گهاٽي جهنگ ۾ وسرام
اسان هاڻي هن خوبصورت سائين جهنگل واري ٽڪري تي موجود هياسين. ان گول چبوتري جي اندر اسان کان اڳ ۾ ڪيتريون ئي فيمليون، انھن جا ٻارڙا، عورتون ۽ نوجوان ڇوڪرا تصويرون ڪڍڻ ۾ رڌل نظر پئي آيا. ان ڪري اسان انھن جي خلوتن ۾ خلل وجهڻ مناسب نہ پئي سمجهيو، ان ڪري اسان ان چبوتري کان ٻاهر بيھي انھن جو انتظار ڪرڻ لڳاسين.
ناريل، کجين ۽ فروٽ جا ڪيترائي وڏا وڻ، ان سان گڏ ڪيترائي ٻيا مختلف وڻ، ٻوٽا هن ماحول جي مانڊاڻ ۾ رونقن جو روپ ڌاري، ماحولياتي گدلاڻ کي ڪوهون ڏور ڌڪي، پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا هيا. ان سيمينٽ جي ٺھيل ٿلھي جي مٿان جهوپڙي جيان ان جي مٿان ڪکن، ڪانن، ۽ ڪاٺ جي ڪامن جو ڇاپرو بہ ٺھيل هيو ۽ هيٺ ويھڻ لاءِ پڻ سيمنٽ جي ڏاڪڻ تي اوساري ٿيل هئي. جيئن ڪو ماڻھو ويھڻ چاهي تہ آساني سان ويھي سگهي.
هتي جيتوڻيڪ فطري سونھن جون جهلڪيون تمام ويجهڙائي کان پسي سگهجن پيون ۽ پسيون بہ سين، پر پوءِ بہ هتي اڳيان ويٺل موالي ٽائيپ (ايجنسين جو ماڻھو)، هن فطري رونقن جو مزو خراب ڪري ڇڏيو هو. سوچيان پيو تہ هتي هن کي ڇو ويھاريو ويو آهي. ڪو نہ ڪو هن جو مقصد ضرور هيو. جيئن مون مٿي لکيو تہ هي نہ فقير هو نہ ئي ڪاروباري ماڻھو، اهو بلڪل درست آهي. هن فقراهي ۽ ڪاروباري هئڻ جو ڍونگ ڪيو هو. هن جي پٺيان اصل ٻي ڪا ڪھاڻي هئي. جيڪا پاڻ نہ سمجهي سگهياسين يا تہ سمجهڻ چاهيوسي ئي نہ.
هن ٽڪري جي چوڌاري گهاٽا ۽ ڊگها وڻ ڏسي روح ائين تازو توانو ٿي ويو هو جيئن ڪمپيوٽر کي جڏهن ريفريش ڪرڻ لاءِ F5 جي ڪمانڊ ڏيئي فريش ڪندا آهيون. هر طرف ساوڪ ئي ساواڻ جا جلوا افروز هيا. ديد جي عيد ٿي وئي هئي. جاني کي ڏاڍو تنگ ڪيو هيوسين تہ ادا منھنجو هتي فوٽو ڪڍ، هيئن ڪڍ، هون تصويرٺاھہ، پويان وڻ اچن، پويان سمونڊ جو منظر اچي، پويان هي منظر اچي، هو منظر اچي، مطلب تہ رڳو ڪيمرا جا ڪلڪ هيا. جاني جي اها ئي ”حاضر سائين يا جي بابا“ واري ڪار هئي.
اهڙي حسين ماحول ۾ اسان جي پوڙهن دوستن بہ پنھنجي جوانيءَ کي واپس ٿيندي محسوس ڪيو هو. هاڻي اسان جو اڌ ڪلاڪ پورو ٿي ويو هو. اسان ورڻ جي ڪئيسين تہ سامھون کان ئي لائق اسان جي انتظار ۾ هيو. هن دفعي مون سنگت کان پرمشن ورتي تہ مان اڳيان ٿو ويھان. سو مان لائق ڊرائيور جي پاسي ۾ ويھي رهيس. سوزوڪي اتان نڪري وري ساڳي ئي مين روڊ تي ڊوڙڻ لڳي.
هن وقت موسم بہ مھربان ٿي ويئي هئي. اسان رستي ۾ ئي رولاڪيون ڪندي اڃان بہ اڳتي پهاڙن جي گهيري ۾ اچڻ پئي چاهيو. انھي دوران رستي ۾ برسات شروع ٿي ويئي هئي. هي ٿوري دير لاءِ وقتي مينھن هيو. لائق روڊ جي پاسي تي گاڏي بيھاري، پلاسٽڪ جا پردا هيٺ لاهي ڇڏيا هيا. پر اڳتي جڏهن برسات جي ڦڙ ڦڙ بند ٿي وئي هئي تہ هن سوزوڪي کي روڊ جي پاسي ۾ بيھاري، ڊرائيونگ سيٽ تان لھي اچي، اهي پردا وري مٿي ڪري ويڙهي، ڏوري ٻڌي ڇڏي هئي. ڇو تہ انھن پردن جي ڪري گرمي ٿئي پئي. مون کي بہ جڏهن اڳيان گاڏي جي هيٽ اپ ٿي وڃڻ جي ڪري گرمي محسوس ٿي تہ مان بہ لھي پويان سنگت سان اچي ويھي رهيس. آسمان ۾جهڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نظر نہ آيو. هر طرف ڪارن ڪڪرن جي ڪاراڻ ئي ڪاراڻ هئي. اهڙي موسم جي ڪري ماحول خوشگوار ٿي ويو هو. موڊ مٽجي ويا ها. ماحول جو رنگ مٽجي ست رنگي ٿي ويو هو. روڊ جي ٻنھي پاسن کان گهاٽو سائو جهنگل هيو. لائق پري کان جبل جي چوٽي تي اشارو ڪندي چيو ته“ اسان کي ان جبل جي چوٽي تي هلڻو آهي. اتي گريٽ بدها آهي يعني گوتم ٻڌ جي وڏي ۾ وڏي مورتي آهي.“