ڦڪيٽ ڏانھن ويندڙ جنت الفردوس جو رستو
اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪارا ڪڪر ڪيس،
وڄون وسڻ آئيون، ڪري لعل لبيس،
پرين جي پرديس، مون کي مينھن ميڙيا.
( شاھہ)
اهي خوبصورت ۽ موهيندڙ منظر اکين جي نور کي چٽي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا هيا. هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ. اک کُٽي ساوڪ نہ کُٽي. مان سمجهان ٿو ۽ جيڪڏهن مان جنت ۾ ويس، پر مون کي نہ ٿو لڳي تہ مان ويندس، تہ ايڏي ساوڪ ۽ ساواڻ شايد جنت ۾ مشڪل سان نظر اچي. روڊ جي ٻنھي پاسن کان وڏا وڏا سيمينٽ جا ٺھيل بجلي جا تنبو هيا، جن کي سفيد رنگ ڪيو ويو هو. صاف سٿرا، ڪشادا روڊ، روڊن جي پاسن تي هر قسم جا صاف سٿرا چٽا سائن بورڊ، تير جا نشان، پٽا ٺھيل، سگنلز جا بھترين نظام اهو تاثر ڏين پيا تہ هتان جا ماڻھو پنھنجي ملڪ سان ڪيڏا سچا ۽ وفادار آهن. ان ڪري سڄي دنيا جا سياح سڄو سال هتي سياحت ڪرڻ ايندا آهن. هنن سائن بورڊن جي ڪري ڪيتري آساني سان مسافر پنھنجن منزلن تي پھچي سک جو ساھہ کڻن ٿا. نہ تہ اسان وٽ تہ ڪيئي ماڻھو ڀٽڪي ڪٿي کان وڃي ڪٿي نڪتا. اسان جي ملڪ جي روڊن وارن سائن بورڊن تي پارٽين جي واٺن جون تصويرون، نعرا، جهنڊا ٺھيل هوندا آهن. ڪٿي تير جو يا شھرن جو نالو لکيل هوندو تہ اهو بہ گم. سو نئين ماڻھو لاءِ اهو تمام وڏو مسئلو هوندو آهي. هو هلندو ئي انھن سائن بورڊن تي آهي. انھن سائن بورڊن سان هٿ چراند جي ڪري نئون ماڻھو ماڳھين ڀليو وڃي، ڪٿي کان ڪٿي نڪري. افسوس انھن وڏيرن کان سائن بورڊ بہ نہ ٿا ڇٽن.
پر هڪڙي ڳالھہ مون نوٽ ڪئي تہ هتان جي ٿنڀن جو تارون بہ اسان جي ملڪ وانگي کليل ئي هيون. جيئن اسان وٽ بجلي جا ميٽر تارن سان ائين گهيريل هوندا آهن، جيئن ڳڙ جي ٽڪري يا کنڊ جي چپٽي تي ڪيولين جو گهيرو. سو روڊ جي پاسي ۾ گارڊ نموني بيريئر پڻ لڳل هيا جيڪو گاڏين کي روڊ کان هيٺ لھي وڃڻ کان يا ڪِرڻ کان روڪڻ جي لاءِ لڳايا ويا هيا. پاسي کان جيتوڻيڪ جبل هيا، پر انھن کي سائو ويس اوڍيل هو. جبل جي ڪا بہ هڪ انچ جي بہ ٽڪري اهڙي نہ هئي، جتي ڇٻر، ساوڪ، گاھہ نہ ڦٽيل هجي. وڻ ٽڻ بہ هن ماحول کي دلربا بڻائيندي بادلن کي برسي پوڻ جي دعوت ڏيئي رهيا هيا. هتي نہ شور نہ گوڙ، نہ هل، نہ ماحولياتي آلودگي ۽ نہ ئي وري برسات کان پوءِ گپ چڪ جي ڳڻتي. خاموش فضائن ۾ خاموشي جو راڄ. مٿان آسمان جو ڪارن ڪڪرن جي قرب ۾ ائين منڊجي وڃڻ، جيئن منڊي ۾ ٽڪ جو جڙجي وڃڻ هجي. پر هن سڄي سفر جو مزو، موسم جو مزو، رولاڪين جو مزو، يارن سان هيو، يارن جي ياري ۾ هيو. سچ تہ گهمڻ جو مزو بہ يارن ۽ پيارن سان ئي آهي، ڀلا اڪيلائي ۾ ڪھڙو گهمڻ.