فلوٽنگ مارڪيٽ ۾ رولاڪيون
سو جڏهن ٽيڪسي واري بريڪ هڻي چيو تہ،”توهان جي فلوٽينگ مارڪيٽ اچي ويئي آهي.“ اسان هيٺ لٿاسين. جاني هن کي ڪرايو ادا ڪيو. هن چيو تہ،”جيڪڏهن توهان ساڳي ئي ڪرائي تي مون سان واپس هلڻ پسند ڪيو تہ بہ مان هتي توهان جي انتظار ۾ بيٺو هوندس.“
اسان هن کي چيو تہ،”متان اسان کي گهمندي گهڻي دير ٿي وڃي، توهان کي تڪليف ٿئي، ان ڪري بھتر آهي تہ توهان ڀلي هليا وڃو.“
تنھن تي هن چيو تہ،”نہ نہ ڪا ڳالھہ ناهي توهان ڀلي مزي سان گهمو ڦرو، ڪو مسئلو ڪونھي، مان هتي ئي توهان جي انتظار ۾ بيٺو هوندس.“
پاڻ جيئن ئي واڪ ٿرو گيٽ Walk through gate (چيڪنگ واري دروازي کان پاڻ کي اسڪين ڪرائي) داخل ٿي فلوٽنگ مارڪيٽ جي اندرئين حصي ۾ آياسين تہ اسان جي سامھون فلوٽنگ مارڪيٽ جي آفيس هئي. اسان ان آفيس ۾ داخل ٿياسين. سامھون ئي ڪائونٽر هيو، جتان اسان کي ٽڪيٽ وٺڻي هئي. سو جاني ۽ پرتاب ٽڪيٽ جي ڪائونٽر تي اچي بيٺا.
هتي ٻن قسمن جون ٽڪيٽون هيون. هڪڙي سادي گهمڻ جي ٽڪيٽ ۽ ٻي ٽڪيٽ جنھن ۾ ڪلچرل ڊريس پارائي، ٻيڙي ۾ ويھاري، وڏي پروٽوڪول سان توهان کي فلوٽنگ مارڪيٽ جو سير ڪرايو پئي ويو. مون اها گذارش ڪئي تہ جيڪو مزو پنڌ آزادي ٿي پنھنجي مرضيءَ سان گهمڻ ۾ آهي، اهو ٻيڙي ۾ هتان جي ڌارئي ثقافتي ڊريس جي زنجير ۾ پاڻ کي جڙائي گهمڻ ۾ نہ ايندو. سو منھنجا ٽيئي دوست ان ڳالھہ تي متفق ٿيا تہ پاڻ فلوٽنگ مارڪيٽ کي پيرين پنڌ گهمنداسين.
سو سادي ٽڪيٽ وٺي پاڻ اڳتي نڪتاسين. ڪاٺ جي تختن جي هيٺ پاڻي ئي پاڻي هيو. هي مارڪيٽ پاڻيءَ جي مٿان ٺھيل هئي. ڪاٺ جي تختن جي زمين ان ڪري وڇائي ويئي هئي تہ جيئن پاڻيءَ کي قابو ۾ آڻي سگهجي. ڪاٺ جي آلن تختن تي هلڻ مھل ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ تہ پاڻ پاڻيءَ تي هلي رهيا هجون. هي مضبوط قسم جو ڪاٺ ڪنھن پراڻي سامونڊي جھاز جو لڳي رهيو هو.
برسات مسلسل جاري هئي. ڪاٺ سڄو پسي نرم ٿي ويو هو. پر پوءِ بہ اهڙو مضبوط، جھڙو لوھہ. فلوٽنگ (ترندڙ) مارڪيٽ ۾ هر قسم جا دڪان هيا، ڪپڙن جا، کائڻ پيئڻ جا، تحفن تحائفن جا ۽ خاص ڪري ڦوٽو ڪڍرائڻ جا ڪي خاص پوائنٽ ٺھرايا ويا هيا، جيڪي انتھائي خوبصورت هيا. انھن ۾ جيڪا خاص پوائنٽ اسان سڀني کي پسند آئي، اها هئي LOVE واري. يعني ڳاڙهن اکرن سان، ڪلھي تائين ايندڙ سائيز جو ايلL، ان کان پوءِ وري او O، وري ويV ۽ آخر ۾ اِي E اچيو. اهي اکر هڪٻئي کان پري پري رکيا ويا هيا. جيڪڏهن ڪو ماڻھو انھن اکرن جي وچ ۾ بيھي تصويرڪڍرائڻ چاهي تہ ڪڍرائي سگهي پيو. انھن ۾ ڦوٽو ڪڍرائڻ جو مزو ئي ٻيو هيو. پاڻ گهمندا گهمندا هڪڙي ميوزم ۾ اچي نڪتاسين، جنھن ۾ هڪڙي ڪنوار جي کڻڻ واري ڏولي پڻ سجايل هئي، ائين پئي لڳو تہ اجهو ڪي اجهو ڪا ڪنوار اچي هن ۾ ويھندي. ان کان علاوہ ڀت تي وڏن اکرن سان ٿائي ٻولي ۾ ڪجهہ لکيل هيو؛ .....جنھن جو ترجمو جاني هڪڙي ايپ مان ڳولھي ڪڍيو هو. ان کان علاوہ هتي ڪيترائي مجسما پڻ نظر آيا، جن مان ڪي عورتن جا هيا تہ ڪي مردن جا. جيڪي بادشاھہ ۽ راڻين جا لڳن پيا.
پاڻ اتان جي گيٽ کان نڪتاسين تہ وري ٻاهر مين روڊ واري گِيٽ تي اچي نڪتاسين. جتي خوش اخلاق سيڪورٽي گارڊ بيٺو هيو. اسان کي گيٽ کان ٻاهر نڪرڻو نہ هيو. ڇو تہ ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ توهان ٻيھر اندر فلوٽنگ مارڪيٽ ۾ داخل نہ ٿا ٿي سگهو. ان لاءِ وري توهان کي ٻي ٽڪيٽ وٺڻي پوندي. پر اتي معمور سڪيورٽي گارڊ ڏاڍو مھربان هيو.
جنھن اسان جي ڪيفيت کي سمجهندي چيو تہ،”ڪا ڳالھہ ڪانھي توهان ٻيھر اتان ئي واپس اندر اچي سگهو ٿا.“ اسان هن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ وري اتان ئي اندر داخل ٿياسين. نہ تہ وري ٻي ٽڪيٽ وٺڻي پوي ها، ڇو تہ اسان اڃان فلوٽينگ مارڪيٽ گهمي ئي ڪٿي هئي. سو گهمندي گهمندي. دوستن جو موڊ ٿيو تہ کوپري واري آئسڪريم جو مزو وٺجي. ان ڪري ناريل واري اسٽال تي پاڻ اچي نڪتاسين. جتي نوجوان ناريل جي ڪريم واري آئس ڪريم کپائي رهيو هيو. هن جي آئس ڪريم جو سواد ئي ٻيو هيو. واقعي ئي برساتي موسم ۾ آئس ڪريم کائڻ جو الڳ ئي مزو آهي.
ڪاٺ جي چمچن ۽ ناريل جي کوپري ۾ آئس ڪريم رکيل هڪ بلڪل الڳ ٿلڳ پيشڪش هئي. اتان اڳتي هلياسين تہ هڪڙو ننڍڙو ٻيجل جيترو، پاڻي جي شيشي واري حُوض ۾ ٽنگون هيٺ لڙڪائي ويٺو هيو. ان حوض ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون مڇيون پيل هيون، جيڪي پيرن جي مَرِ يا مير کي يا ڪِنن بيڪٽيريا يا جراثيمن کي کائي رهيون هيون.
هو ننڍڙو ڏاڍو پرسڪون ويٺو هيو. هن کي مڇين جي پتڪڙن چڪن جي ڪري ڪتڪتايون تہ ضرور ٿينديون هونديون، پر هو ڏاڍو آرام سان، پرسڪون ويٺو هيو. هي اڌ ڪلاڪ جو پروگرام هيو ۽ ان جا چارجز ڪافي وڏا هيا. اهڙي قسم جا ٻيا بہ ڪيترائي دڪان هيا، جتي ڪي اڪئيريمaquarium (شيشي جا حوض) رکيل هيا، پر ان وقت اهي ٻيا سڀ خالي هيا. هن دڪان جي مالڪياڻي اسان کي بہ سڏ ڪري رهي هئي تہ اچو پنھنجا پير صاف ڪرايو، پر اسان مان ڪنھن جو موڊ پير صاف ڪرائڻ جو نہ هيو. سو هن کي مسڪرائي شڪريو ادا ڪري اڳتي رمندا رهياسين.