ کي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا. رش جي حالت اها وڃي ٿي جو يورپ ۽ آمريڪا جي ٻين رياستن جي سياحن کي، هوائي جهازن ذريعي ڊزني لئنڊ ڏسڻ لاءِ مهينو ڏيڍ اڳ ۾ بوڪنگ ڪرائڻي ٿي پيئي. سياحن جي اها رش ٿوري گهڻي فرق سان اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. ماڻهن جي رش جو اندازو 110 ايڪڙن تي مشتمل ڪارن پارڪ ڪرڻ(Car Parking lot) جي ميدان جي ڪُشادگيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو جتي تقريبن ٻارنهن هزار ڪارن جي بيهارڻ جي جڳهه آهي. پر رَش وارن ڏينهن خاص طرح ڇنڇر، سومر، اڱاري ۽ اربع تي ته ڪار پارڪ ڪرڻ وارو سڄو سارو ميدان ڀرجي وڃي ٿو. پوءِ ماڻهو تمام پري وڃي ٿا ڪارون پارڪ ڪن ۽ هن سلسلي ۾ کين ڪافي تڪليف ۽ زحمت ٿئي ٿي.
ڊزني لئنڊ جون راتيون مست ۽ مدهوش ڪندڙ ٿين ٿيون. جڳ مڳ ۽ جهرمر روشنيون، جتي هوٽلن ۾ پيانو يا گٽار تي ڪٿي ڌيمي ڌيمي ڌُن پيئي وڄندي ته ڪٿي جئز يا پاپ ميوزڪ جو شور شرابو هوندو جتي ڊرمن تي ڏوڪلن جو واڄٽ پيو وڄندو ۽ تُوتارا صفا ڪن کائي ويندا. ڊنر به کائيندا رهو، ڊانس به ڏسندا رهو ۽ پنهنجي پسند جو ميوزڪ به ٻُڌندا رهو ۽ چاهيو ته اُٿي ڪنهن سان بريڪ ڊانس ۾ ڪمپني به ڏيو.
ڊزني لئنڊ جي جادوگري ستن حصن ۾ ورهايل آهي. اُهي ستَ حصا هن ريت آهن:
1. مين اسٽريٽ يو-ايس-اي 1. Main Street USA
2. ائڊوينچر لئنڊ 2. Adventure Land
3. فرنٽيئر لئنڊ 3. Frontier Land
4. نيو آرلينس اسڪوائر 4. New Orleans Square
5. بيئر ڪنٽري 5. Bear Country
6. فئنٽسي لئنڊ 6. Fantasy Land
7. ٽومارو لئنڊ 7. Tomorrow Land
ڊزني لئنڊ جي جادو نگريءَ ۾ ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته اُهي ڪارناما، حقيقتون يا ڏند ڪٿائون جن جو سائنسي، روايتي، ثقافتي يا وهمن وسوسن ذريعي هن دنيا ۾ ڪو وجود رهيو آهي ته اُنهن ڪارنامن، ڏند ڪٿائن ۽ سائنسي حقيقتن کي نه رڳو اُنهيءَ رُوپ ۾ ڏيکاريو وڃي پر ڪجهه ڳچ پُراسرار، وڌيڪ ڀيانڪ، زياده دلچسپ ۽ خوبصورت ڪري پيش ڪيو وڃي. هن سلسلي ۾ جيڪي جادونگريون ڊزني لئنڊ جي اندر ٺاهيون ويون آهن، انهن جو تعلق فقط ڏسڻ سان آهي، بيان ڪرڻ سان هرگز نه. مون پنهنجي سفرنامي ”سهسين ٿيا سارنگ“ ۾ ٽوڪيو ڊزني لئنڊ جي باب ۾ ٻن جادو نگرين، جِنات محل (Haunted Mansion) ۽ ڪئريبين جا سامونڊي لُٽيرا (Pirates of Caribbean) جو ذڪر ڪيو آهي جنهن کي هتي دُهرائڻ مناسب نه لڳندو.
مٿي بيان ڪيل باب ۾ مون ڪوشش ڪئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڊزني لئنڊ جو تعارف مهربان پڙهندڙن سان ٿي وڃي. اُميد ته مٿيون بيان پڙهي اوهان جي اندر ۾ چاهه، تڙپ، ۽ تجسُس ضرور پيدا ٿيو هوندو ته ڊزني لئنڊ کي ڏسجي ۽ ضرور ڏسجي ۽ هن جادونگريءَ کي پنهنجي اکين سان پاڻ پسجي ۽ گهمجي ڦرجي. مان هتي فقط مهربان پڙهندڙن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ٿو ڪريان ته خدا ڪري اوهان ڏورانهان ڏيهه ڏسو جن ۾ ڊزني لئنڊ جو سير سفر به شامل هجي. ڳالهه کي کُٽائڻ کان اڳ اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڊزني لئنڊ گهمڻ لاءِ معذورن، انڌن منڊن، لُولن لنگڙن لاءِ به جوڳا انتظام ۽ بندوبست ڪيا ويا آهن. معذورن لاءِ مختلف سوسائٽيون ٺهيل آهن جن جا نمائندا تمام گهٽ ڪِراين تي معذورن لاءِ اسپيشل بسون هلائين ٿا يا ٽرين ۾ کين وٺي اچن ٿا. بسن ۽ ٽرينن ۾ ڦيٿن وارين ڪرسين (Wheel Chairs) جو بندوبست ٿيل هوندو آهي جن ۾ ويهي معذور آرام سان سفر ڪن ٿا.
انڌن لاءِ ڊزني لئنڊ جي سِٽي هال ۾ ٽيپ رڪارڊر ۽ ڪيسٽون موجود آهن جيڪي انڌن جي حوالي ڪيون ٿيون وڃن ته جيئن اُهي ڊزني لئنڊ جي مختلف جاين جڳهين بابت معلومات حاصل ڪن.
جيڪي وري صفا ٺُپ ٻوڙا آهن ته اُنهن کي وري ڪَنَ تي رکڻ وارا ٽيليفون (Volume Control Telephones) مهيا ڪيا وڃن ٿا ته جيئن هو گائيڊ جي سمجهاڻيءَ کي چڱيءَ طرح ٻُڌي سگهن. معذورن، انڌن ۽ ٻوڙن جا دَڳَ، رندَ رستا ۽ گيٽَ به جدا آهن ته ويهڻ ۽ آرام ڪرڻ جا پارڪ به. اهو انتظام شايد انڪري ڪيو ويو آهي ته سڄا ۽ ماڻهن جهڙا ماڻهو، معذورن جي انوکي ۽ مخصوص دنيا ۽ رُوح رهاڻ ۾ خلل نه وجهن، پر سڀڪو پنهنجو پاسو ۽ ڪُنڊ ورتيون پيو گهمي ڦري ۽ هڪ ٻئي کان بُڇان ۽ خارَ کائڻ جو باعث نه بڻجي. هونئن اها ڳالهه به واضح ڪندو هلان ته اسان جن ملڪن ۾ معذورن لاءِ نه ته ايتري همدردي نظر ايندي آهي ۽ نه وري اُنهن ويچارن لاءِ ڪو اُنس يا رغبت، پر مغربي ملڪن ۾ معذورن لاءِ اڪيچار انساني همدرديون هر وقت اُنهن جو آڌرڀاءُ ڪن ٿيون ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ڪنهن به طرح سان معذورن ۾ ڪمتريءَ جو احساس پيدا نه ٿئي.
والٽ ڊزني 1966ع ۾ وفات ڪئي، پر سچي ڳالهه اها آهي ته هو مري وڃڻ جي باوجود به ڄڻ زنده آهي. سندس ڪيترن ئي نمايان ڪارنامن ۽ خاص طرح مِڪي مائوس ۽ ڊزني لئنڊ جي تخليق ذريعي هن پاڻ کي سڄي دنيا ۾ اَمر ڪري ڇڏيو آهي.