خونخوار واڳون جو اوچتو حملو
مٿان برسات شروع ٿي ويئي هئي. جاني ۽ پرتاب وارا جنھن ٻيڙي ۾ سوار هيا، اها اسان جي ٻيڙي کان ۽ اسان کان اڳ ۾ نڪري ويا هيا. انڊين فيملي گوتم بہ پنھنجي فيملي سان اسان کان اڳ ۾ نڪري ويو هو. ٻيڙي هلندي هلندي جبل جي پاڙ ۾ اچي نڪتي، اتان پاڙ مان جبل کي آروپار سرنگهہ/سوراخ ٿيل هيو، هاڻي ٻيڙي ان سوراخ/سرنگهہ جي اندران گذرڻ لڳي. هن سرنگهہ ۾ مڪمل گهُگهہ اونداهي ٿي ويئي، يعقوب کي مٿي تي پٽي واري ٽارچ ٻڌل هئي. هن اها ٽارچ آن ڪري ڇڏي هئي. اسان بہ پنھنجي موبائيل جي ٽارچ/بتي کولي ڇڏي هئي. هاڻي غار/گفا ۾ داخل ٿياسين تہ اوچتو يعقوب ڪاٺ جي چپي(چپو) جو زوردارڌڪ پاڻي ۾ وهائي ڪڍيو ۽ وڏي رڙ ڪيائين. اسان پڇيوسين تہ،”ڇا ٿيو.“ چيائين،”خونخوار واڳون هيو.“ پوءِ اهو واقعي ئي واڳون هيو يا ان جو حملو هيو، پر مون کي نہ پئي لڳو تہ اهو واڳون جو حملو هيو. ڇو تہ جيڪڏهن ائين هجي ها تہ هو اسان کي ان اسپاٽ تي نہ وٺي وڃن ها.
يعقوب ڊيڄارڻ جي ڪري ائين ڪيو هوندو يا مذاق ۾ ائين ڪيو هوندو. ڇو تہ اڳتي هلي هن هڪڙي ٻي ڳالھہ بہ ڪئي تہ ”هتي ڪالھہ عورت تي واڳون حملو ڪيو هو.“ هو عورتن کي بہ ڊيڄارڻ چاهي پيو. يا مذاق ڪري ماحول ۾ تجسس ۽ مزو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
ان کان پوءِ تہ ڊاڪٽر دير ئي نہ ڪئي. پنھنجون لٽڪندڙ ٽنگون مٿي ڪري ٻيڙي ۾ سڌو ٿي ويٺو. پر سچ اهو هيو تہ ان کان پوءِ ماحول ۾ خوف پيدا ٿي ويو هو. جبل جي اندر ڪيئي چمڙا بہ ٽارچ جي روشنيءَ تي نڪري نروار ٿي نظر آيا. سامھون کان جاني وارا واپس ٿيندي اسان جي ٻيڙي کي ڪراس ڪندي نظر آيا. جن کي هٿ لوڏي سلام دعا ڪري کيڪاريوسين. جاني وڊيو ٺاهي رهيو هو. پرتاب جا شاندار پوز هن ماحول جي رونق بڻجي رهيا هيا. ڇاڪاڻ تہ جھاز وارن جو ڦوٽو گرافر پڻ سياحن جي ڦوٽو گرافي ڪري رهيو هو ۽ ان لاءِ جھاز جي عملي اسان جي دوستن کي چيو هيو تہ،”توهان مان جيڪي تصويرون ٺھرائن اهي ٻڌائن.“ پر دوستن اها ڳالھہ بہ شيئر نہ ڪئي. ان جو ڪو سبب هيو، جيڪو مان سمجهان ٿو. سو مٺي بہ ماٺ تہ مٺي بہ ماٺ. غار مان اندران نڪري پرئين پاسي پڳاسين تہ اتي ڪافي جهنگ هيو. جبلن جي پاسن کان هيٺان کان مٿي تائين وڻ پوکيل هيا. جيڪي تنھائي جو شڪار هيا، جن سان ائين لڳي پيو تہ صدين تائين ڪنھن ڪچھري نہ ڪئي هوندي. اسان کي انھن جو فقط درشن ئي نصيب ٿيو هو. ان ڪري ٻيڙي واري چيو تہ،”سائين اڳتي نہ ٿا هلي سگهون. هيٺ مٽي آهي، ٻيڙي کي نقصان ٿي سگهي ٿو.“
سو اتان ئي چڪر هڻي، هن اسان واري ٻيڙي کي موٽايو تہ سامھون کان گوتم واري ٻيڙي وڃي پئي، هن سان بہ هيلو هاءِ ٿي. گوتم ۽ هن جي فيملي وارا هن ٽرپ کان مڪمل طور تي لطف اندوز ٿي رهيا هيا. مٿان وري ٻہ ٻيا بہ ٿلھا پوڙها ملي ويا. انھن مان هڪڙو پوڙهو واقعي ئي تمام ڊگهو، قدآور، ٿلھو ريسلنگ جو رانديگر پئي لڳو. انھن جي واپسي ٿي رهي هئي. هن سان گڏ هن جي نوجوان زال بہ هئي. جيڪا واقعي ئي حسين جميل هئي. اتي ئي واپسي ۾ اسان جي دوست ڊاڪٽر نعرا حيدري جا نعرا هنيا. پوءِ تہ ڊاڪٽر جي جواب ۾ هن پوڙهي بہ پنھنجي ٻوليءَ ۾ نعرا هنيا. واھہ جو مزو ٿي ويو. هن جي گهرواريءَ جا وڏا وڏا ٽھڪ هن جبل جي ٽڪري ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي رهيا هيا. انھن مان هڪڙو ٿلھو جهونو ٻيڙي تي نہ پيو ويھي سگهي، ڇو تہ هن جو وزن اسان واري آسٽريلوي جهوني کان بہ سوايو هيو. سو جيڪڏهن هي ڏاند ٻيڙيءَ تي ويھي ها تہ شايد سڄو وزن هڪڙي پاسي ٿي وڃي ها، ان ڪري هو ليٽي پيو هو ۽ ٻيڙي جو وزن برقرار رهجي ويو هو.
ٻيڙي مان ئي جبل تي مٿي نظر وڌيسين تہ انگريزي ٻير جا وڻ ۽ ٻيا ڪيترائي ڊگها وڻ نظر آيا، جيڪي اداسيءُ جي عالم ۾ خاموش خاموش هيا. هتي عجيب منظر هيو. مڪمل خوف جو واسو هيو. مون کي ڏاڍي اُگري جاءِ لڳي. هي جبل ڪيڏو نہ سنسان هيو. ڪيڏي نہ ويراني هئي هتي. ڪٿي رات جو هتي ٻي ڪا مخلوق تہ نہ ٿي رهي. ڇو تہ هتي نہ سرگوشيون، نہ ئي انھن جي ڪا لام لڏندي نظر آئي. مون سوچيو تہ ھہڙن پيارن وڻن کي هن ويران، بيابان ۽ آسيب يافتہ جڳھہ ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ ڪيڏو نہ مھا پاپ آهي. ڪاش مان پاڻ سان هي سڀ وڻ کڻي اچي پنھنجي گورک هل اسٽيشن جي زينت بڻايان ها ۽ منھنجو گورک ڪيڏو نہ مرڪي پوي ها، ڇو تہ گورک تي بہ سڃ ئي سڃ آهي. گورک تي بہ پنھنجن ئي جون ڀلايون آهن. مون پڪ سڃاتا پنھنجا هيا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾. ان ڪري هي وڻ گورک جي ويڪري چوٽي تي اچي ڪيڏو نہ خوش ٿين ها، ڪيڏو نہ ٽڙي پون ها. سو مون ٿوري دير لاءِ سوچيو تہ ڪيترا ماڻھو هتي روز ايندا هوندا، پر ڪنھن سياح بہ هتي ٿوري دير لاءِ ٻيڙي مان لھي، هنن وڻن سان ڪچھري ڪرڻ گوارا بہ نہ ڪئي، نہ ئي هنن جي درد کي ڪنايو. هي لاوارث وڻ، هي يتيم ٻوٽا ائين هتي ٽڙي مري ويندا هوندا. افسوس ڪيڏو نہ الميو آهي. اياز انھن ٻوٽن جي درد کي محسوس ڪندي چيو هو تہ:
خدا ڄاڻي ڪنھن رنگين چمن ۾ ڇو نہ ڄاواسين،
ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾ خوشبوءَ ئي اجائي وئي.