No lift جو سائن بورڊ ۽ دل جي معراج
جنھن روڊ تي پاڻ هلي رهيا هياسين. انتھائي ڪشادو ۽ بغير ڪنھن اسپيڊ بريڪر جي هو، ڪٿي ڪٿي ڪو سنگل آيو پئي جنھن تي هوءَ بريڪ هڻي سنگنل گرين ٿيڻ جو انتظار ڪري، قانون جي پاسداري ڪندي، پنھنجي ملڪ جي قانون کي مانُ ڏيئي رهي هئي. ڪٿي ڪٿي تہ ناريل ۽ کجين جا وڏا وڏا وڻ پڻ نظر پئي آيا. ورن وڪڙن جي هن روڊ تي ڪٿي ڪٿي ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ وڏي عمارت نظر پئي آئي تہ ڪٿي وري روڊ سان ڪو وڏو دڪان يا ڪو وڏو اسٽور پڻ نظر آيو.
روڊ کي ٻئي پاسي ڪراس ڪرڻ لاءِ وچ زيبرا ڪراسنگ پڻ نظر آئي. ڊريسنگ ۾ عورتن جو لباس بلڪل اسان جي ملڪ کان مختلف هيو. جينز جي ڪپڙي مان ٺھيل شارٽس ۾ يا اڪثر ڪري مٿان گنجي يا وري ٽي شرٽ وغيرہ ۾ نظر آيون. باقي ڪل خير. اسان سفر مان لطف اندوز ٿي رهيا هياسين ۽ شايد سفر اسان مان بہ. ڇو تہ هو سمجهي وئي هئي تہ هي چار ئي ڄڻا ايڏا خاموش خاموش ڇو ويٺا آهن. ضرور دال ۾ ڪجهہ ڪارو ضرور آهي. سچ بہ اهو هيو تہ اسان اجنبي ماڻھو، نوان ماڻھو، هن ملڪ جي قانون کان اڻ واقف، نئون ملڪ، نئون رخ، نوان روڊ، نوان نظارا، اکين جي عياشي ٿي ويئي هئي. هڪڙي اهڙي جاءِ تي منھنجي ڪيمرا جي اک ڦوٽو ڪڍي ورتو، جنھن ۾ تمام وڏي بورڊ تي انگريزي ۾ لکيل هيو Factory closed down sale . فيڪٽري بند ٿي ويئي هئي ۽ مالڪ فيڪٽري کپائي رهيو هو.
پاڻ ائين ئي سفر کي بي ترتيبي، ڇڙواڳي ۽ تجسس ۾ سفر ڪاٽيندا، اچي”ميراج هوٽل“ جي سامھون لٿاسين. اسان جي هن هوٽل ۾ اڳ ۾ ئي آن لائين بڪنگ ٿيل هئي. اسان پنھنجا بيگ لاٿا. سفر دوران گاڏي جي سيٽن جي پاسي ۾ پاڻيءَ جون بوتلون رکيل هيون جنھن مان هڪ ٻن دوستن پاڻي پيتو هيو. ان ڪري لھڻ مھل پرتاب انھن پاڻيءَ جي بوتلن جا پئسا هن ليڊي کي ڪڍي ڏنا، پر هن پاڻ صاف انڪار ڪندي چيو تہ،”اهي بوتلون توهان لاءِ ئي تہ رکيون هيون.“
سامان لاهي پاڻ Mirage Hotel Patong ۾ داخل ٿياسين. مون کي اوڏي مھل ڳالھہ سمجهہ ۾ آئي تہ جاني ميراج هوٽل ڇو بڪ ڪرائي هئي. ڇو تہ جاني جي ٻي ننڍڙي جو نالو بہ معراج آهي. جڏهن تہ وڏي ننڍڙي جو نالو غلام مصطفيٰ آهي. ان ڪري هن جي نالي سان ئي هن هي هوٽل بڪ ڪرايو هو. تہ جيئن هو ٿائلينڊ ۾ بہ هر پل ۽ ايندي ويندي معراج کي ياد ڪري دلي سڪون ماڻي سگهجي. پر مون سوچيو تہ خبر ناهي هتي دل جي معراج بہ پوري ٿيندي هوندي الائي نہ.