سفرناما

ٿائيلينڊ جا ٿاڪَ

ٿائيلينڊ دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪڏھن بہ ڌارين جي غلاميءَ ۾ نہ رھيو آھي ۽ ٿائي لفظ جي معني ئي آزاد آھي. بلوچ صحبت ٿائي ماڻھن جي سڀاءَ کي سھڻي نموني بيان ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٿائيلينڊ جي خوبصورتين، اتان جي صفائي سٿرائي، آزادي ۽ اتان جي ماڻھن کي منفرد انداز سان لکيو آھي. ھي ھڪ اھڙو دلچسپ سفرنامو آھي جيڪو نائيٽ ڪلبن جي رنگين حسناڪين کان وٺي قدرتي جزيرن ۽ سامونڊي بيچ جي اھڙي تہ خوبصورت منظر نگاري ڪري ٿو جو عام پڙھندڙ کان وٺي تخليقي صلاحيت رکندڙ شاعر اديب ۽ ليکڪ پڻ ان منظر نگاري مان نڪور تخيلقون پيدا ڪري سگهن ٿا.

Title Cover of book Thailand jaa thaak

دادوءَ جو ابن بطوطـ ۽ ٿائلينڊ جا ٿاڪ

جيتوڻيڪ ادب ۾ سفرنامي جي صنف تمام پراڻي آھي پر چوڏھين صدي عيسوي جو موروڪو واسي عرب سياح ابن بطوطـ سفرنامي جي تاريخ ۾ تمام اھم حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ تـ ھن پنھنجي زندگي جا ٽيھہ سال دنيا جو سير سفر ڪندي گذاريا ۽ ان سير سفر جو داستان پنھنجي جڳ مشھور سفرنامي "رحلة" ۾ بيان ڪيو. عربي ٻولي ۾ "رحلة" مسافري کي چئبو آھي ۽ خاص ڪري اھا مسافري جيڪا علم ، ڄاڻ ۽ ڏاھپ جي حاصلات لاءِ ڪئي وڃي (الرحلة في طلب العلم).
سنڌي ادب جي اوائلي سفرنامن ۾ ڪلھوڙا دؤر جي شاعرن مبين شاھ عنايت رضوي، شاھ عبدالطيف ڀٽائي، مخدوم ھاشم ٺٽوي ۽ ٻين جي شاعري ۾ سفرنامي جي تاثرن کان وٺي سندن ھمعصر مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ طرفان "زيارت نامي" ۽ ان بعد ٽالپورن جي دؤر ۾ ساڳئي ئي عنوان سان سيد ثابت علي شاھ نجف، شام ۽ ڪربلا جو منظوم سفرنامو تحرير ڪيو.
انگريزن جي دؤر ۾ مرزا قليچ بيگ جو سفرنامو "ڏاڙھياري جبل جو سير"، لعلچند امرڏنو مل جڳيتاڻي جو سفرنامو "مسافريءَ جو مزو"، ميران محمد شاھ جو "گنجي ٽڪر جو سير" ، ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي جو "سنڌ جو سيلاني" ، پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻي جا ڪشمير ، ھند ۽ گجرات جي سفرنامن سميت ٻيا ڪيترائي سفرناما شامل آھن. ورھاڱي کانپوءِ جديد سفرنامن ۾ آغا بدر الدين دراني جو "مسافر حجاز" ، محمد اسماعيل عرساڻي جو "سير ريگستان" ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو "ھندستان کان آمريڪا جو سفر" کان وٺي الطاف شيخ جي ھڪ سئو کان وڌيڪ سفرنامن جي وڏي فھرست ملي ٿي. ھنن سمورن اوائلي، قديم ۽ جديد عالمي ۽ سنڌي سفرنامن جي دنيا جو تسلسل اڄ بہ جاري آھي ۽ جديد سفرنامـ لکندڙن ۾ ڪيترائي نوان نالا اڀري رھيا آھن جن ۾ اسان جو دادو واسي دوست بلوچ صحبت پنھنجو منفرد مقام رکي ٿو ۽ سندس ڏات ۽ ڏانوَ کي مڃتا ڏيندي اسين کيس اڄوڪي دؤر جو دادو واسي ابن بطوطـ پڻ چئي سگهون ٿا.
بلوچ صحبت جي سفرنامن جي انفراديت انھن سفرنامن جي عنوانن مان پڻ پسي سگهجي ٿي جيئن 'دادوء کان دبئي' ، 'نيپال جو نينھن'، 'ملائيشيا جون محبتون' ، 'انڊونيشا جو عشق' ۽ ھاڻي وري "ٿائيلينڊ جا ٿاڪ'. ھي سمورا سھاڻا سفر ھن پنھجي دل گهرين دوستن ڊاڪٽر سنتوش ، پرتاب راءِ ۽ جاني سان گڏ ڪيا آھن ۽ سفرنامن ۾ سندن ذڪر اھڙي خوبصورت انداز سان ڪيو آھي جو لڳي ٿو تـ ھي سفرنامو ھڪ ڪھاڻي يا ناول ھجي ۽ ان ناول جا ھي سمورا ڪردار ھجن. بلوچ صحبت ھڪ بھترين شاعر اديب ۽ ليکڪ سان گڏ ھاءِ ڪورٽ جو وڪيل پڻ آھي.
شاعر، اديب ۽ ليکڪ ھئڻ ڪري ھو پنھجي تخيل ۽ فڪري گھرائيءَ سان نون نڪور ماڳن ، ماڻھن ۽ لقائن کي ڪھاڻين ، قصن ، داستانن ۽ ناولن جيان بيان ڪرڻ جي سگهہ رکي ٿو. ساڳي طرح سان وڪالت جو پيشو تحقيق يعني کوجنا ڪري نئين ۽ مفيد معلومات ڳولڻ جا گر سيکاري ٿو ۽ اھڙن گرن جي ڪري ھي سفرنامو پنھنجي منفرد حيثيت رکي ٿو.
اھڙي انفراديت جو ھڪ مثال ھي آھي تـ جڏھن بلوچ صحبت ڦي ڦي ٻيٽ جي منظرنگاري ڪري ٿو تـ ھو نہ صرف قدرتي حسناڪين جو شاعراڻو ذڪر ڪري ٿو پر وڪالت جي گرن مطابق اتي بيٺل وڏين ۽ تيز ٻيڙين جا نالا ۽ نمبر پڻ نوٽ ڪري سفرنامي ۾ لکي ٿو. ساڳي طرح سان ھو مختلف ماڻھن جي ڳالھہ ٻولھہ جي مختلف طريقن جون مختلف معنائون اخذ ڪري بيان ڪري ٿو ۽ پڙھندڙ کي سوچڻ جا نوان رخ پسائي ٿو. ايئن چئي سگهجي ٿو تـ بلوج صحبت جا سفرناما ادب ۽ آرٽ سان گڏ تحقيقي سائنس جو پڻ سنگم آھن.
بلوچ صحبت جي سمورن سفرنامن ۾ 'ٿائيلينڊ جا ٿاڪ' ڪيترن ئي پھلوئن کان وڌيڪ انفراديت رکي ٿو. ٿائيلينڊ دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪڏھن بہ ڌارين جي غلامي ۾ نہ رھيو آھي ۽ ٿائي لفظ جي معني ئي آزاد آھي. بلوچ صحبت ٿائي ماڻھن جي سڀاءَ کي ھيئن بيان ڪري ٿو تـ "ماڻھو پنھنجي زندگي جا پاڻ مالڪ ھيا. مذھبن، عقيدن، نظرين، ملن، ڀوتارن، پيرن ۽ سياستدانن جو ان ۾ ڪوبہ عمل دخل نہ ھيو. نہ ئي زندگي ڪنھـن جي ماتحت ھئي.
ھر ماڻھو مذھبي طور ۽ نظرياتي طور آزاد ھيو. ماڻھو پنھنجي زندگي پنھنجي مرضي سان گذارڻ جا عادي ھيا. ايئن پيو لڳي تـ اھي ھتان جي زندگي مان مڪمل طور تي مطئمن ھيا.“ اھڙو آزاد ملڪ جيڪو ڏکڻ ايشيا جي ٻيو نمبر معاشي طاقت ھجي ۽ جتي اليڪٽرانڪس، گارمينٽس ۽ سياحت جون جديد صنعتون ھجن انھن سڀني جو ذڪر بلوچ صحبت پنھنجي شاعراڻي تخيل ۽ فڪري گهرائي تحت منظر نگاري سان گڏ ٿائيلينڊ کان علاوہ آسٽريليا، انڊيا ۽ ٻين ملڪن کان آيل سياحن سان دلچسپ ڳالھہ ٻولھہ کان وٺي ٻيٽن ، جبلن ، وڻن ٽڻن ۽ ماڳن مڪانن سان پڻ انسانن جيان ڳالھہ ٻولھہ ڪري سفرنامي کي ايترو تہ دلچسپ ۽ جاندار بڻائي ڇڏيو آهي جو ايئن لڳي ٿو تہ پڙھندڙ ان پوري سفر ۾ ساڻس گڏ موجود ھجي.
جيمز بانڊ ٻيٽ ، ڦي ڦي ٻيٽ ۽ ٻين ڪيترن جڳ مشھور ٻيٽن جو سامونڊي سير ڪندي مختلف جبلن جا نظارا بيان ڪندي اتي موجود خوبصورت وڻڪاري جو ذڪر ڪندي چوي ٿو تـ ھنن وڻن کي اڪيلو ڇڏڻ تي دل نٿي چوي ۽ خواھش ڪندي چوي ٿو تـ ڪاش ھي سڀ وڻ کڻي اچي پنھنجي گورک ھل اسٽيشن جي زينت بڻايان ۽ منھنجو گورک ڪيڏو نہ مرڪي پوي.
ساڳي طرح سامونڊي سفر دوران ماڻھن جي سڀاءَ کي بيان ڪندي لکي ٿو تہ "سامونڊي سفر دوران سڀ مسافر ھڪ ٻئي سان اھڙي طرح کل ڀوڳ ڪري رھيا ھئا ڄڻ اھي ھڪ ئي خاندان جا ڀاتي ھجن. مذھب رنگ نسل ذات پات جو ڪوبہ متڀيد نہ ھئو سڀ انسانيت جي ھڪ ئي مذھب ۽ شناخت سان سلھاڙيل ھئا" ۽ اتي بلوچ صحبت خواھش ڪري ٿو تہ ڪاش اسانجي ڌرتي تي بہ ايئن ھجي. اسين ذات پات، قبيلن ۽ مذھبي فرقن تحت ھڪ ٻئي جا دشمن بڻجي فسادي ڇوٿا بڻجي وڃون؟ اھڙي طرح پتايا اولڊ سٽي جي سير دوران ٿائيلينڊ جي قديم تھذيب ۽ ثقافت کي نيپال کٽمنڊو جي بختاپور سان ڀيٽي ٿو ۽ انھن ماڳن جي صفائي سٿرائي ۽ خاص ڪري برسات بعد پاڻي جي نيڪالي بيان ڪندي کيس موئن جو دڙو ۽ سنڌ جا ٻيا ماڳ مڪان ۽ شھر ياد اچن ٿا جيڪي گپ چڪ ۽ ڌٻڻ بڻجي وڃن ٿا.
مختصر طور اھو چئي سگهجي ٿو تہ "ٿائيلينڊ جا ٿاڪ" بلوچ صحبت جو تحرير ڪيل ھڪ اھڙو دلچسپ سفرنامو آھي جيڪو نائيٽ ڪلبن جي رنگين حسناڪين کان وٺي قدرتي جزيرن ۽ سامونڊي بيچ جي اھڙي تہ خوبصورت منظر نگاري ڪري ٿو جو عام پڙھندڙ کان وٺي تخليقي صلاحيت رکندڙ شاعر اديب ۽ ليکڪ پڻ ان منظر نگاري مان نڪور تخيلقون پيدا ڪري سگهن ٿا جيئن سيد سردار شاھہ جڏھن سنڌ جي سرموڙ شاعر حسن درس سان پنھنجي ٿائلينڊ جي سفر ۽ خاص ڪري پتايا بيج جا منظر بيان ڪيا تہ حسن درس ان منظرنگاري کي پنھنجي شاعري جو روپ پھرائيندي چيو تہ:

ناريل جي وڻن کي آهي ڏسڻ جي عادت،
۽ مرد کي مصيبت آهي ڇھڻ جي عادت،
۽ ڇوڪرين ڇتين کي آهي ڪھڻ جي عادت،
ڪنھن تي نہ پون ڪڙڪي،
سي مرد سڀ مري ويا ناراض عورتن جا.....
دلڪش بدن سمندر انداز عورتن جا ...!!!


ڊاڪٽر اظھر علي شاھ
سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشھرو فيروز
7 جولاءِ 2024ع