سفرناما

ٿائيلينڊ جا ٿاڪَ

ٿائيلينڊ دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪڏھن بہ ڌارين جي غلاميءَ ۾ نہ رھيو آھي ۽ ٿائي لفظ جي معني ئي آزاد آھي. بلوچ صحبت ٿائي ماڻھن جي سڀاءَ کي سھڻي نموني بيان ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٿائيلينڊ جي خوبصورتين، اتان جي صفائي سٿرائي، آزادي ۽ اتان جي ماڻھن کي منفرد انداز سان لکيو آھي. ھي ھڪ اھڙو دلچسپ سفرنامو آھي جيڪو نائيٽ ڪلبن جي رنگين حسناڪين کان وٺي قدرتي جزيرن ۽ سامونڊي بيچ جي اھڙي تہ خوبصورت منظر نگاري ڪري ٿو جو عام پڙھندڙ کان وٺي تخليقي صلاحيت رکندڙ شاعر اديب ۽ ليکڪ پڻ ان منظر نگاري مان نڪور تخيلقون پيدا ڪري سگهن ٿا.

Title Cover of book Thailand jaa thaak

غير جمالياتي ماڻھوءَ ٿائيلينڊ نہ اچي

ايڊووڪيٽ بلوچ صحبت سان گهڻي پراڻي شناسائي آهي. هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جو سيڪريٽري هئو تہ آئون اڪثر تاج بلوچ صاحب سان گڏجي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ ويندو هوس. بلوچ صحبت صاحب پنھنجي سڀاءَ ۽ گفتگو ۾ گهڻ پڙهيو ۽ دوستن جو دوست، مھمان نواز ۽ وڻندڙ طبيعت جو شانائتو شخص لڳو. هو اڪثر لکڻين تي پنھنجي وزندار راءِ ڏيندو هو. پيارو امداد سولنگي صاحب ۽ بلوچ صحبت صاحب ٻئي سٺا وڪيل ۽ بھترين اديب ۽ پاڻ ۾ گهاٽا دوست آهن. اتفاق اهڙو جو ٻئي اوچتو ئي اوچتو ڪراچيءَ کي خير آباد ڪري امداد صاحب وڃي موري جا وڻ وسايا تہ بلوچ صحبت صاحب وڃي سنڌ جي دل دادوءَ ۾ مسڪن جوڙيو. سچ تہ ڪراچيءَ جي ادبي محفلن ۾ آئون ٻنھيءَ جي ڪمي محسوس ڪندو آهيان. سال 2014ع ۾ منھنجي سليڪشن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٿي تہ ڪجهہ خير خواھہ دوست ڪورٽ هليا ويا ۽ منھنجي سليڪشن کي چئلينج ڪيائون ۽ سنڌ جو مشھور ۽ مھانگو وڪيل ڪيائون. پاڻ مسڪين ماڻھو؛ ”ملان جي ڊوڙ مسجد تائين“، آئون تاج بلوچ صاحب وٽ ويس؛ تاج صاحب بلوچ صحبت صاحب سان ڳالھايو؛ جنھن ٻي ڏينھن تي آفيس اچڻ لاءِ چيو. آئون ٻي ڏينھن بلوچ صحبت جي آفيس ويس، سائين ڪاغذ پٽ ڏسي اتي جو اتي جواب تيار ڪيو، ڪجهہ ضروري ڪاغذ آڻڻ لاءِ چيو ۽ منھنجو جواب فائيل ٿي ويو. آئون سندس قابليت تي حيران هيس؛ جو هن ڪيس جا ڪاغذ سامھون رکيا ۽ ڪلاڪ ٻن ۾ پئراوائيز جواب تيار ڪري ورتو. هن مون کان ڪاغذن جو خرچ بہ نہ ورتو. بلوچ صاحب اهڙا تہ جاندار جواب تيار ڪيا جو خير سان ڪجهہ مھينن ۾ ڪيس اڪلائجي ويو؛ پنھنجي جان ڇٽي وئي ۽ مون وڃي يونيورسٽي جوائين ڪئي. سچ ۾ آئون سائين جو گهڻو احسانمند آهيان. هاڻي جڏهن هن پنھنجي سفرنامي ”ٿائلينڊ جا ٿاڪ“ تي ٻہ اکر لکڻ لاءِ چيو آهي تہ دل جي حضور سان آئون هي سٽون لکي رهيو آهيان.
بلوچ صحبت صاحب خوبصورت شاعر ۽ نثر نگار آهي. سندس ٽيھن کان مٿي ڪتاب شايع ٿيل آهن. هيءُ ڪتاب ”ٿائلينڊ جا ٿاڪ“ سندس سفرنامي تي ٻڌل آهي. هيءُ سفر بلوچ صاحب پنھنجن دوستن سان گڏ گذريل سال جولاءِ ۾ ڪيو هو. سفرنامو ايڏو تہ وڻندڙ ۽ تفصيلي آهي جو گهر ويٺي پڙهندڙ ڄڻ تہ مفت ۾ مسافريءَ جا مزا وٺي ٿو اچي. نہ صرف ايترو بلڪہ بلوچ صاحب جي جمالياتي طبيعت سبب ٿائلينڊ جي سموري سونھن ڄڻ تہ پنن تي پلٽي بلڪہ پٿاري پئي آهي. سندس چوڻ آهي ته، غير جمالياتي ماڻھوءَ کي ٿائيلينڊ اچڻ ئي نہ گهرجي. بلوچ صاحب پنھنجي حُسن نظر سان هر شئي جي سونھن کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، ۽ ڪمال جي ڳالھہ اها آهي تہ هن ساڳي سونھن کي اکرن ۾ آندو آهي. پيرحسام الدين شڪارپور جي شام، سنڌ واھہ ۽ گهاڙ واھہ جي پاسن جي سونھن ۽ روح پرور هوا جو ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ ”اهڙي بھاري ڪا اکرن ۾ آڻي سگهبي! “ پر ٿائلينڊ جو هي سفرنامو پڙهڻ کان پوءِ لڳي ٿو تہ بلوچ صحبت صاحب اها بھاري اکرن ۾ آندي آهي“ جيڪا هن ڏٺي ۽ محسوس ڪئي آهي. هو لکي ٿو، ”ٿائيلينڊ جي هر رات جاڳندي آهي، ۽ اتان جي هر شام پرنور هوندي آهي“ يا گوتم جي درٻار بابت لکندي هو لکي ٿو، ”پاڻ جيئن جيئن مٿي چڙهڻ لڳاسين تيئن تئين موسم بہ خوشگوار ٿيندي پئي ويئي. اوچتو ئي ڏاڪڻ تي چڙهندي مھل تازي هوا جو جهونڪو ساهن کي سرور بخشي ويو. ڄڻ تہ اڄ ڪا اتر جي هير گهلي پئي هجي. آڪاش بہ اڪيلو نہ هيو. هن سان بہ ڪارن ڪڪرن جو ميڙاڪو هيو. پر اسان چار ڄڻا هوندي بہ اڪيلا هياسين. ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي ۾ بہ ماڻھو ميڙي ۾ هوندو آهي، پر ڪڏهن وري ميڙي ۾ بہ اڪيلو هوندو آهي. مون کي لڳو تہ ڪارا ڪڪر اڀ سان ناراضگي جو اظھار ڪري رهيا هيا، ڇو تہ هتي گوتم جي اڱڻ تي اڻسڃاتل مسافرن جو ميڙو متل هيو. سو ان ميڙي کي مچائڻ لاءِ اهي بادل برسي پوڻ لاءِ بيتاب هيا ۽ پوءِ ٿيو بہ ائين ٿوري دير کان پوءِ بوندا باري شروع ٿي ويئي هئي. مينھن جون ڪڻيون هيٺ ڪرنديون رهيون، اسان ڀڄندا رهياسين ۽ سنياسي اسان سان گڏ رمندا رهيا. سنياسين جي ديس ۾ اسان بہ ٿوري دير لاءِ مڪمل سنياسي ٿي ويا هياسين.“
ڪيڏي نہ سحر انگيز تحرير آهي. هيءُ سفرنامو پڙهندي مون تي تہ ان ”هينسي جو کيپ“ چڙهندو ٿو وڃي، جيڪا بلوچ صاحب ۽ سندس ساٿين پتايا بيچ کان موٽندي هينسي بوتل جھڙي سھڻي ڇوڪريءَ کان ورتي هئي.
هن سفر نامي جون ٻہ اهم خوبيون آهن. هڪ تہ هيءُ سفرنامو تمام گهڻو معلوماتي آهي. هن سفر نامي ۾ ٿائلينڊ جي تاريخ ۽ سماجي زندگي کان ويندي؛ ويزا جي مرحلن تائين کي ڏاڍي خوبصورت نموني بيان ڪيو ويو آهي. اهو سڀ ڪجهہ پڙهندي هيءُ سفرنامو ڄڻ تہ هڪ بھترين ٽوئرسٽ گائيڊ وانگر لڳي رهيو آهي. ٻئي پاسي هن سفرنامي ۾ سفر جي خوبصورت ڪٿا سان گڏ اهي مسئلا ۽ مامرا بہ بيان ٿيل آهن؛ جيڪي هن سفر دوران بلوچ صاحب ۽ ٻين دوستن کي درپيش رهيا. خاص طور تي ٽئڪسي وارن جي چالاڪيءَ کي ايڏي بھترين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي؛ جو هن سفرنامي پڙهڻ کان پوءِ جيڪو بہ ٿائلينڊ گهمڻ ويندو اهو ٽئڪسي وارن جي چالاڪين کان اڳواٽ واقف هوندو. بلوچ صاحب هڪ ٻيو بہ اهم نقطو بيان ڪيو آهي تہ ٿائلينڊ ۾ حلال حرام جو تصور گهٽ آهي ان ڪري سياحن کي احتياط ڪرڻ گهرجي؛ ڇاڪاڻ تہ اُتان جا ماڻھو تہ نانگ، بلائون، ڏيڏر، ڪتا، ڪميون، واڳون ۽ ٻيون حرام شيون بہ کائي وڃن ٿا. هن سفر نامي جي ٻي اهم ڳالھہ جيڪا بلوچ صاحب لکي آهي؛ اُها اِها آهي تہ اتي اڪثر ننڍا ننڍا ڪاروبار عورتون ڪن ٿيون. هو لکي ٿو.
”سامھون پتايا بيچ اسان جي سلامي لاءِ اسان کي پري کان ئي پڪاري رهيو هو. جيڪو اسان پھرئين رات ئي گهمي آيا هياسين. پر هن دفعي اسان روڊ جي کاٻي پاسي مٿي هلي رولاڪين کي رونق بخشي پتايا بيچ جي سونھن مان مڪمل طور تي لطف اندوز ٿيڻ چاهيون پيا. رات روڊن تي ستي پئي هئي، ٽريفڪ جي هيڊ لائيٽس جون روشنون، رات جي رونقن ۾ خلل وجهي رهيون هيون. دڪانن جي ڦٽ پاٿن تي لڳل سيور، سونھن جي ديوين جي جسمن تي روشنين جا ترورا ڇاڻي رهيا هيا. جنھن جي ڪري ويتر انھن جي سونھن جرڪي پئي هئي. نتيجي ۾ اسان جي ننڊ ڪوهون ڏور هلي ويئي هئي. سامھون کان گاڏي تي پلاسٽڪ جي ٽرانسپيرنٽ گلاسن ۾ هڪڙي ٿائي نوجوان عورت مختلف قسمن جا فروٽ کپائي رهي هئي، جنھن ۾ صوف، گدرو، ڇانھين، انب، ڪيلو، اناناس، ڏاڙهون، زيتون، چقندر نموني ڪو فروٽ وغيرہ. ان کي ساڳي شو ڪيس ۾ هن وٽ برف تي رکيل ڇانھين، سردو ۽ ٻيو فروٽ ڪٽيل پڻ رکيل هيو. جڏهن تہ شو ڪيس جي ٻاهران ڪچا ناريل پڻ پيا هيا، جيڪي ملائي ۽ پاڻي جي ڪري شوقينن جي نظر ۾ هيا. ان سان گڏ ئي وري ٻي عورت فروٽ چاٽ کپائي رهي هئي. مون ڏٺو تہ هتي اڪثر ڪري گاڏن، ريڙهن تي عورت ئي ڪاروبار ڪندي نظر پئي آئي، مرد ورلي ڪو نظر هوندو. اهڙي ريت ڪيئي عورتون هلندي ڦرندي ٻارڙن جون شيون، رانديڪا، بسڪوٽ، سگريٽ وغيرہ کپائي پنھنجي پيٽ جي دوزخ کي وسائي رهيون هيون.“ مطلب تہ عورتون رڳو مساج گهرن، نائيٽ ڪلبن ۽ رات جي رونقن لاءِ ڪونھن بلڪہ اُتان جون عورتون ٻيا بہ ڪاروبار ڪن ٿيون ۽ اهڙي ريت هو پنھنجي خاندان جي ڪفالت بہ ڪن ٿيون تہ ملڪي اُپت ۾ پڻ چڱڙو اضافو ڪري وڃن ٿيون.
مجموعي طور تي هيءُ سفرنامو ايڏو تہ دلچسپ آهي جو پڙهندڙ هيءُ سفرنامو پڙهندي پاڻ کي پتايا بيچ کان ويندي بئنڪاڪ جي روشنين ۽ رنگينن ۾ گم ٿيندي محسوس ڪندو. هو گوتم ٻڌ جي مجسمي جي اڳيان پاڻ کي عقيدتمندي سان بيٺل بہ محسوس ڪندو تہ ڦي ڦي آئلينڊ بہ اکئين وسي وٺندو، پڙهندڙ اها هر ذري گهٽ هر پني تي حسين جسمن جي خوشبوءِ بہ ماڻي وٺندو تہ اُها خوشبوءِ بہ محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪا بلوچ صاحب هڪ مساج پارلر ۾ محسوس ڪئي هئي ۽ اها خوشبوءِ خوبصورتيءَ سان اکرن ۾ اوتي آهي. انتھائي خوبصورت ٻوليءَ ۾ انتھائي خوبصورت سفر جي سھڻي ڪٿا لکڻ تي بلوچ صحبت صاحب کي واڌايون هجن.


ڊاڪٽر شير مھراڻي
ڪراچي يونيورسٽي
2 جولاءِ 2024ع