سفرناما

ٿائيلينڊ جا ٿاڪَ

ٿائيلينڊ دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪڏھن بہ ڌارين جي غلاميءَ ۾ نہ رھيو آھي ۽ ٿائي لفظ جي معني ئي آزاد آھي. بلوچ صحبت ٿائي ماڻھن جي سڀاءَ کي سھڻي نموني بيان ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٿائيلينڊ جي خوبصورتين، اتان جي صفائي سٿرائي، آزادي ۽ اتان جي ماڻھن کي منفرد انداز سان لکيو آھي. ھي ھڪ اھڙو دلچسپ سفرنامو آھي جيڪو نائيٽ ڪلبن جي رنگين حسناڪين کان وٺي قدرتي جزيرن ۽ سامونڊي بيچ جي اھڙي تہ خوبصورت منظر نگاري ڪري ٿو جو عام پڙھندڙ کان وٺي تخليقي صلاحيت رکندڙ شاعر اديب ۽ ليکڪ پڻ ان منظر نگاري مان نڪور تخيلقون پيدا ڪري سگهن ٿا.

Title Cover of book Thailand jaa thaak

ٿلھي مجسمي جي پيٽ ۾ سڪو وجهڻ

توهان کي ٻڌائيندو هلان تہ هتي هڪڙو اهڙو بہ اسٽيچو/مجسمو هيو، جنھن جو رنگ بہ سونھري هيو. هو تمام وڏي پيٽ سان ٿلھو متارو هيو. هن جي پيٽ ۾ گجي وٽ سوراخ هيو. عقيدتمند هن جي پيٽ کي ڀرڻ لاءِ ۽ پنھنجن آسن ۽ اميدن کي پروان چڙهائڻ لاءِ هن جي گجي ۾/سوراخ ۾ هتان جي ڪرنسي جو سڪو ٿورو پري کان يعني 3 يا 4 ڦٽن کان بيھي هن ۾ اڇلائي وجهڻ جي ڪوشش ڪن پيا تہ جيئن اهو سڪو هن جي پيٽ ۾ اندر وڃي ڪري ۽ هن جي اميد/من جي مُراد پوري ٿئي.
مون کان اڳ ۾ هڪڙي نوجوان ڇوڪري پنھنجي خوابن جي پورائي لاءِ هن پيٽي جي پيٽ ۾ سڪي وجهڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي، پر هر دفعي هوءَ ناڪام ويئي. هن وري ٻيھر ڪوشش ڪري هن جي پيٽ ۾ سڪي کي اڇلائي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جئين بلورن کيڏڻ مھل ليڪي کان بيھي گهچي ۾ بلور اڇلائبا آهن، پر هن دفعي بہ هن جي پيٽ ۾ سڪو نہ پيو ۽ دن کان ٻاهر نڪري آيو ۽ هيٺ پٽ تي ڪري پيو.
ڇوڪري بيزار ٿيندي هن جي ويجهو وڃي، هٿ سان ئي هن جي پيٽ ۾ سڪو وجهي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي اڳتي وڌي ويئي. ان کان پوءِ منھنجو وارو هيو. جاني چيو تہ،”سائين مون وٽ سڪو آهي، توهان بہ قسمت آزمايو، من توهان جو بہ ڀاڳ کلي پوي.“ هن سڪو منھنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو.
مون سڪو وٺي، ان ٿلھي ڀڳوان جي سامھون ان لائين تي بيھي رهيس ۽ اتان ئي هٿ ڊگهو ڪري ان مجسمي جي پيٽ ۾ سڪو اڇلايو پر سڪو هيٺ ڪري پيو، هن جي دن واري سوراخ ۾ نہ ويو.
”سائين وري ڪوشش ڪيو.“ جاني رڙ ڪري چيو.
مون ٻيھر سڪو کڻي هن جي پيٽ ڏانھن اڇلايو پر ٿوري دوڌ ڪندي هٿ کي گهڻو ڊگهو ڪري اڇلايو، پر هن دفعي بہ سڪو هيٺ ڪري پيو. نيٺ مون ائين ئي ٽي دفعا ناڪام ڪوشش ڪئي، پر هن دفعي مان لائين کان ٿوري اڳتي نڪري آيس ۽ مون جاني کي چيو تہ،”هي ديوتا ائين پري کان اڇلائي ڏيڻ وارو نذرانو قبول نہ ڪندو، ان ڪري هن کي ويجهو ٿي ڏبو تہ هو انڪار نہ ڪندو.“
مون ڇا ڪيو جو، ٿورو اڳتي جهڪي، هٿ ڊگهيري وڃي هن جي دن تائين پھتم ۽ سڪو اڇلائي هن جي دن ۾ وڌم. سڪو هن دفعي دن ۾ اندر هيو.
ان تي جاني رڙ ڪري چيو تہ،”نہ سائين نہ، اها دوڌ آهي، توهان ايڏو ويجهو وڃي وڌو.“
مون چيو، ”جاني ڀاءُ! بس ماڻھن سان دوڌ نہ ڪجي، باقي ديون، ديوتائن، سان دوڌ ڪئيسين تہ خير آ. ديوتا فقيرن ۽ سنياسين جون هجتون دل سان قبول ڪندا آهن ۽ انسانيت سان پيار ڪندا آهن.“ دوستن هن راند کي پسند ڪيو هو.
ائين چئي اسان اڳتي وڌياسين. ڏٺم تہ هڪڙو مجسمو ننڍڙي قد جو، بلڪ ائين چئجي تہ هي ٻارڙو سنياسي يا ڀشڪو هو. هن جي ٺوڙھہ ٿيل هئي. هن جي اڳيان چندي واري پيتي رکيل هئي. مان تہ هون ئي هٿين خالي آيو هيس، ان ڪري هن کي ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجهہ بہ ڪونہ هيو. پر هتي تہ زائرين هن کان وٺڻ آيا هيا، پر هي پاڻ اسان کان گهرن پيا. ڏاڍو عجيب فلسفو هو.
ان ڪري مون هن جي ٺوڙھہ تي تمام ويجهو ٿي چمي ڏيندي هن کي چيم،”يار پئسن جو ڪاروبار گهاٽي وارو آهي، منھنجي هي چمي تنھنجي ٺوڙھہ تي توسان ياري جي آهي، سو پئسن جو دل ۾ نہ ڪجان، اچ تہ پريم جو ڪاروبار ڪيون.“
اهڙي ريت پاڻ اتان نڪري اڳتي هليا وياسين.
ان دوران گهمندي گهمندي مون پنھنجي دوست اعجاز سيف پنھور کي اتان گوتم ٻڌ جي درٻار مان لائيو وڊيو ڪال ڪئي تہ جيئن هن کي هي منظر ڏيکاري سگهان ۽ هن کي ٻڌايان تہ،” اسان جا جسم برساتي پاڻيءَ سان ڀڄي ڀيڄ ڀيڄ ٿي رهيا آهن ۽ مون کي يقين آهي تہ توهان گرمي جي گرمائش ۾ شيھي جيان رجي رهيا هوندا.“
اعجاز ٻڌايو تہ،”هتي ڇتي گرمي آهي، تيز اس جسم جي چمڙي کي ساڙي رهي آهي، نہ بجلي آهي ۽ نہ ئي گئس. توهان جي جيئري ئي جنت ۾ آهيو، پر اسان تہ دوزخ جو لائيو شو اکين سان ڏسي رهيا آهيون، بس مالڪ ڪا ٻاجهہ ڪري، باقي ڪم لھي ويا آهن.“
سو دوستن کي هن هلڪي برسات ۾ گهمندي ۽ هنن ديوتائن جو زيارتون ڪندي ڏاڍو مزو پئي آيو. وري پاڻ ساڳي ئي رستي کان پنڌ ڪندا، ڪچھري ڪندا، هڪٻئي سان چرچا، کل ڀوڳ ۽ مذاق مستيون ڪندا ورياسين. خبر ناهي تہ من جون مرادون پوريون بہ ٿيون يا پئسن نہ ڏيڻ جي ڪري مٿي آسمان ۾ ٽنگجي ويون. وري ڪو ٻائو ملي تہ ان کي پئسا ڏيئي ان کان پنھنجي قسمت جو حال احوال پڇي وٺون.