گوتم ٻُڌ جي اڱڻ تي
ان جي هيٺان مختلف رنگن سان ڪيترائي جهنڊا لڳل نظر آيا. پاڻ جبل جي چوٽي تي چڙهندي گول ڦري رهيا هياسين. نيٺ لائق ٻڌايو تہ،” هاڻي اسان گوتم ٻڌ جي درٻار جي گهڻو ويجهو آهيون. بس ٿوري دير ۾ پھچڻ وارا آهيون. هو ڏسو سامھون کان هن جي مورتي نظر پئي اچي.“ واقعي هن جي مورتي جو پويون پاسو اسان کي گاڏي مان ئي نظر اچي رهيو هو. نيٺ پاڻ گوتم جي اڱڻ تي اچي پڳاسين.
هن گوتم جي مورتي ايم ٽي نيڪرد جبل جي چوٽي تي هڪڙي باغ ۾ آهي. هي مورتي ڪاتا بيچ جي ويجهو آهي، جيڪا ٻيٽ جي تازي سونھن آهي. گوتم ٻڌ جي هي مورتي ملڪ جي بلند ترين مورتي سمجهي ويندي آهي. ڦڪيٽ جي سڀني کان مشھور گوتم جي هي مورتي/اسٽيچيو آهي.
سفيد ماربل جي پٿر جي ٺاهيل هي مورتي پنھنجي خوبصورتي جو اعليٰ شاهڪار آهي. اسان گاڏي مان هيٺ جيئن ئي لٿاسين تہ لائق ڊرائيور چيو تہ،” توهان واپسي ۾ هتي ئي اچجو مان هتي گاڏي پارڪ ڪيان ٿو.“ اسان اڳتي وڌياسين تہ گيٽ تي تمام وڏو بينر لڳل هو، جنھن تي گوتم جون ڪيتريون ئي چوڻيون لکيل هيون. ان پينافليڪس جي پاسي ۾ ان سان ئي گڏ سيڪيورٽي گارڊ جي آفيس هئي، جتان ٽڪيٽ وٺي اندر گوتم جي درٻار ۾ داخل ٿياسين.
رستي ۾ ڪنڊ تي بھترين ڪاريگري سان پراڻي ڪاٺ جا وڏا بُنڊ ڪٽي، ان جي ٿڙن مان ڊسٽ بن وغيرہ ٺاهيا ويا هيا. ان سان گڏ ڪجهہ مختلف ديوين ۽ ديوتائن جون مورتون هيون، جتي اگربتيون ٻري رهيون هيون. پر اڳيان ڪاٺ جي لڪڙي کي رڪاوٽ ڪري رکيو ويو هيو تہ جيئن ڪو سياح هن کان اڳتي نہ اچي ۽ جي پوڄا پاٺ لاءِ اچي تہ بہ جوتا ٻاهر لاهي پوءِ اندر داخل ٿيئي. پاڻ ٻاهران ئي ٻاهران انھن ديوتائن جو درشن ڪري، ٻرندڙ اگربتين جي خوشبو وٺي، اتان نڪتاسين.
گوتم جي مجسمي ڏانھن ويندي، پاسي کان هڪڙي وڏي ڪوٽ نما ديوار تي نظر وڌيسين تہ ان اڀي ديوار تي تمام وڏا پٿر ائين نسب ٿيل هيا ڄڻ تہ اتي کُپي ويا هجن يا اُتي وڏي ڪاريگريءَ سان سيٽ ڪري رکيا ويا هجن. جنھن کي ڏسي ماڻھو حيرت ۾ پئجيو وڃي ۽ پٿرن کي ائين ديوار تي بيٺل ڏسي عجب لڳي پيو تہ ايڏا وڏا پٿر اتي مٿانھن چوٽي تي ديوار سان ڪيئن چنبڙائي لڳايا ويا. ڪمال جي ڪاريگري هئي.
هاڻي سامھون کان گوتم جي تمام وڏي مورتي هئي. جنھن کي ڏسڻ لاءِ هزارين سياح هتي گڏ ٿيا هيا. ڪافي ويڪري ماربل سان ٺھيل ڏاڪڻ چڙهڻ ۾ ڏاڍي آسان هئي. صاف سٿري کير جھڙي رنگ جي ماربل واري ڏاڪڻ ويڪر ۾ تمام وڏي هئي، ان ڪري ئي ٿڪاوٽ جو احساس نہ ٿي رهيو هو. اهڙي خوبصورت ماحول ۾ هتي، هن جاءِ تي، گوتم جي اڱڻ تي پير رکڻ ڪنھن بہ نعمت کان گهٽ نہ هيو ۽ مٿان وري جڏهن پرين پيارا دوست گڏ هجن پوءِ تہ ٻيو ڇا کپي.