ڦڪيٽ بيچ ۽ سگريٽ جي عياشي
هن بيچ جي پريان کان نظر ايندڙ جبل کي سائي ڇٻر/ساوڪ جي چادر اوڍيل هئي. مٿان وري ڪارن ڪڪرن بہ گهٽ نہ ڪئي هئي، اوچتو ئي اوچتو اسان کي سرپرائيز ڏيندي، اسان جي آمد جي خوشيءَ ۾ ۽ اسان جي آجيان ڪرڻ لاءِ برسي پيا. سمونڊ، ساحل، کجين جا وڏا وڻ، رولاڪيون، هن ماحول کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هيا. مينھن جو ڦڙيون ٿوري دير اسان تي باراني رحمت بڻجي پيار نڇاور ڪنديون رهيون جنھن جي ڪري هن سامونڊي ڪناري جي فطري سونھن وڌيڪ جيئڻ لاءِ اُتساهي رهي هئي. اهڙي ماحول ۾ سگريٽ جا ڪش هڻڻ، مان سمجهان ٿو تہ عياشيءَ جي انتھا ٿيندي آهي. سو مون جاني کي چيو تہ،”مون کي سگريٽ وٺڻا آهن.“
پاڻ ٻيئي اتي ڪناري تي ئي سگريٽن جي ڪيبن تي آياسين، پر اتي موجود ڪيبنز ۾ سگريٽ منھنجي پسند جا نہ هيا بلڪ مون کي اهي سگريٽ ”پولو“ لڳا. يعني ”موت مار سگريٽ.“ سو سامھون روڊ ڪراس ڪري پاڻ هڪڙي جنرل اسٽور ۾ داخل ٿياسين. جنھن ۾ سڄي اسٽور کي رلڻ کان پوءِ بہ سگريٽ نظر نہ آيا.
ڪائونٽر تي ويٺل ناري پڇيو تہ ،” توهان کي ڇا کپي.“
مون چيو،” سگريٽ.“
هن ڪائونٽر جي پاسي ۾ بند پيل باڪس کوليو، جنھن ۾ مختلف قسمن جا سگريٽ پيل هيا. مون هن کي نيري رنگ جي پاڪيٽ ڏانھن اشارو ڪيو. هن اهو ڪڍي ڏنو ۽ پوءِ مون هن کي لائيٽر جو پڻ چيو. هن لائيٽر بہ ڏنو.
مان سوچ ۾ پئجي ويس تہ هي سگريٽ بہ سامھون ڊسپلي ۾ نہ ٿا رکن ۽ هنن وٽ سگريٽ بہ کلي عام رکڻ جي بہ اجازت نہ آهي. ڪيڏي نہ سٺي ڳالھہ آهي ۽ وڏي سوچ آهي. سگريٽ کي هنن بند ڪري ڇڏيو تہ جيئن ڪو ٻار بہ نہ ڏسي سگهي. ساڳي جاءِ تي وري واڪنگ اسٽريٽ تي تہ هر شي سرعام ملي پئي.
پاڻ سگريٽن سان گڏ، اتان ئي پاڻيءَ جون چار عدد ننڍيون بوتلون پڻ وٺي ٻاهر آياسين. اسان کان پريان ڪي نوجوان دوست بہ ويٺا هيا، جيڪي ساحلي ديوار تي مٿان ويھي ڪچھري ڪري رهيا هيا ۽ سج لھڻ جي منظر جو مزو بہ وٺي رهيا هيا. مون کي سائين بشير سيتائي جي غزل جو بند ياد ٿو اچي تہ؛
شام شفق ۽ سج لھڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ.