گوتم جي اڱڻ تي اوچتي برسات
اڄ پڻ اتر پار ڏي ڪارا ڪڪر ڪيس،
وڄون وسڻ آئيون، ڪري لعل لبيس،
پرين جي پرديس، مون کي مينھن ميڙيا.
(اڄ پڻ اتر طرفان ڪارن وارن جھڙا ڪڪر بيٺا آهن، وڄون ڳاڙها ويس ڪري، جهلڪا ڏيڻ آيون آهن. منھنجا جاني جيڪي پرديس ۾ آهن، تن سان مون کي مينھن ملايو آهي. (ڇو تہ مينھن ۾ پرين لاءِ اهڙي سڪ اٿي جو هو ڄڻ هينئن ۾ حل ٿي ويا.)
هن علائقي ۾ ٿوري مفاصلي تي هڪٻئي کان ٿورو پري، ڪيئي چرچ، مندر نظر پئي آيا، جن مان اهو لڳو تہ هتان جو ماڻھو عقيدي جي اوڙاھہ ۾ ڪجهہ سرس ڪريل ۽ ورتل آهي. هي مندر اندران توڙي ٻاهران اهڙي تہ خوبصورت انداز سان سينگاريل، سنواريل ۽ سجايل هيا جو ماڻھو هتي پنھنجين فيملين کي روح رهاڻيون رچائڻ لاءِ وٺي پئي آيا. جن کي هتي انھن مندرن، گرجا گهرن، چرچن ۾ شانتي جو پڙاڏو نہ فقط ٻڌڻ ۾ ايندو هوندو پر اهي پاڻ پنھنجين اکين سان پسي، اميدن جا خزانا کڻي واپس ورندا هوندا. هن علائقي ۾ هر مندر ۽ گرجا گهر جي ارد گرد ساواڻ، ساوڪ، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا ترتيب سان سجائي پوکيا ويا هيا، جيڪي ايندڙ ويندڙ، فيمليز ، ٻارن کي موهي ڏاڍو خوبصورت ماحول پيدا ڪري رهيا هيا. هيڏي ساوڪ مٿان برسات، وري صاف سٿرا روڊ رستا، ٻيو ڇا کپي.
اهڙي موهيندڙ ماحول مان نڪري وڃڻ لاءِ دل صفا نابري واري ويٺي، ڊاڪٽر سنتوش تہ مندر جي سفيد ماربل تي هيٺ پلٿي هڻي ويھي چوڻ لڳو،”توهان هلو مان پاڻھي هوٽل پھچي ويندس. مون کي هتي سڪون ٿو اچي، مان ٿوري دير لاءِ هتي وشرام ڪرڻ ٿو چاهيان. توهان منھنجي ڳڻتي نہ ڪيو.“ پر ڊاڪٽر کي ٻڌايوسين تہ،”لائق ٻاهر سوزڪي وٽ اسان جي انتظار ۾ آهي. هن اسان کي گهڻو گهمايو آهي. توهان جي سڪون جو بندوبست پاڻ بانگلا اسٽريٽ ۾ ڪيون ٿا. توهان هلو.“ وڏين منٿن ميڙن کان پوءِ راضي ٿيو، پوءِ ان دلڪش نظارن جون خوبصورت يادون کڻي ٻاهر نڪتاسين ۽ ڏٺوسين تہ واقعي ئي لائق بيتابي سان اسان جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هيو.
هن هڪدم سوزوڪي اسٽارٽ ڪئي، اسان آرام سان سوزوڪي ۾ ويھي هڪ دفعو ٻيھر ٿائيلينڊ جي روڊن تي گمنام محبت جا تصور کڻي گشت ڪري رهيا هياسين. واپسي ۾ ڊاڪٽر ٿڪاوٽ جي ڪري اتي ئي سوزڪي ۾ سڄي سيٽ تي ليٽي پيو هو. پرتاب هاڻي اڳيان هو، جاني ۽ مان پوئين سيٽ تي گڏ ويھي ٿائيلينڊ جي سونھن جي تعريف جا ڍڪ ڀري ۽ اکين کي بہ عشق جي آبِ حيات پياري رهيا هياسين.
ڊاڪٽر هونئن بہ پنھنجي واندڪائي جو وقت وڃائيندو نہ آهي، بلڪ ان کي انتھائي دليلن سان سمجهائي سجايو ڪندو آهي، جڏهن بہ اهڙي قسم جو سفر هوندو آهي، پو ڀلي کڻي اهو سفر ننڍو هجي يا وڏو. يا پوکرا کان کٽمنڊو جو هجي يا کٽمنڊو کان پوکرا جو هجي، روڊ، رستي جو هجي يا هوائي/فَضائي هجي. ڊاڪٽر ننڊ سان خوب نڀائيندو آهي. ڇو تہ ڊاڪٽر ۽ ننڊ جي ياري ڪافي پراڻي آهي. ان ڪري هي يارن جو يار ياري نڀائيندو آهي، وڃائيندو نہ آهي. مطلب تہ هو ننڊ جو ڪوڏيو آهي.