سفرناما

ٿائيلينڊ جا ٿاڪَ

ٿائيلينڊ دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪڏھن بہ ڌارين جي غلاميءَ ۾ نہ رھيو آھي ۽ ٿائي لفظ جي معني ئي آزاد آھي. بلوچ صحبت ٿائي ماڻھن جي سڀاءَ کي سھڻي نموني بيان ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٿائيلينڊ جي خوبصورتين، اتان جي صفائي سٿرائي، آزادي ۽ اتان جي ماڻھن کي منفرد انداز سان لکيو آھي. ھي ھڪ اھڙو دلچسپ سفرنامو آھي جيڪو نائيٽ ڪلبن جي رنگين حسناڪين کان وٺي قدرتي جزيرن ۽ سامونڊي بيچ جي اھڙي تہ خوبصورت منظر نگاري ڪري ٿو جو عام پڙھندڙ کان وٺي تخليقي صلاحيت رکندڙ شاعر اديب ۽ ليکڪ پڻ ان منظر نگاري مان نڪور تخيلقون پيدا ڪري سگهن ٿا.

Title Cover of book Thailand jaa thaak

باس باسڻ وارو منتر

اڃان اسان ان ئي مندر جي اندر ۽ ان جي مٿين حصي ۾ پوڄا پاٺ ڪرڻ ۾ مصروف هياسين تہ ڏٺوسين تہ اتي ئي ڪنڊ ۾ سامھون ڪيترن ئي قسمن جا رنگين، مختلف قسمن جا گل مختلف انداز سان سينگاري رکيل نظر آيا. هي گل هٿراڌو نہ هيا بلڪ قدرتي تازا گل ظھور پذير ٿيل هيا. جن جي خوشبوءَ سان سڄو هال مھڪي ۽ معطر ٿي ويو هيو. هيٺ پٽ تي نذراني طور رکيل هتان جي ڪرنسي جابہ انيڪ نوٽ وکريل پيا هيا. هتي مون کي ڪنھن بہ جاءِ تي ڪو پراڻو، ڦاٽل، وريل، نوٽ نہ ڏٺو، سڀ ڪڙڪ نوٽ نظر آيا. اتي ئي هڪڙو بورڊ لڳل هو جنھن جي نيري رنگ جي مٿان سفيد اکرن ۾ ٿائي ۽ انگريزي ٻولي ۾ ڪجهہ لکيل هو.
ٿائي ٻولي تہ پاڻ سڀني مان ڪنھن کي بہ نہ ٿي آئي. پر انگريزي ۾ جيڪو لکيل هو سو ان جو متن هيٺين ريت هيو. اصل ۾ هي هڪڙو منتر هيو، جيڪو عقيدتمندن لاءِ اتي لکرايو ويو هو تہ جيئن اهي اتي اچي، پنھنجي من جي مراد کي ماڻڻ لاءِ پڙهن:

Lord Buddha’s Relics Mantra
A-Hang Bu-Chae-MiTou-Ra- Toh
A-Hang Bu-Chae-Mi Ta-Tue- Yo
A-Hang Bu-Chae-Mi Sup-pa- Soe
Repeat 1 ، 3 ، 5 ، 7 ، 9….times ، then make a wish

مطلب تہ هي بہ هڪڙي دعا ئي هئي، جيڪا، هتي ايندڙ هر مرد توڙي عورت پڙهي پنھنجي من جي مراد ماڻي سگهي پئي. پر اسان پنھنجي مٺڙي ٻولي سنڌيءَ ۾ ئي پنھنجي من جي مراد جي من ئي من ۾ تمنا ڪري ويٺاسين، ان اميد سان تہ گوتم اسان جي ٻولي ضرور سمجهندو هوندو. سو هرڪنھن اکيون ٻوٽي هٿ ٻڌي پنھنجي دل جي تمنا لاءِ دعا گهري هئي. اتان فارغ تي پاڻ جيئن ئي مٿي ڇت تي چڙهي جيئن آياسين تہ هتي وري منظر ئي ٻيو لڳو پيو هيو. مسجد جي نيلن جھڙا سفيد رنگ جا savour هر طرف لڳل هيا، جيڪي اندر جي اونداهي رات کي بہ ڏينھن جو روپ ڏيئي شرف بخشي رهيا هيا.
تمام خوبصورت نموني سان سينگاريل هي مندر صاف شفاف ۽ بھترين ماحول جي عڪاسي ڪندي سک ۽ شانتي جو ڄڻ تہ هڪڙو آکاڙو هيو. سچ تہ هي ماحول اسان جي من کي موهي رهيو هيو. پاڻ کي ائين لڳي رهيو هو تہ ڄڻ اسان هيترن سارن گوتم ٻڌ جي مورتين جي سامھون اچي ڄڻ تہ سڌارتا جي ديس ۾ پھچي ويا هجون. اهڙي ديس مان ائين ئي نڪري وڃڻ تي دل نہ پئي چوي ۽ نہ ئي دل چوي پئي تہ گوتم کان ايترو جلدي ۾ موڪلايون. اڃان تہ گوتم جي فلسفي تي گوتم سان سير آميز گفتگو بہ ڪرڻي هئي. انھي ئي ٻڏتر ۾ هياسين تہ مٿان مينھن جو هڪ دفعو ٻيھر مھربانيون ٿي ويون ۽ اوچتو ئي اوچتو برسات شروع ٿي ويئي هئي.