زنگ هوٽل جا سخت اصول
اها ڇوڪري اسان جا پاسپورٽ ڦوٽو ڪاپي ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويئي، جڏهن تہ ٻي ڪجهہ لک پڙھہ جو ڪم پئي ڪيو. مان هوٽل جو جائزو وٺڻ لڳس، هي فور اسٽار هوٽل هئي. هن جي ڪائونٽر جي اڳيان تمام وڏو لائونج هيو. جتي صوفا بہ ان ئي هوٽل جي رنگ جھڙا يعني وانڱڻائي رنگ جا هيا.
سامھون کان شيشي جي وڏي دروازيءَ کان پريان سئمنگ پول بہ هيو، جنھن بہ سياح جي دل چوي تہ هو وڃي وهنجي اچي سگهي پيو. پر ان لاءِ اهو شرط رکيل هو تہ هن وٽ swimming kit جو هجڻ لازمي آهي. نہ تہ هن کي اتي وڃڻ جي اجازت نہ آهي. ان سان گڏ هڪڙو وڏو وسڪي جو ۽ کاڌ خوراڪ جو جنرل اسٽور پڻ هيو. جيڪو 24 ڪلاڪ کليل هيو. پاسپورٽ جي ڦوٽو ڪاپي ٿيڻ کان پوءِ ان ڪائونٽر واري عورت اي فور جي سائيز جو پنو اسان جي حوالي ڪندي سخت تاڪيد ڪندي چيو تہ،” توهان کي اسان جي هوٽل جي اصولن جي پاسداري ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ انھن جي جيڪڏهن ڀڃڪڙي ٿي تہ ان جو ڏنڊ توهان کي ڀرڻو پوندو.“
انھن اصولن ۾ هيو تہ :
هوٽل ۾ اندر سگريٽ پيئڻ منع آهي. جيڪڏهن توهان هوٽل جي ڪمري ۾ اندر سگريٽ نوشي ڪئي تہ اهو قانوني طور تي ۽ هوٽل جي اصولن جي خلاف ورزي سمجهي ويندي.
هوٽل ۾ جيڪڏهن ڪا بہ ٻاهران عورت وٺي آندي ويئي تہ ان جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ڪائونٽر تي جمع ڪرائي ويندي. جنھن لاءِ ان عورت کي ڪو بہ اعتراض نہ هوندو.
ان کان علاوہ صفائي جي حوالي سان جيڪڏهن ڪمري ۾ ڪو گند ڪيو ويو تہ ان جو بہ ڏنڊ ڀرڻو پوندو.
مطلب تہ اهڙي قسم جا ايترا شرط ۽ اصول ڏسي مون جاني کي چيو تہ ”هن قسم جي هوٽل جي بڪنگ ڪرائڻ جي آخر ڪھڙي ضرورت هئي.“
اسان ڪٿي بہ اصولن تي زندگي ناهي گذاري، ڇڙواڪ، لاپرواهي واري آزادانہ زندگي جا مالڪ هياسين، هن هوٽل اسان کي پڪڙي، جڪڙي ڇڏيو هو. اسان هن هوٽل جي سڀني اصولن سان متفق ٿياسين، پر سگريٽ نہ پيئڻ وارو اصول ڏکيو لڳو. مون ڪائونٽر تي ويٺل ليڊي کي چيو ته.”جيڪڏهن روم ۾ بہ سگريٽ نہ پيون تہ پوءِ ڪٿي پيون.“
هوءَ منھنجي ڳالھہ سمجهي ويئي هئي، ان ڪري مون کي هن اشارو ڪندي،کلي چيو هو تہ ”منھنجي سامھون هن لابي جي ٻاهران.“ ڀلا ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي سٺي ڳالھہ ٿي سگهي پئي. هن اسان کي ڪارڊ ڏيندي هدايت ڪئي هئي تہ،”هن ڪارڊ سان ئي سامھون هوٽل ۾ داخل ٿيڻ وارو گيٽ بہ کلندو تہ لفٽ بہ هلندي، هي ڪارڊ نہ هوندو تہ هوٽل جو دروازو بہ نہ کلندو تہ لفٽ نہ چرندي.“
اسان کي ٻن ڪمرن لاءِ ٻہ الڳ الڳ ڪارڊ ڏنا ويا هيا. اسان ڪارڊ کڻي پنھنجا بيگ گهلائيندا، هوٽل جي گيٽ تي ڪارڊ ٽچ ڪري، دروازو کولي اندر داخل ٿياسين. هي سڄي ڊجيٽيلائيزڊ هوٽل هئي. هر شي ڪمپوٽرائيزڊ، آن لائين، ڪئمرا سسٽم. نيٽ ورڪ ۽ بھترين ماحول. پاڻ هوٽل جي لفٽ وٽ اچي وياسين. هاڻي اسان چارئي پنھنجي سامان سوڌو لفٽ ۾ هياسين.
لفٽ تي ڪارڊ ٽچ ڪيوسين پر مجال آ جو لفٽ چري. وري ٻيو ڪارڊ لڳايو ويو پر نہ. نيٺ ڳالھہ سمجهي ۾ آئي تہ لفظ اوور لوڊ ٿي ويئي. لفٽ ۾ گنجائش کان وڌيڪ وزن آهي. هڪ اسان جو وزن، مٿان اسان جا ٻہ ٻہ بيگ، ويچاري لفٽ ايترو بار کڻي تہ ڪٿان کڻي. هي چئن ڄڻن جي لفٽ هئي. ان ڪري ٻہ ٻہ ٿي مٿي وياسين. سڀني دوستن جا ڪمرا هڪ ٻيئي سان گڏ هيا. پنھنجي ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي ڊاڪٽر رڙ ڪئي.
مون چيو،” خير تہ آ، ڇا ٿيو“؟.
چيائين ،”يار شيشي وارو باٿ روم آ، (شيشو بلر هيو، واش روم بند هيو مڪمل طور تي) هتان سڀ ڪجهہ نظر ٿو اچي.“
مون چيو،” ڪا ڳالھہ ناهي، خير آ، اسان پاڻ ۾ آهيون.“
ڪمري جا بيڊ روم ڪشادا، صاف سٿرا، ڪٻٽ، ٻہ عدد گلاس، ٻہ عدد ڪوپ، ڪافي، چانھہ، کنڊ جا شاشي، پاڻي جون ٻہ عدد ننڍيون بوتلون ۽ عدد بجلي واريءَ ڪٽلي/ٿرماس، مطلب ضرورت جون سڀ شيون دستياب ڪري ڏنيون ويون هيون.
جاني وارن جو ڪمرو اسان جي روم جي بلڪ سامھون هيو. هرڪو دوست پنھنجي پنھنجي روم ۾ هليو ويو هو. هي ڊبل شيئرنگ بيڊ هيا. پاڻ جلدي ۾ ئي فريش ٿيڻ لڳاسين. ٿوري دير ۾ تڙ ڪري، وهنجي سھنجي، تازا توانا ٿي، سفر جو ٿڪ لاهي صفا بالم ٿي ويھي رهياسين. دوستن سان رابطو ڪري هيٺ رولاڪين لاءِ هوٽل جي لابي ۾ لھي آياسين.