ٺڳ ٽيڪسي واري جو ڄار
ٽيڪسي وارو اڳ ۾ ئي اسان جي انتظار ۾ ٽيڪسي کي صاف سٿرو ڪري، چمڪائي بيٺو هيو. هو فون تي هري هري ڪنھن سان ڳالھائي رهيو هو. هن جي روين ۽ حرڪتن مان اُتي ئي اندازو ٿي ويو هو تہ ڪا گڙٻڙ ضرور آهي. مون کي هن جي چال چلت بہ اڍنگي لڳي. سو هن جي اهڙين مشڪوڪ حرڪتن ويتر اسان کي شڪ جھڙي بيماريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. ڇو تہ هن جيترا پئسا چيا هيا، اهي هن ٽوئر/سئر جي حساب سان تمام ٿورا هيا. ايترن پئسن ۾ هو اسان کي ايتريون جايون ڪيئن ٿو گهمائي سگهي. هو ٿائي هيو ۽ ٿائي لھجي ۾ انگريزي ڳالھائي سگهي پيو. ٽيڪسي ڦڪي رنگ جي هئي. هو ٿوري دير ۾ ئي اسان کي هاٿين جي جهنگل ۾ وٺي آيو، جتي پري کان ئي اسان کي ڪجهہ هاٿي مَنَھہ/ جهوپڙي/پيھي جي هيٺان زنجيرن سان ٻڌل نظر آيا. اُتي ئي هڪڙو اسٽور ٽائيپ وڏو دڪان هيو. جنھن ۾ بوتلون، چپس، آئيس ڪريم، پاڻي ۽ جوس جون بوتلون پيون هيون. اتي موجود ٿائي نوجوان ڇوڪري هٿن ۾ ٽڪيٽ جهليو بيٺي هئي. هن ٽيڪسي واري اسان کي اشارو ڪيو تہ ان مائي کان ٽڪيٽون وٺو.
اسان ان ٿائي عورت ڏي اڳتي وڌياسين. هن ٽڪيٽون ڪڍي ڏيکاريون، جن ۾ الڳ لڳ وقت لاءِ هاٿين جي سواري ڪري سگهجي پئي. جنھن ۾ هاٿين تي سواري جا وقت مقرر ٿيل هيا، اڌ ڪلاڪ، منو ڪلاڪ يا وري مٿي ڪلاڪ جي سواري. الڳ الڳ وقت لاءِ الڳ الڳ رقم مقرر ٿيل هئي ان ۾ 1000، 1200 ۽ 1400 باٿ جي رقم رکيل هئي. ايڏي وڏي رقم فقط هاٿي جي سواري جي هئي. جيڪا ڳالھہ اسان مان ڪنھن کي بہ نہ وڻي. اسان هاٿين تي سواري ڪرڻ نہ آيا هياسين، بلڪ هتان جي فطري سونھن کي پسڻ آيا هياسين.سو Phuket Elephant Trekking وارن جي اصل ۾ هن ٽيڪسي واري سان ڪميشن جو حساب ڪتاب رکيل هيو.
جڏهن تہ اسان هاٿين تي سواري ڪرڻ/چڙهڻ لاءِ ڪنھن بہ ريت تيار نہ ٿياسين تہ ٽيڪسي واري فراڊي جي ان حساب سان ڪا بہ ڪميشن نہ پئي ٺھي، جنھن ڪري هن جيڪو اسان سان ڪرايو طئي ڪيو هو، ان ۾ هن کي فائدو نہ پئي پيو. اڃان اڳتي ان ساڳي رقم تي هلڻ بہ هن لاءِ دشوار هيو، ڇو تہ هتان جيڪڏهن هن کي ڪميشن ملي ها تہ هو يقينن اڳتي اسان کي انھي طئي ٿيل پئسن عيوض گهمائي ها، پر هو اُن عورت سان ٿائي ٻولي ۾ سس پس ڪرڻ لڳو.
هاڻي مون کي پڪ ٿي وئي هئي تہ هنن ٽيڪسي وارن جو انھن وزٽ واري ڪمپني سان اڳ ۾ ئي طئي ٿيل هوندو آهي تہ جيترا ماڻھو توهان اسان ڏي وٺي آڻيندو، اوتري توهان جي ڪميشن ٺھندي. سو ان ڪميشن جي چڪر ۾ اسان پارو اجنبي ماڻھو رليو وڃي. صاف ظاهر آهي تہ جڏهن اسان هاٿين جي سواري ڪرڻ کان بنھہ انڪار ڪيو تہ اتي موجود دڪاندار ليڊي هن فراڊي ڊرائيور کي ڪميشن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ جڏهن هن ٽيڪسي واري کي ڪميشن نہ ملي تہ هن کي اسان وارو سودو مھانگو پيو. ان ڪري هن وڌيڪ اڳتي هلڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو تہ،” مان اڳتي نہ هلندس.“ ان ڪري هن همراھہ جو موڊ خراب ٿي ويو. ڇو تہ سڄو کيل پئسن جو هيو.
ٿائي عورت اسان کي سمجهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندي چيو تہ،”هاٿي جي سواري مزيدار آهي، توهان کي مزو ايندو، جهنگل گهمندو، توهان سان رعايت بہ ڪيون ٿا، توهان کي سستي ٽڪيٽ بہ ڏيون ٿا، ٻيو توهان کي اڃان ڇا کپي.“ پر اسان ان خيال جا هياسين تہ اسان هاڻي ٻار تہ ناهيون جو هاٿي جي ويھي سواري ڪيون.