سفرناما

ٿائيلينڊ جا ٿاڪَ

ٿائيلينڊ دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪڏھن بہ ڌارين جي غلاميءَ ۾ نہ رھيو آھي ۽ ٿائي لفظ جي معني ئي آزاد آھي. بلوچ صحبت ٿائي ماڻھن جي سڀاءَ کي سھڻي نموني بيان ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٿائيلينڊ جي خوبصورتين، اتان جي صفائي سٿرائي، آزادي ۽ اتان جي ماڻھن کي منفرد انداز سان لکيو آھي. ھي ھڪ اھڙو دلچسپ سفرنامو آھي جيڪو نائيٽ ڪلبن جي رنگين حسناڪين کان وٺي قدرتي جزيرن ۽ سامونڊي بيچ جي اھڙي تہ خوبصورت منظر نگاري ڪري ٿو جو عام پڙھندڙ کان وٺي تخليقي صلاحيت رکندڙ شاعر اديب ۽ ليکڪ پڻ ان منظر نگاري مان نڪور تخيلقون پيدا ڪري سگهن ٿا.

Title Cover of book Thailand jaa thaak

گوتم ٽيمپل/چرچ ۾

پاڻ گوتم کان موڪلائي، دعا گهري، ٻاهر نڪري وري واپسي جو رستو ورتوسين. اسان جي ڊرائيور لائق ٻڌايو تہ هن وٽ اڃان بہ ڪجهہ ٽائيم آهي، ان ڪري هو اسان کي هڪڙي ٻي اهم پوائنٽ بہ گهمائڻ چاهي ٿو. پاڻ بگ بدها ڦڪيٽ ڪئرون مانگ Karon Muang کان نڪري آياهئاسين ۽ هاڻي ڪنھن ٻي منزل ڏانھن روانا هياسين.
لائق ڊرائيونگ سيٽ تي ويھي، پنھنجي سوزوڪي سان ڪچھري ڪندي اڳتي هلي رهيو هو. خبر ناهي تہ هو ڪھڙي اهم پوائنٽ گهمائڻ چاهي پيو. لائق تقريبن اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ سوزڪي کي اهڙي جاءِ تي آڻي بريڪ ڏني جتي، اوسي پاسي ۾ ڪافي گاڏيون پارڪنگ ۾ بيٺيون هيون. هي پارڪنگ ايريا هيو، پر کليل کليل. تمام وڏو ميدان. سامھون کان وڏن وڏن نيلن مان لڳو تہ هو اسان کي ڪنھن چرچ ۾ وٺي آيو آهي. پر ائين نہ هيو. چند سو قدمن کڻڻ کان پوءِ اسان ان چرچ جي دروازي تي هياسين. اسان سڀني اتي ئي ڪاٺ جي دروازي وٽ پنھنجا جوتا لاٿا. ڇو تہ اسان کان اڳ ۾ بہ اتي گيٽ وٽ ڪيئي جوتا رکيل هيا، جتان اهو اندازو ٿيو هو تہ اسان کي بہ پنھنجا جوتا هتي ئي رکڻ گهرجن. پاڪستان ۾ هجون ها تہ شايد پنھنجا جوتا بغل ۾ هڻي اندر کڻي وڃي ڪٿي نہ ڪٿي، ڪنھن نہ ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ لڪائي رکون ها تہ جيئن اسان جا جوتا سيف هجن، ڀلي اسان جو ايمان سلامت هجي يا نہ. اهو ڪو مسئلو نہ آهي.
اسان کي اڳتي هلي ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿيو تہ هي چرچ نہ آهي، بلڪ هڪڙو تاريخي مندر آهي. هي مندر هيٺ زميني سطح تي هيو. هن جي چوگرد وڻ، ٻوٽا ۽ خوبصورت پارڪ هيو. گيٽ کان جيئن ئي اندر داخل ٿياسين تہ اسان کي چند ڏاڪڻيون مٿي چڙهي ان مندر ۾ اندر داخل ٿيڻو هو. هتي بہ اهو ئي اصول هيو تہ شارٽس وارن مردن ۽ عورتن کي ان ڊريسنگ ۾ اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نہ هئي خاص ڪري اهڙين عورتن کي، جن کي شارٽس پاتل هيا، انھن کي اتي پاجامو پارايو ويو هو.
اندر داخل ٿيڻ سان ئي روحاني سڪون جو ساھہ سان رابطو بحال ٿي ويو هو. ديوارن تي مختلف قسمن جي ديوين ۽ ديوتائن جون تصويرون پينٽ ٿيل هيون. اندر سامھون کان گوتم جي مورتي پيل هئي، جنھن جي ارد گرد هٿراڌو ٺھيل گلن جا ٻوٽا ۽ گل سجائي رکيا ويا هيا. سامھون کان ٻن وڏن گلدانن ۾ پڻ ساڳي قسم جا هٿراڌو گل سجائي رکيا ويا هيا جن جو رنگ نارنگي/ڦڪي رنگ جھڙو هيو.
هن گوتم واري حال ۾ تمام گهڻيون مختلف سونھري رنگن جو مورتيون پيل هيون. مان سوچيان پيو ڇا تہ ڪاريگر جو ڪمال هو. جو هن هر مورتي جو نڪ، اک، ڪن، وات، مٿو، ڳچي، سينو، ٻانھون، هٿ، چھري جا تاثرات، مسڪرائڻ، سنجيدگي، اهڙي تہ بھترين نموني سان چٽيا ويا هيا، جو ان ڪاريگر کي داد ڏيڻ کان سواءِ دل رهي نہ سگهي. ڪاش اهو ڪاريگر جنھن هيڏيون خوبصورت مورتيون ٺاهيون منھنجي سامھون هجي ها تہ مان هن جا ٻيئي هٿ چمي اکين تي رکان ها. ڇو تہ هي ڪم ڪو عام ڪاريگر نہ پيو ڪري سگهي، هن ڪم جو ڪو ماهر ڪاريگر هوندو جنھن جي ڇيڻي، ڪٽائي جو هٿ ايڏو صاف آهي جو فقط هنن مورتين ۾ ساھہ وجهڻ جي دير هئي، نہ تہ اهي تہ جيئريون جاڳينديون نظر پئي آيون. پر هي ڪم فائيبر تي ٿيل هيو، جيڪڏهن اهو ڪم پٿر تي اڪريل هجي ها تہ پوءِ مون کي مائيڪلو اينجلو کان پڇڻو پوي ها تہ ڪٿي هي مورتيون ٺاهيندڙ تنھنجو شاگرد تہ ناهي، يا تو پاڻ تہ نہ ٺاهيون آهن.
جيئن هڪڙي مورتي ستل نظر پئي آئي، جنھن مان ائين لڳو تہ هي تہ هينئر هينئر ننڊ پئجي وئي آهي، آهستي ڳالھايو ، ڪٿي هن جي ننڊ نہ ڦٽي پوي ۽ ننڊ مان جاڳي نہ پوي. سو انھن ئي مورتين ۾ ڪي مورتون پاسي سان ستل هيون تہ ڪي ويٺل، جڏهن تہ ڪيئي وري بيٺل نظر آيون. گوتم جڏهن زندگي جي آخري گهڙين ۾ هيو تہ هن پاسيري ليٽي وقت گذاريو هو ۽ هن جو موت بہ ان ئي ڪيفيت ۾ ٿيو هو.
اسان هڪ نظر ان مندر جي چئن پاسن کان ڊوڙائي جتي هر پاسي کان مورتيون ئي مورتيون هيون. ڪي سائيز ۾ وڏيون تہ ڪي ننڍيون. اندران ئي مٿي وڃڻ لاءِ سيمينٽ جي ڏاڪڻ ٺھيل هئي، جنھن جي ذريعي پاڻ هيٺان کان مٿي واري حصي ۾ وياسين.
ڏاڪڻ جي پاسي وارين ڀتين تي بہ مختلف پينٽنگ ٿيل هئي. هڪڙي ڳالھہ جيڪا سٺي لڳي، اُها اِها هئي. تہ هن سڄي ماحول ۾ خاموشي، سڪون ۽ شانتي جو عالم هيو. جنھن جي ڪري هتان جو ماحول معطر ۽ معتبر نظر پئي آيو. مندر جي جهروڪن مان تازي هوا جا جهونڪا اندر داخل ٿي من ۾ محبت جو مانڊاڻ مچايو ڇڏين پيا. ان ڪري ئي هتي شانتي جو روح واسو ڪري ويو هو. سامھون کان هڪڙي سڄي پاسي ۾ ڪنول جي گل جھڙا ڪپڙي جا ٺھيل شيڊ بند پيل هيا، جيڪي اُس جي اچي وڃڻ جي ڪري هيٺ مٿي ڪري لاهي، کولي وري بند ڪري ڇڏيندا هيا. جنھن جي ٻنھين پاسن کان ٻہ مورتيون هٿي ٻڌي ادب ۾ بيٺيون هيون. ڇا تہ هنن ماحول ٺاهيو هو. واقعي اسان کي بہ سڪون اچي ويو هو ۽ اسين بہ اهڙي سڪون ۾ بہ شانتي، سک، چين جو مزو ماڻي حيرت جي دنيا ۾ غرق ٿي ويا هئاسين.