سفرناما

ٿائيلينڊ جا ٿاڪَ

ٿائيلينڊ دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪڏھن بہ ڌارين جي غلاميءَ ۾ نہ رھيو آھي ۽ ٿائي لفظ جي معني ئي آزاد آھي. بلوچ صحبت ٿائي ماڻھن جي سڀاءَ کي سھڻي نموني بيان ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٿائيلينڊ جي خوبصورتين، اتان جي صفائي سٿرائي، آزادي ۽ اتان جي ماڻھن کي منفرد انداز سان لکيو آھي. ھي ھڪ اھڙو دلچسپ سفرنامو آھي جيڪو نائيٽ ڪلبن جي رنگين حسناڪين کان وٺي قدرتي جزيرن ۽ سامونڊي بيچ جي اھڙي تہ خوبصورت منظر نگاري ڪري ٿو جو عام پڙھندڙ کان وٺي تخليقي صلاحيت رکندڙ شاعر اديب ۽ ليکڪ پڻ ان منظر نگاري مان نڪور تخيلقون پيدا ڪري سگهن ٿا.

Title Cover of book Thailand jaa thaak

جيمز بانڊ آئلينڊ تي رولاڪيون

پاڻ جيئن ئي اُن ٻيڙي کان هيٺ جبل تي لٿاسين. لھڻ کان پوءِ هر سياح پنھنجي منھن سان رولاڪيون ڪرڻ ۾ لڳي ويو. هي جبل تمام قديمي لڳي پيو. ڪجهہ وکون کڻڻ کان پوءِ اسان جي اکين جي اڳيان ٻہ ٽي دڪان هيا، جن ۾ گفٽ ٽائيپ شيون پيل هيون. جيئن ميلن ملاکڙن ۾ دڪانن تي پيون هونديون آهن. انھن دڪان جي کاٻي پاسي کان قديمي جبل ائين لڳي پيو ڄڻ تہ ان تي ڪنھن گولين جا برسٽ هلايا هجن. ڇو تہ هو سڄو ٽنگ پروڻ ٿيل هيو. ڪي ڪي سوراخ تہ ايترا وڏا هيا جو اتان ماڻھو ٽپيو وڃي ٻي پار پوي. مطلب تہ سمونڊ جي ڇولين جو ذري ذري ان جبل کي چمي چمي نيٺ هن کي اندران اندران ڳاري، ڪوري خالي کوکلو ڪري ڇڏيو هو. پر نہ جبل جي سڪ گهٽ ٿي هئي ۽ نہ وري سمونڊ جي رولاڪ ڇولين جي محبت گهٽي هئي.
جنھن زمين يعني پٿريلي جبل تي هلون پيا تہ سامھون کان نظر ايندڙ لقاءَ اسان کي ڇرڪائي وڌو هيو. اکين اڳيان منظر هي هيو تہ ٻہ انگريز پٺي اگهاڙي ان ڪناري کان هيٺ سمونڊ ۾ لھي وهنجي رهيا هيا. ڏاڍو عجيب لڳو تہ هي ايڏي وڏي سمونڊ ۾ هيٺ لٿا آهن، نہ هنن کي ڊپ، نہ خوف، نہ ڀوءَ. انھن ماڻھن جي ريس تي ڊاڪٽر بہ هيٺ لھي پيو. منھنجي منع ڪرڻ جي باوجود ڊاڪٽر نہ مڙيو، سو هو بہ سمونڊ ۾ لھي پيو.
پر جڏهن اتي ئي ساڳي جاءِ تي اسان جو دوست ڊاڪٽر لٿو تہ خبر پئي تہ ان جاءِ جي پاڻيءَ جي هيٺان سيمينٽ جي دڪي ٺھيل آهي، اڳتي ٿورو ممڪن آهي تہ هيٺ وڏو پاڻي هجي پر اتي ئي اٿي بيھڻ سان چيلھہ جيڏو پاڻي نظر آيو. ڊاڪٽر ٻہ ٽي ٽٻيون هڻي، اتي ئي اٿي بيھي انگريزن جي پت خراب ڪري چڪو هيو، جن ٿورو اڳ ۾ اهو تاثر پئي ڏنو تہ اهي گهري/اونھيءَ سمونڊ ۾ وهنجي/تڙڳي رهيا آهن.
ڊاڪٽر ٻاهر نڪري آيو هو، اسان ان جاءِ تان ئي مٿي جبل تي چڙهڻ لڳاسين. جيئن مون مٿي توهان کي ٻڌايو تہ هي جبل سڄو ئي ٽنگ پروڻ ٿيل هو. پاڻي جي وهڪري يا ڇولين هن جبل کي اندران ئي اندران کائي ڇڏيو هو. ان ڪري ان جبل تي ننڍا ننڍا کڏڙا، سوراخ ٿي ويا هيا. پر هڪڙو وڏو سوراخ /چُر/ٽُنگ هيو، جتان پاڻ ڪراس ڪري ٻي پاسي وياسين. هيٺ پيرن ۾ جبل تکو، تيز ٿي لڳو، مون کي بوٽ پاتل هيا، پر جن جا پير اگهاڙا هيا، انھن جي پيرن کي اهي چنھنبدار جبل جون ڪنڊيون، پٿريون ضرور تڪليف ڏينديون هونديون، خاص ڪري نازڪ صنف لاءِ تہ هتي پيرين اگهاڙي هلڻ انتھائي مشڪل هيو. پر هتي ڪا بہ پيرين اگهاڙي نظر نہ پئي آئي، سڀني کي تقريبن جوگر پاتل هيا.
هتي ٻيو ڪجهہ بہ نہ هو، بس جيمز بانڊ جون يادون هيون. سال 1974ع ۾ هتي جيمز بانڊ جي فلم جي شوٽنگ ٿي هئي ۽ جيمز بانڊ ان فلم جي شوٽنگ جي دوران هتي آيو هو. ان ڪري هن جو نالو بہ جيمبز بانڊ رکيو ويو هو. هي گهمڻ واري پوائنٽ Phang Nga Bay ، Thailand وٽ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ هتي ايندي اسان جي اکڙين جيڪي زندہ نظار ا پسيا هيا، اهي اکڙين جو زندگيءَ ۾ پھريون ۽ آخري درشن هيو.
سمونڊ جي وچ تي پريان جبل جي اڀي سنھي ٽڪري نظر پئي آئي، اها ئي سڀني سياحن جي توجھہ جو مرڪز هئي. سامھون کان نظر پئي آئي. اوسي پاسي ۾ پھاڙن جو سلسلو جيڪو سائي چادر ويڙهي اسان کي ڀليڪار چئي رهيا هيا. پھاڙن کي ڪٿي ڪٿي ڪٽي ۽ ڪوريو ويو هو تہ جيئن هتي ايندڙ سياحن کي تڪليف نہ ٿئي.
جيمز بانڊ جبل اڀو ۽ اوچو هيو. هن سان گڏ ٻيون بہ ڪيتريون ئي ٽڪريون ۽ ننڍا ٻيٽ هيا، جيڪي اڀا ۽ اوچا هيا. انھن تي ايڏي ساوڪ هئي جو، سڄو جبل ساوڪ ئي ساواڻ سان پُر نظر پئي آيو. اتي اسان کان اڳ ۾ هڪڙو ٻيو جھاز بہ لنگر انداز ٿي چڪو هيو. ان ڪري ٻنھي جھازن جا ماڻھو جڏهن هن ٽڪري تي اچي مڙيا/گڏ ٿيا هيا ۽ هڪڙو نئون جھان اڏجي ويو هو ۽ ڪو نئون ميلو مچي ويو هو.
هتي سياحن کي شارٽس، اڌ ڪٽيل جينز جون پينٽون، ٽي شرٽون پاتل هيون. جيڪي هتي اچڻ کان پوءِ ڏاڍا پرجوش پئي لڳا. هن پوائنٽ تي ڪيترا ئي وڏا وڏا قديمي انيڪ قسمن جا وڻ نظر پئي آيا. جن خبر ناهي پنھنجي وجود جي اکين سان ڇا ڇا نہ ڏٺو هيو. اهي وڻ اڄ خوشيءَ ۾ نہ پئي ماپيا، ڇو تہ هتي اڄوڪي ماڻھن جي ميلي کي ۽ انساني وجود کي اکين سان ڏسي، انھن وڻن پاڻ ۾ ٿوري دير لاءِ زندگي جو احساس ضرور محسوس ڪيو هوندو. تحفن تحائفن جي دڪانن کان علاوہ هتي ريفريشمينٽ جا بہ ڪي چند دڪان هيا. جن ۾ بوتلون، جوسز، آئيس ڪريم، چپس، بسڪوٽ وغيرہ وغيرہ. هر ماڻھو هر نظاري کي پنھنجي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪرڻ پئي چاهيو. سو ان ڪم ۾ پئي رڌل نظر آيا.
مست اپني دهن ۾ غير کي سنتا نھين، سو ان حساب سان اسان جي دوستن ۾ پر هر ڪنھن کي گهمڻ ڦرڻ جي آزادي هئي. جاني ۽ پرتاب پنھنجي منھن سان گهمندي گهمندي، اڃان بہ پريان جبل جي چوٽي تي چڙهي ويا هيا، باقي ڊاڪٽر ۽ مان هڪٻئي جون تصويرون ڪڍڻ ۾ پورا هياسين. مطلب تہ ”ٻہ تہ ٻارنھن.“
سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ ڊاڪٽر جي موبائيل جي زبردست رزلٽ هئڻ ڪري، دل چئي پئي تہ جيمز بانڊ جو هر نظارو ڊاڪٽر جي ئي موبائيل سان پنھنجي اندر ۾ قيد ڪري ڇڏجي. اسان جيئن ئي اتان دڪانن کان ٿيندا اڳتي وڌياسين تہ ساڄي پاسي کان سمونڊ جو ڪنارو نظر آيو، جتي ماڻھو وهنجي رهيا هيا. اسان بہ اتي پھتاسين. هتي تہ هڪڙي ٻي دنيا آباد هئي. ڊاڪٽر جيئن تہ شروع ۾ ئي سمونڊ جي پاڻي جو سواد چکيو هيو، پر هو دل ڀري نہ وهتو هو. ان ڪري هن وري ٻيھر هتي بہ وهنجڻ جو ارادو ڪري پنھنجي شرٽ لاهڻ لڳو.