جسم فروشيv/s جائز ڪاروبار
آءُ گهڙي کن هيٺ لھي آ،
پنھنجو جوڙيل ڏيھہ ڏسي وڃ،
مون کان هڪڙي ڳالھہ پڇي وڃ،
منھنجي هڪڙي ڳالھہ ٻڌي وڃ،
اي خدا تون هيٺ لھي آ،
آءُ گهڙي کن هيٺ لھي آ.
عجيب سلسلو هيو. اڃان ٿورو اڳتي مس هلاسين تہ سامھون کا هڪڙي ٻي پوڙهي عورت هٿن ۾ گلاب جي گلن جا گلدستا ۽ موتئي جي سفيد گلن جي مالھا/ هار کنيو کپائي رهي هئي. گلابن جي خوشبوءَ پري کان وڪوڙي ويئي هئي. وري اڳيان ٻي عورت شيشي جي گلاسن ۾ گلاب جا گلابي رنگ ۽ سفيد رنگ وارا گلاب کپائي رهي هئي. هڪڙي پاسي جسم فروشي ٿي رهي هئي تہ ٻي پاسي گلن جو ڪاروبار هلي پيو. اصل ۾ اهي هيا تہ ٻيئي گلابن جا ڪاروبار، پر خريدار ٻنھين جا الڳ الڳ هيا.
هڪڙي ٻي پوڙهي عورت ڦٽ پاٿ تي هيٺ ويٺل هئي ۽ هن جي اڳيان اهي گلابن جا گل، پتڙيون ۽ گلدستا پيل هيا. ايندڙ ويندڙ سياحن کي معصوميت سان تڪي رهي هئي تہ هن جي پاسي ۾ ئي لينڊ ڪروزر سفيد رنگ جي پارڪ ٿيل هئي. مون کي بشير سيتائي جي نظم جو بند ياد اچي ٿو تہ:
ڪٿي مفلسي جا وڏا مچ ٻرن ٿا،
۽ بيماري ۾ جيئرا لاشا سڙن ٿا،
مرڻ کان اڳي روز ماڻھو مرن ٿا،
اهو سڀ ڏسون ٿا.
اڳيان پاسي ۾ ئي هڪڙي عورت بيئر ۽ شراب جون بوتلون گهٽي ۾ صندل تي رک سرعام وڪڻي رهي هئي، ان پيتي ۾ برف سان ڍڪيل اهي بوتلون ڏاڍيون چل/يک ٿڌيون پئي لڳيون. هتي سڀ جائز ناجائز بہ جائز ۽ ڪار هيو. هتي سڀ حلال حرام بہ حلال ئي هيو. چڪلي ۽ ميلي جا بہ ڪي اصول هوندا آهن، پر هتي ڪو بہ اصول اصول نہ هيو.
پاڻ هلندا هلندا مين روڊ تي اچي ويا هياسين. سامھون پتايا بيچ اسان جي سلامي لاءِ پري کان ئي پڪاري رهيو هو. جيڪو اسان پھرئين رات ئي گهمي آيا هياسين. پر هن دفعي اسان روڊ جي کاٻي پاسي مٿي هلي رولاڪين کي رونق بخشي پتايا بيچ جي سونھن مان مڪمل طور تي لطف اندوز ٿيڻ چاهيون پيا. رات روڊن تي ستي پئي هئي، ٽريفڪ جي هيڊ لائيٽس جون روشنون، رات جي رونقن ۾ خلل وجهي رهيون هيون. دڪانن جي ڦٽ پاٿن تي لڳل سيور، سونھن جي ديوين جي جسمن تي روشنين جا ترورا ڇاڻي رهيا هيا. جنھن جي ڪري ويتر انھن جي سونھن جرڪي پئي هئي. نتيجي ۾ اسان جي ننڊ ڪوهون ڏور هلي ويئي هئي.
سامھون کان گاڏي تي پلاسٽڪ جي جرڪندڙ، صاف شفاف گلاسن ۾ هڪڙي ٿائي نوجوان عورت مختلف قسمن جا فروٽ کپائي رهي هئي، جنھن ۾ صوف، گدرو، ڇانھين، انب، ڪيلو، اناناس، ڏاڙهون، زيتون، چقندر نموني ڪو فروٽ وغيرہ هيا، ان کان علاوہ هن وٽ ساڳي شو ڪيس ۾ برف تي رکيل ڇانھين، سردو ۽ ٻيو فروٽ ڪٽيل پڻ نظر آيو.
جڏهن تہ شو ڪيس جي ٻاهران ڪچا ناريل پڻ پيا هيا، جيڪي ملائي ۽ پاڻي جي ڪري شوقينن جي نظر ۾ هيا. ان سان گڏ ئي وري ٻي عورت فروٽ چاٽ کپائي رهي هئي. مون ڏٺو تہ هتي اڪثر ڪري گاڏن، ريڙهن تي عورت ئي ڪاروبار ڪندي نظر پئي آئي، مرد ورلي ڪو نظر آيو هوندو. اهڙي ريت ڪيئي عورتون هلندي ڦرندي ٻارڙن جو شيون، رانديڪا، بسڪوٽ، سگريٽ ۽ چپس وغيرہ کپائي پنھنجي پيٽ جي دوزخ کي وسائي رهيون هيون.
هن ئي روڊ تي Mojilo Bar اسٽريٽ بار بہ هئي، جيڪا ان ننڍي گهٽي جي حساب سان تمام وڏي بار هئي. ان بار جي بورڊ جي هيٺان ئي صندل تي وسڪي ۽ بيئر جون انيڪ سجايل بوتلون کلي عام پيل هيون. ان جي سامھون ئي روڊ جي ٻئي پاسي اسٽار بڪ Starbucks coffee جو پڻ وڏو دڪان هيو. ان کان علاوہ هتي نشي پتي جا يعني ويڊ شاپ Weed Shop پڻ تمام گهڻا نظر آيا. جتي هر قسم جو نشو، چرس، آفيم، ڏوڏي، (هيرون کان علاوہ) وغيرہ سر عام روڊ وڪامي رهيا هيا. اهڙي قسم جا ويڊ شاپ تمام گهڻا، هن بانگلا اسٽريٽ جي چپي چپي تي نظر آيا.
اڳيان هڪڙي عورت هٿ جي هنر جو ڪم ڪري رهي هئي، هو ويٺي ويٺي سوينئر/يادگار هٿ جي سلائي جو ٺاهي رهي هئي. هو نالن کي هٿن سان ڀرت تي لکي رهي هئي. هن نوجوان ناري کي مٿي تي پٺاڻن واري ٽوپي پاتل هئي. هن جي دڪان تي پٽي لڳل هئي. جنھن تي ڪاري مارڪر سان وڏن اکرن سان انگريزي ۾ لکيل هيو؛ Hand made souvenir: made to order ، ”Name” . ڦوٽ پاٿ تي ڪمن ڪارين کان پوءِ ٿڪجي پوندڙ ناريون پنھنجي سامان سان ئي اتي قطار ۾ هيٺ ويٺل نظر آيون. جنھن مان لڳي پيو تہ اهي هاڻي بيھي بيھي ٿڪجي پيون آهن ۽ ٿوري دير لاءِ اتي گهٽي جي ڪناري تي ئي ويھي ساهي پٽي رهيون آهن. اهڙي ريت هن گهٽي ۾ شيخ ڪباب ۽ ٻُوٽي ڪباب جا بہ ڪيترا ئي دڪان نظر آيا. جيڪي واڳون، ڳوھہ، نانگ، بلائن، ڏيڏرن ۽ ڪتن ٻلن جا گوشت کپائي رهيا هيا.
اسان کي انھن جي ڀرسان گذرندي بہ ڌپ کنيو پئي وئي، سوچان پيو تہ هتان جا ماڻھو اهي شيون ايڏو شوق سان ڪيئن ٿا کائين. ان کان علاوہ هتي انگريزي ۾ هڪڙو سائن بورڊ لڳل ڏٺم. جنھن تي لکيل هيو: Classic Hotdogs + Free toppings! وغيرہ ان کان علاوہ هتي هر قسم جي سامان جا دڪان موجود هيا، جنھن مان لڳي پيو تہ زندگي هتي انتھائي خوشگوار گذري پئي.
ماڻھو پنھنجي زندگيءَ جا پاڻ مالڪ هيا. مذهبن جو، عقيدن جو، نظرين جو، ملن جو، ڀوتارن جو، جاگيردارن جو، پيرن جو ۽ سياستدانن جو ڪو بہ ان ۾ عمل دخل نہ هيو. نہ ئي زندگي ڪنھن جي ماتحت هئي. هر ماڻھو مذهبي طور ۽ نظرياتي طور آزاد هيو. ماڻھو پنھنجي زندگي پنھنجي مرضي سان گذارڻ جا عادي هيا. ائين لڳي پيو تہ اهي هتان جي زندگي کان مڪمل طور تي مطمئن هيا. هتي اهڙو بہ سائن بورڊ لڳل اکين جي اڳيان گذريو، جنھن تي لکيل هو تہ؛
Rooms for rent daily ، weekly & monthly .
ٿورڙو اڃان اڳتي مس هلياسين تہ Sweet Corn جو ريڙهو نظر آيو، جنھن ۾ عورت مڪئي جا سنگ ۽ سوپ هلائي رهي هئي. هي علائقو کائڻ پيئڻ وارن چٽيرن جو هيو، جيئن اسان وٽ برنس روڊ ڪراچي ۾ مشھور آهي.
ان کان علاوہ ڪھڙي ڪھڙي شين جو ذڪر ڪجي. هڪڙي جاءِ تي تمام وڏي پينافليڪس تي انگريزي ۾ لکيل هيو؛ Happy Bar. هيپي بار ۾ ڪھڙي شي نہ هوندي، دنيا جھان جي هر شي. توهان رڳو زبان مان لفظ ڪڍو اها توهان جي اڳيان پيش ڪئي ويندي. مطلب تہ پاڻ جيترو ڀٽڪي، رلي، گهمي سگهياسين، رلياسين.
هن ننڍڙي گهٽيءَ ۾ زندگي کي خوش رکڻ جو ڪيڏو نہ سامان سجايو ويو هيو. دنيا جھان کان تنگ، بيزار، بيقرار، پريشاني جي حالت ۾، غمن ۾ غرق ٿيل، مايوسي جي ڌٻڻ ۾ گتل ڪو ماڻھو جڏهن هن گهٽي ۾ داخل ٿئي ٿو تہ هن کي نئين زندگي ملي ٿي وڃي، هو دنيا جا ڏک غم سڀ وساري ويھي ٿو ۽ ٿوري دير لاءِ فقط ئي فقط هتان جي رنگين جلوون ۾ مدهوش ٿي، زندگي جو سڪون ماڻي، عذابن کان ڇوٽڪارو وٺي ٿو.