بلوچ صحبت جي لفظن ۾ منظر نگاري ۽ لطيف احساس
مان ٿائيلينڊ جي چونڊ ڪئي. ٿائيلينڊ جنھن کي”مرڪن جو ديس“ ڪوٺيو ويندو آھي. ٿائيلينڊ جو پھريون سفر2000 ع ۾ ڪيو جڏھن مان آءِ ايم ايف جي ھڪ ميٽنگ جي سلسلي ۾ ھانگ ڪانگ ويو ھيس ۽ واپسيءَ ۾ ٿائيلينڊ ۾ ڪجهہ ڏينھن رھيو ھيس. پوءِ منھنجو اھو ڄڻ ھڪ ايم ٿي ويو تہ ڪھڙي بہ مُلڪ وڃان تہ وڃڻ يا اچڻ وقت ھفتو کن ٿائيلينڊ ۾ گذاريندو ھيس. پر ھر ڀيري منھنجو ماڳ الڳ ھوندو ھو.
بلوچ صحبت سان ڪراچيءَ ۾ کوڙ ڪچھريون ٿيل آھن. انھيءَ زماني ۾ امداد سولنگيءَ ۽ بلوچ صحبت جي ”جوڙي“ ھوندي ھئي جيڪي سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جون بنا ناغي ميٽنگون ۽ پروگرام ڪرائيندا ھيا. امداد ۽ صحبت ٻئي ڀلا شاعر بہ آھن تہ وري سٺا وڪيل بہ آھن. انيس انصاري اڪيڊميءَ جي مشاعرن ۾ بہ پنھنجو جلوو ڏيکاري چڪا آھن. پر پوءِ وري پنھنجن شھرن ڏانھن موٽي ويا جتي ھاڻي اتان جا مشھور ھاءِ ڪورٽ جا وڪيل آھن.
عام طرح ايئن سمجهيو ويندو آھي تہ ٿائيلينڊ معنيٰ ”عياشي لاءِ وڃڻ“ ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناھي پر عياشي رڳو سيڪس واري نہ سمجهجي. ھا ”سيڪس“ بہ آھي پر رڳو اھو سمجهڻ تہ سڄو ملڪ ان ڪم سان لڳو پيو آھي تہ بالڪل بہ ايئن ناھي. ھر شھر ۾ ھڪ مخصوص ھنڌ اھڙو آھي جتي، نائيٽ ڪلب، بار ۽ پبَ اھڙا آھن.
پر اتا ن جي سامونڊي ڪنارن، يا اتان جي اترين علائقن جي گهمڻ لاءِ ھاڻي تہ گهڻا تڻا ماڻھو پنھنجن ڪٽنبن سان اتي تفريح لاءِ اچن ٿا. ھاڻي تہ ڪافي پاڪستاني ڪٽنب بہ اتي موڪلون ملھائڻ وڃن ٿا.
منھنجو بہ اتي گهڻي وڃڻ جو سبب اھو ھو تہ اتي جيڪي سياحن کي سھولتون ملن ٿيون اھي ڪنھن ٻي ملڪ ۾ ايتري ججهي انداز ۾ ناھن. ٻيو تہ ھر بجيٽ جي سياح کي مرضيءَ ۽ پئسي مطابق اتي رھائش کان وٺي، کاڌي پيتي تائين ھر سھولت ميسر آھي.
ھاڻي تہ کڻي پاڪستان ۾ ڊالر مھانگو ٿيڻ ڪري اسان کي ھر ملڪ گهڻو مھانگو ٿو لڳي. نہ تہ ڪجهہ سال اڳي تہ اتي ڏينھن جو ايترو خرچ ايندو ھو جيترو ڪنھن بہ ماڻھوءَ جو عام طور تي پاڪستان ۾ خرچ ٿئي ٿو. پر اتان جي رھائش پاڪستاني ھوٽلن کان ان ئي قيمت ۾ بھترين ھوندي ھئي.
2008ع ۾ منھنجو پھريون سفرنامو ”پرين ھن پار“ شايع ٿيو، جنھن لاءِ مان سائين الطاف شيخ کي عرض ڪيو ھو تہ مون کي ان لاءِ مھاڳ لکي ڏي. ان مھاڳ ۾ ھڪ ڳالھہ لکي تہ ”سفرناما مون کي اهي تہ وڻندا ئي آهن جيڪي ڪنھن نئين ملڪ يا ماڳ جا هجن، پر اهي بہ چاھہ سان پڙهندو آهيان جيڪي انھن ملڪن يا شھرن جا آهن جن مان آئون ڀلي ڏھہ دفعا ٿي آيو هجان ڇو جو جيئن چوندا آهن تہ سُرمو سڀ ڪا پائي پر اک اک جو ڦير. تيئن شھر، گهٽيون ۽ مندر مسجدون ڀلي ساڳيون هجن، پر هر ڏسڻ واري جي اندر جي اک انھن کي مختلف اينگلز Angles سان ڏسي ٿي.“
اھا ئي ڳالھہ مان صحبت بلوچ جي سفرنامي لاءِ بہ ورجائيندس تہ ماڳ مڪان تہ اھي منھنجا بہ گهميل آھن پر ھر ماڻھوءَ جو انھن ڏي رويو ۽ محسوس ڪرڻ جو انداز ٻيو ھوندو آھي ۽ وري ان کي لکڻ جو بہ پنھنجو انداز ھوندو آھي. اھڙو ئي انداز صحبت بہ روا رکيو آھي.
ڪي دوست ان ڳالھہ تي بحث ڪندا آھن تہ ڇا اڃا سفرنامي لکڻ جي ضرورت آھي؟ ٽي وي تي ايترا ڊاڪيومينٽري يا سفر جا چينل آھن ۽ يوٽيوب جھڙا چينل آھن جتي ماڻھو ھر ملڪ جي باري ۾ وڊيو ڏسي سگهي ٿو تہ پوءِ سفرنامي جي ڪھڙي ضرورت رھي ٿي؟ منھنجو کين اھو جواب هوندو آھي تہ ڊاڪيومينٽري ھڪ معلومات ھوندي آھي پر ان ۾ گهمندڙ جا پنھنجا احساس، پنھنجا تاثر نہ ھوندا آھن جنھن جي ڪري ڊاڪيومينٽريءَ ۾ اھا جان نہ ٿي رھي تہ اڳلي ماڻھوءَ کي متوجهہ ڪري سگهي. تنھن ڪري تہ ھاڻي ”وي لاگ“ جو دؤر آھي جنھن کي ھڪ ويوئزل سفرنامو چئي سگهجي ٿو. ايئن ئي لکت ۾ ڪنھن ھنڌ تي مضمون لکيل ھجي جيڪو ھوندو تہ معلومات سان ڀرپور آهي پر ان ۾ احساسن جي ڪمي ھوندي آهي، جيڪا سفرنامي ۾ ملي ٿي.
جيئن صحبت بلوچ جي ھنن لفظن ۾ ڪيڏي نہ منظر نگاري ۽ لطيف احساس آھن:
”واڪنگ اسٽريٽ کان اڳتي پتايا گيٽ کان ٿيندا پاڻ جڏهن بيچ تي لٿاسين تہ اسان جا پير سمونڊ جي واريءَ تي هيا. هتان جي واري ايڏي تہ نرم ملائم، پشم جھڙي هئي، واري تي پير رکڻ کان پوءِ ائين لڳو تہ اسان جا پير ڄڻ تہ ڪنھن ريشم جي ڪشميري بخمل تي پئجي ويا هجن.“
ان کان علاوہ اسان جي ليکڪ مختلف ھنڌن تي مزاح جي ذريعي پنھنجي اندر جي اڌمن کي ظاھر ڪيو آھي، جيڪو ھڪ ڪلاڪار ئي ڪري سگهي ٿو.
اسان جي دوست ۽ منھنجي سفر ڪرڻ جي طريقي ۾ ھڪ وڏو فرق ضرور آھي تہ ھُو پنھنجن دوستن سان گڏ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو جڏھن تہ منھنجي وري ڪوشش اھا ھوندي آھي تہ اڪيلي سِر سفر ڪيان ڇو جو ھر ماڻھوءَ جو پنھنجو مزاج ھوندو آھي، جيئن ڪو اھو چاھيندو تہ ھو ڪجهہ وقت سمنڊ ڪناري خاموشيءَ سان سج لھڻ جو منظر ڏسي تہ ان وقت ڪو ماڻھو ڪنھن پب ۾ بيئر جا ڍڪ ڀرڻ چاھيندو ھوندو. يا ڪو ميوزيم يا آرٽ گيلري ڏسڻ چاھيندو تہ اڳلو وري مال مان خريداري ڪرڻ جا سانباھا ڪندو.ھر ھڪ جو پنھنجو مزاج آھي پر هن پوري سفرنامي ۾ اھو ضرور محسوس ٿئي ٿو تہ دوستن جو پاڻ ۾ ٽيم ورڪ سٺو آھي ۽ ”ڪس ۽ ڪسر کائڻ“ واري مقولي تي عمل ڪندي پنھنجي سفر جو ڀرپور نموني مزو ماڻن ٿا.
ان کان علاوہ سفرنامي ۾ ٿائيلينڊ جي بارگيننگ، واڪنگ اسٽريٽ جون رونقون، ليڊي بواءِ، ھم جنس پرستن ۽ سدا سھاڳڻين جا بہ قصا خير قصا تہ نہ پر مشاھدا جام لکيا آھن باقي تجربن جي جهلڪ ڏيکاري پردو ڪيرائي ڇڏي ٿو.
مون صحبت بلوچ جا ٻيا سفرناما بہ پڙھيا آھن، صحبت بنيادي طور تي شاعر آھي ان ڪري سندس لکڻين ۾ شاعراڻي رواني ملي ٿي، ان جي ڪري ھن جا سفرناما پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿا.
منھنجي کيس دعا آھي تہ سندس قلم مان اڃا وڌيڪ شاعري ۽ نثر نکري اسان وٽ پھچندو رھي.
اسحاق انصاري
ڪراچي 19 جون 2024ع