برپٽ ۾ ڳاڙهي ڪنوار
هوءَ اسان جي اڳيان اچي بيھي رهي. جنھن مان ائين لڳو تہ هن اسان کي ڄاڻي واڻي روڪيو هجي. هن اسان سڀني کي ڀليڪار ڪندي خواهش ڏيکاري تہ هن سان يادگار تصويرون ڪڍرايون. جنھن تي جاني چيو تہ،”سائين هن سان نڪتل تصويرون جي گهر تائين پھچي ويون نہ، پو تہ پنھنجو خير ناهي.“
سڀني کان زوردار ٽھڪ نڪري ويو، هوءَ بہ سمجهي ويئي هئي تہ ڇورا مستي ٿا ڪن. يقينن ان تصويرن جو هوءَ معاوضو وٺي رهي هئي. هي عورت اتي بيھي پنھنجو ڪاروبار ڪري، پنھنجي روزي ڪمائي رهي هئي. هن اسان چئن کان 100 باٿ ورتا ۽ سڀني سان تصويرون ٺھرايون. هوءَ واقعي ئي خوبصورت هئي يا هن جي چھري تي ميڪ اپ جا تھہ چڙهيل هيا، اهو نہ ٿو چئي سگهجي. هونءَ بہ اسان پارا سڌڙيا رڳو اهڙين ئي شو ڪيس ۾ سجايل رانديڪن سان ئي کيچل ڪري پنھنجي ٻاڙ ماريندا آهن يا وري پنھنجن پنھنجن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي، دوستن يارن کي اهي تصويرون ڏيکاري وڏيون ڊاڙون هڻي اهو چوندا آهن تہ،”ڏس هي اها ناري هئي، جيڪا مون سيٽ ڪئي.“ سڀ حرامپايون!
ان ڪري هر ايندڙ ويندڙ ماڻھو جي، خواهش هئي تہ هوءَ هن سان تصوير ڪڍرائي. اسان کي هن سان تصوريون ڪڍرائڻ جو ڪو بہ ارادو نہ هيو. پر هن جي اسرار تي سوچيو سين تہ ٺيڪ آ هن جي بہ روزي ٿي ويندي ۽ اسان جو بہ ڪم بہ. ان ڪري اسان مان هر هڪ دوست واري وٽي سان هن سان گڏ بيھي تصويرون ڪڍرايون. هن سان تصويرن ڪڍرائڻ مھل سچ تہ عجيب ڪيفيت ٿي ويئي هئي، خوشيءَ ۾ ماڻھو نہ پيو ماپي. ڄڻ تہ برپٽ ۾ ڪا ڳاڙهي ڪنوار ملي ويئي هجي. يا وري ماڻھو فوشرپائي ۾ پاڻ کي ٿوري دير لاءِ گهوٽ سمجهي ويٺو هجي يا وري 18 سالن جي ڦوھہ جواني ۾ موٽي آيو هجي. ان ويل چھري تي رونق ۽ چپن تي مسڪراهٽ پاڻھي ائين وکري ويئي هئي، جيئن چوڏهين جو چنڊ، سڄي ڌرتيءَ کي روشن ڪري ڇڏيندو آهي. هن سان اهڙي نموني تصويرون ڪڍرايونسين ڄڻ تہ هن کي پاڻ سان گڏ سنڌ وٺي اينداسين. هن بہ پنھنجي مسڪراهٽ جي خيرات ڪڍي هئي، جنھن جو هر سونھن پرست مستحق هوندو آهي.
هن کي پنھنجي ان ڪم جو معاوضو ڏيئي اڳتي وڌياسين. هاڻي سج لھي رهيو هيو ۽ ڪافي ٽائيم بہ ٿي ويو هو، اسان کي ٽيڪسي واري جي بہ ڳڻتي هئي تہ هو اسان جي انتظار ۾ نہ بيٺو هجي. بلڪ اسان کي ايئن لڳو تہ هو ايتري دير کان پوءِ هليو ويو هوندو. نڪرڻ مھل ڪجهہ ثقافتي اسٽال لڳل نظر آيا، جن ۾ قديمي دؤر جون شيون سجائي رکيون ويون هيون ۽ اهي اسٽال ڪلچرل قدآمت کي ظاهر ڪري رهيا هيا. ان ۾ قديمي دؤر جا ماڻھو پنھنجي ڪرت ۾ مصروف نظر پئي آيا. جيئن اسان جي سنڌ ميوزم ۾ آهي. سو هلندي هلندي هڪ نظر انھن تي وجهي، تڪڙ ۾ تصويرون ڪڍي ٻاهر نڪري آياسين. اتي گهڻو ان ڪري نہ بيٺاسين تہ هاڻي سج لھي چڪو هو ۽ انداهي جو ماحول منڊلي مچائي رهيو هو.
روڊ تي ٽيڪسي وارو نظر نہ آيو. پڪ ٿي ويئي تہ هليو ويو هوندو. اڃان ٿورو اڳتي مس وڌياسين تہ سامھون کان هن سڏ ڪري چيو تہ، ”مان هتي آهيان، ايڏي دير ڪبي آهي، توهان کي ان جا پئسا ڏيڻا پوندا“ پر پوءِ هن ٽھڪ ڏنو. هن جي ٽھڪ ۾ سڀ ڪجهہ سمايل هيو. هن مذاق پئي ڪئي. تمام بھترين ماڻھو هو.
هن اسان کان پڇيو،” فلوٽنگ مارڪيٽ ڪيئن لڳو؟“
مون چيو،”شاندار، ڪاش اهڙيون فلوٽنٽگ مارڪيٽون اسان جي ملڪ ۾ بہ هجن.“
جنھن تي هن چيو تہ،”توهان جي ملڪ ۾ ناهن.“
مون چيو،” نہ.“ هو حيرت ۾ پئجي ويو هو.
هن کي چيوسين تہ،” هاڻي اسان کي هوٽل تي ڇڏي اچ.“ فلوٽنگ مارڪيٽ جو خوبصورت يادون کڻي پاڻ واپس ورياسين.