جيمز بانڊ ٻيٽ ۾ موت جو رقص
وڏي ڊگهي پڇ واري ڪاٺ جي ٻيڙي/مڪڙي کي اسان واري جھاز سان گڏ ملائي بيھاريو ويو هو. اعلان ڪيو ويو هو تہ هر مسافر آرام آرام سان هن جھاز مان لھي، هن ڪاٺ واري ٻيڙي تي چڙهي. ڪاٺ واري ڊگهي ٻيڙي هئڻ ڪري، اسان واري جھاز کان گهڻو هيٺ هئي ۽ هي جھاز مٿي هيو، ان ڪري هيٺ لھڻ مھل پاڻي جي ڇولين جي ڪري جھاز جو لڏڻ ۽ وري لانگ بوٽ/مڪڙي جو ڇڄي پري ٿي بيھڻ جي ڪري ڪيڏي مھل ڪو سياح پريشان ٿي وڃي پيو. پر پوءِ بہ جيئن تئين ڪري هرڪو مسافر هن ٻيڙي ۾ لھي آيو. ان کان سواءِ ٻيو ڪو حل نہ هيو. هاڻي اسان سڀئي ان ڪاٺ جي ڊگهي ٻيڙي ۾ شفٽ ٿي چڪا هياسين.
اسان هن دفعي بہ هن مڪڙي ۾ پويان پويان ويٺا هياسين. هن ٻيڙي جي اندر ڪاٺ جا تختا لڳل هيا، جن جي هڪ سيٽ تي چار پنج ماڻھو ويھي سگهن پيا. جيئن پرائمري اسڪول جي ڪلاسن ۾ بينچون سٿيل هونديون آهين. بلڪل اهڙي ريت هي ماحول بہ هيو. جاني، ڊاڪٽر ۽ مان هڪڙي ئي بينچ تي ويھي رهيا هياسين ۽ اسان جي پوئين بينچ تي پرتاب انگريزن سان رلي ملي ويو هيو. شفٽنگ دوران ڪافي ماحول ۾ شور گوڙ پيدا ٿي ويو هو. مون کي ڊپ اچي ورايو تہ ڪٿي هن هٻڙ ڌٻڙ ۾ پنجاھہ سٺ مسافرن جي لھڻ جي ڪري ٻيڙي اونڌي نہ ٿي پوي، ڪو حادثو نہ پيش اچي ۽ ڪٿي سڀ سامونڊي مخلوق جو کاڄ نہ بڻجي وڃون. بس رب پاڪ رحم فريايو.
هي ڪاٺ وارو ٻيڙو بہ پيٽرول واري موٽر تي هيو، هاڻي هر سياح ڳڻتي واري ماحول مان نڪري آيو هو ۽ خوش نظر اچي رهيو هو. اسان جي دوست ڊاڪٽر سنتوش بہ حيدري جا زوردار نعرا هنيا. جنھن جي ڪنھن سڄي ٻيڙي جي مسافرن جو ڌيان اسان ڏي ٿي ويو هو.
هن ڪاٺ واري ٻيڙي جو ٿورڙو سفر هيو، ڇو تہ ڪناري تائين پاڻي جو وڏو جھاز نہ پيو لڳي سگهي، ان ڪري هن وڏي ٻيڙي جي ذريعي ئي اسان کي جبل جي ڪنڊ تي ڪناري تي آندو ويو. پوءِ ٻيڙي کي ڇڪي وڏن رسن سان ڪناري تي لڳل پٿرن سان ٻڌو ويو. جڏهن ٻيڙو ڪناري تي لڳو تہ سڀ مسافر هڪ هڪ ٿي هيٺ لھڻ لڳا. مون ڏٺو تہ اسان جو يار آسٽريلين پوڙهو ٿلھو، وڏي جھاز کان هيٺ نہ لٿو هيو ۽ هتي ڪٿي ڏسڻ ۾ بہ نہ آيو هو ۽ هو پڪ سان ان وڏي جھاز ۾ ئي انتظار ڪندي رهجي ويو هيو.