بينڪاڪ ايئرپورٽ ۽ ٻيجل جا سوال
هي ڪو اهڙو وڏو خاص ايئرپورٽ نہ هيو. پر پوءِ بہ صفائي سٿرائي جي حساب سان تمام سھڻو ۽ سٺو هيو. مون ٻيجل کي واٽس اپ تي لائيو ڪال ڪري هن ايئرپورٽ جو ديدار ڪرايو. هو ڪيمرائي جي اک سان ايئرپورٽ کي ڏسي رهيو هو. ڄڻ تہ مون سان گڏ گهمي رهيو هو. مون کي جٿي بہ موقعو مليو پئي تہ مان هن کي واٽس اپ تي وڊيو ڪال ڪري، هن کي اهي شھر، ماڳ مڪان، ملڪ، شاپنگ مال ۽ ايئرپورٽ گهمايان پيو.
پر هن جو وري بہ آخر ۾ اهو ئي ساڳيو سوال هيو تہ،” بابا باقي گهڻا ڏينھن بچيا آهن، ڪڏهن موٽندو، هتان کان پوءِ ڪاڏي ويندو.“ ان ڪري جڏهن مون هن کي اهو ٻڌايو تہ،”بابا! پاڻ ايئرپورٽ تي آهيون، هتان کان بينڪاڪ ٿا وڃون ۽ پوءِ چئن ڏينھن يعني 25 تي اسان جي بنڪاڪ کان ڊاريڪٽ ڪراچي جي فلائيٽ آهي.“
ان تي هن جو حوصلو بلند ٿيو هو ۽ هن پنھنجي زبان سان دهرائيندي چيو،” باقي ٽي ڏينھن.“ سو پاڻ ايئرپورٽ کان جھاز تائين ٻيجل سان رابطي ۾ هياسين. هي جھاز Thai Lion Air Sl 771 ۽ بوئنگ 787-8 هيو.
هن جھاز ۾ فقط ڏهن ڪلو سامان کڻڻ جي اجازت هئي، هن جھاز جي ئي ڪري اسان گهڻي شاپنگ نہ ڪئي هئي ۽ سڀني جو اهو ئي خيال هيو تہ پاڻ بينڪاڪ مان ئي شاپنگ جي لٽ مار ڪنداسين. جھاز ڏسندي ئي ڏسندي وڃي اڀ کي ڪڇيو هو. مان جھاز جي دري جي پاسي کان هيس. هيٺ نگاھہ وڌم تہ سفيد بادل جھاز کان گهڻو هيٺ هليا ويا هيا.
پاڻ تمام وڏي بلندي تي هياسين. تقريبن سوا ڪلاڪ کان پوءِ جھاز هيٺ لھڻ جي ڪري رهيو هو. مٿان کان اک جڏهن هيٺ نگاھہ وجهي رهي هئي تہ وچ ۾ ڪجهہ مفاصلي کان پٽا پئي نظر آيا ۽ انھن پٽن جي وچ ۾ شھر پئي لڳو. هاڻي جھاز گهڻو هيٺ لھي آيو هو. گهرن سان گڏ ميدان، ڪينال جو پاڻي، ساوڪ جا ميدان نظر پئي آيا. نيٺ پاڻ هيٺ لھي آيا هياسين. هن وقت منجهند جو سوا هڪ ٿئي پيو. پاڻ بينڪاڪ جي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪري چڪا هياسين.
پرتاب سان سيٽ تي ٿائلينڊ ۾ڪنھن ڪمپني جو مينجر سفر ڪري رهيو هو. ايئر پورٽ تي اهو بہ ٻيھر پرتاب سان ٽڪرائجي ويو. جنھن سان دوستن ڦوٽو بہ ڪڍرايا ها. هن جو خيال هيو تہ،”توهان پتايا جھڙي خوبصورت شھر کي ڇڏي بينڪاڪ جھڙي گندي شھر ۾ ڇو آيا آهيو. پتايا ۾ ايتري ٽريفڪ نہ آهي، جڏهن تہ بينڪاڪ ۾ ٽريفڪ جو وڏو آزار آهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ تي ٽريفڪ جام رهي ٿي.“ خير هو پنھنجي جاءِ تي سھي هيو ۽ اسان بہ غلط نہ هياسين. ڪھڙو اسان کي هتي هميشہ جي لاءِ رهڻو هيو. ڪليئرنس کان پوءِ پاڻ ايئرپورٽ جي ٽيڪسي اسٽينڊ تي هليا آياسين، جتي ٽيڪسي جا ريٽ تمام مٿي هيا. ان ڪري جاني کي اتي ئي هڪڙو ايجنٽ ٽڪرائجي ويو، جنھن سان هو تمام وڏي ڊسڪائونٽ تي راضي ٿيو. ان ڪري ان ٽيڪسي اسٽينڊ تان ورتل ٽوڪن ساڻ ڪري پاڻ پنھنجا بيگ گهليندا اتان ٻاهر نڪري آياسين. هاڻي اسان لفٽ ۾ هياسين. هي پارڪنگ پنجين ماڙ تي هئي، جتان اسان ٽيڪسي ۾ سامان رکيو. ٽيڪسي واري اسان کان اتان ئي پئسا وٺي ڇڏيا هيا. پنجين ماڙ کان پوءِ هيٺ لٿاسين تہ اهو ٽيڪسي وارو ٽيڪسي تان لٿو ۽ هڪڙو ٻيو عاشق مزاج نوجوان جنوني ٽيڪسي ڊرائيور سيٽ تي ويھي رهيو. دل ئي دل ۾ چيوسين،”خدا خير ڪري.“