خطرناڪ سمونڊ ۾ ناشتو
اسان کي اهو پڻ ٻڌايو ويو تہ اسان کي ڪٿي ڪٿي ڪھڙي ڪھڙي آئلينڊ وٺي پيا وڃن. ان رسمي تعارف کان پوءِ اهو اعلان ڪيو ويو تہ،”ناشتو تيار آهي. هي توهان سڀني جو ناشتو آهي. سڀني لاءِ هڪجھڙو ئي ناشتو آهي، ڪنھن لاءِ بہ ڪو خاص ۽ عام ناشتو نہ آهي. اسان لاءِ هن جھاز ۾ موجود سڀ مسافر برابر آهن. پر توهان کي گذارش آهي تہ توهان مان سڀ کان اول ٻار ۽ عورتون ناشتي جي لاءِ اٿي اچن ۽ ان کان پوءِ پوڙها ۽ بعد ۾ ٻيا.“ ناشتو سامھون ئي جھاز جي ڊيڪ جي بلڪل پٺيان ڪائونٽر ٺھيل هيو، جتي ناشتو لڳل هو. ان ڪائونٽر تي هڪڙي عورت ڪائونٽر جي ذميواري سنڀالي رهي هئي ۽ هر مسافر کي ناشتي کڻڻ ۾ مدد ڪري رهي هئي.
هن جھاز ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي هئي. ڪي عورتون نقاب ۽ برقعي ۾ هيون تہ ڪي وري جينز، يا شارٽس ۾ هيون. ڪائونٽر تي اهو بہ اعلان ڪيو ويو هو تہ هي مفت ناشتو آهي ۽ توهان جي ٽرپ ۾ شامل آهي، عورتن ۽ ٻارڙن جي ناشتي واري ٽيبل تي ڪافي رش ٿي ويئي هئي. هاڻي جڏهن رش گهٽ ٿي تہ پوڙهن ۽ ٻين مردن کي ناشتي لاءِ گهرايو ويو.
اسان بہ جڏهن اٿياسين تہ اسان کان اڳ ۾ هو پوڙهو اٿي چڪو هو. مون کي لڳي پيو تہ هن کي هلڻ ۾ تڪيلف ٿي رهي هئي. پر پوءِ بہ جيئن تيئن ڪري هو ڪائونٽر تي پھچي ويو هو، هن پليٽ کنئي، جنھن ۾ هن سينڊوچ، فريش فروٽ، بسڪوٽ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ پليٽ ۾ کڻي واپس پنھنجي جاءِ تي اچي ويٺو. پوڙهو پري کان چشمي جي وچ مان اسان ڏي ڏسي رهيو هو، شايد اهو ڏسندو هوندو تہ اسان پنھنجي پليٽ ۾ ڇا ٿا کڻي اچون. مون پوڙهي کي ڏسندي چيو تہ،”پوڙها کاءَ کاءُ اڄ نہ کائيندين تہ ڪڏهن کائيندين.“ هن وڏو ٽھڪ ڏنو هو.
اسان مان بہ هر هڪ دوست حسب ضرورت پنھنجي پليٽ ڀري تقريبن سڀ ايٽم کڻي آيو هو. ان ۾ پاڻي جي بوتل جو اضافو هيو. جاني پاڻ سان گڏ منھنجو ناشتو بہ کڻي آيو هو. مون محسوس ڪيو تہ جاني سفر ۾ سڀني دوستن جو گهڻو خيال ڪندو آهي. ان جو سبب اهو بہ آهي تہ اسين سڀ هن کان وڏا آهيون ۽ هو اسان سڀني کان ننڍو آهي. ان ڪري هو اسان جي تعظيم ۾ اسان جو گهڻو خيال ڪندو آهي. ناشتي کان پوءِ ٽي بيگ جي چانھہ جون چسڪيون وٺي، فريش ٿي ويا هياسين. هاڻي سمونڊ آهستي آهستي کهرو ٿيندو پئي ويو ۽ اسان جي عجيب ڪيفيت ٿيندي پئي وئي. پاڻي جو جھاز سمونڊ تي تري رهيو هو. هر طرف پاڻي ۽ پاڻيءَ جون ڇوليون هيون.
جھاز پنھنجي رفتار وڌائي چڪو هو. مون کي اوچتو هڪڙي خبر ياد اچي ويئي، جيڪا مون ڪنھن وڊيو ڪلب ۾ ڏٺي هئي تہ دنيا ۾ سڀ کان وڏي مخلوق سمونڊ ۾ رهندي آهي. سو مون سوچيو جيڪڏهن ان ناشتي مھل ڪا اهڙي سمونڊ واري وڏي مخلوق اوچتو هيٺيان کان ئي جھاز کي ٽڪر هڻي يا ٻاهر نڪري اچي تہ پوءِ ڇا ٿيندو.
موت يقيني هيو. اهڙي صورتحال ۾ اسان مان ڪو بہ ڪنھن بہ صورت ۾ بچي نہ پيو سگهي ۽ پوءِ اسان ئي سمونڊ جي مخلوق جو ناشتو بڻجي وڃون ها. هن سامونڊي جھاز جو ڪافي عملو هيو، جيڪو سڄي جھاز کي سنڀالي رهيا هيا. هي سڀ نوجوان، ڏٽا مٽا ماڻھو هيا، جيڪي سمونڊ جي گهرائي ۽ رازن کان بخوبي واقف هيا. سو ٿوري کان پوءِ وري ٻيو اعلان ٿيو تہ ڪنھن کي بہ جيڪڏهن وسڪي، شراب، بيئر، جوس وغيرہ کپي تہ هو ڪائونٽر تي اچي خريد ڪري سگهي ٿو. ياد رهي تہ ناشتو مفت ۾ هيو، انھن شين جا پئسا لڳندا. اسان مان تہ ڪو بہ دوست نہ اٿيو، ڇو تہ اسان سڀ مفت وارا هياسين، پئسا ڪير ڀري، پر اسان جي پاسي ۾ جيڪي انڊين چار دوست هيا، جيڪي چارئي ڊاڪٽر هيا. اهي سڀ ئي اٿي پيا ۽ وڃي بيئر ۽ شراب جو بوتلون وٺي اچي، وري بہ ساڳي ئي جھاز جي پڇڙي ۾ هيٺ وڃي ويھي رهيا.