جيمز بانڊ ٻيٽ جا جلوا، واجد ۽ راشد گهلو جي ياد
انھي دوران هن جھاز جو واءِ فاءِ بہ ڪم ڪري رهيو هو. مون سنڌ صوبي ۾ پنھنجي دادو بار روم جي دوستن کي ياد ڪندي پنھنجي دوست راشد حسين گهلو وڪيل کي ڪال ڪئي، اتفاق سان ڪال ملي وئي هئي. هي وڊيو ڪال هئي ۽ پوءِ ٿوري دير کان پوءِ هميشہ جيان راشد جو مرڪندڙ چھرو منھنجي موبائيل جي اسڪرين تي هيو.
هن کي ٻڌايم تہ،”پاڻ جيمز بانڊ آئلينڊ وڃڻ لاٰءِ سامونڊي جھاز فاسٽ بوٽ ۾ آهيون (لانگ بوٽ ۾ نه). توهان کي هتان جي جھاز جو اندروني منظر ڏيکاريان پيو. هي پيار ڀريا، پيارا ماڻھو ڏسو. ڪيڏا نہ سھڻا ماڻھو اسان سان سفر ۾ شامل آهين. ڪاش اهڙا ماڻھو زندگي جي سفر ۾ بہ شامل هجن ها.“ هوڏانھن راشد وڏو ٽھڪ ڏنو. پنھنجي خوش قسمتي اها هئي جو پاڻ مٿي کليل جھاز ۾ هياسين، جتان سمونڊ جا نظارا ويجهڙائي کان راشد کي ڏيکاري رهيو هيس. ٻيو تہ برسات ۽ تيز هوا جي شور جي ڪري راشد جو آواز صحيح ٻڌڻ ۾ نہ پئي آيو. وڌيڪ اهو تہ منھنجو هڪ هٿ جھاز جي لوهي جهنگلي ۾ پيل هيو، مان بيٺو هئس ۽ ٻي هٿ ۾ موبائيل سان راشد کي سڀني مسافرن جو جھاز ۽ سمونڊ جي ڇولين جو ديدار پڻ ڪرائي رهيو هئس. انھي دوران راشد فون اسان جي محترم سينيئر وڪيل سائين عبد الرسول عباسي جي حوالي ڪندي چيو تہ،”سائين عباسي صاحب سان ڳالھايو.“ سائين سان ٻانھن ٻڌڻ جي هون ئي پراڻي واٽ آهي. سو سائين سان اليڪ سليڪ ڪندي، سائين کي بہ اهي سمونڊ جا منظر ڏيکاريا.
عبدالرسول عباسي صاحب اسان جي پياري دوست اشفاق احمد عباسي وڪيل جو والد صاحب آهي ۽ دادو جو نامور وڪيل آهي. سمونڊ ۽ پاڻي جي جھاز جي اهڙي خوبصورت ماحول ۾ جيڪي خوبصورت سياح اسان جا همسفر هيا، اهي انتھائي ڪوآپريٽو، ملڻسار، مھربان ۽ معتبر ماڻھو هيا. هي سامونڊي سئر جو منھنجو پھريون سفر هيو ۽ مان پھريون ڀيرو اهڙي سامونڊي وڏي جھاز جي سفر مان گذري رهيو هئس. انھن جھازن ۾ جھاز راني ڪندي مون کي لطيف جو سر سامونڊي ياد اچي ويو هو. هن کان اڳ ۾ ڪراچي جي پورٽ قاسم ۾ راشد گهلو صاحب جي وڏي ڀاءُ ادا واجد حسين گهلو صاحب جي دعوت ۾ اسان دادو بار جا ڪيترائي نوجوان جيڪي ADJجي امتحان ڏيڻ لاءِ ڪراچي ويا هياسين، انھن دوستن ۾ محترم شوڪت علي برهماڻي، محترم خالد سعيد سومرو، محترم عتيق حسين سومرو، محترم غلام مرتضي ٰ ٻٻر، محترم صفدر علي چارڻ، محترم محمد علي قريشي، محترم مسعود علي چنہ، محترم عبدالستار ميمڻ ۽ محترم جاويد علي سھتو صاحب هيا، ادا واجد گهلو صاحب اسان کي پاڻي واري رافٽ ۾ گهڻو گهمايو هيو. ادا اتان چيف انجنيئر جي عھدي تان رٽائر ڪيو، جيڪو واحد سنڌي هيو، جيڪو پروموشن جي ذريعي ان اعليٰ عھدي تي پھتو هيو. هن اسان کي اهڙو تہ شاندار لنچ ڪرايو هيو، جيڪو اڄ ڏينھن تائين نہ ٿو وسري.
جيئن تہ اهو آچر جو ڏينھن هيو، ان ڪري موڪل هجڻ جي ڪري، ڪي پي ٽي جو اسٽاف موجود نہ هئڻ جي باوجود ادا واجد جي مھربانين جي بدولت اسان ڪراچي سمونڊ ۾ اهڙي پاڻي جي جھازن ۾ چڙهيا هياسين، واجد صاحب جا اهي ٿورا ڪٿي لاهبا. مشڪل آ. واجد صاحب جي محبتن جا سچ تہ اڄ بہ مقروض آهيون. هاڻي بہ جڏهن دادوءَ ۾ پنھنجي فيملي جي ڪنھن شادي ۾ آيل هيو، پر هن سان ملاقات نہ ٿي سگهي. واجد صاحب جنھن جھاز ۾ گهمايو هو، اهو ننڍو جھاز هيو ۽ بعد ۾ جنھن ٻي جھاز ۾ اسان کي شفٽ ڪري گهمايو هو، اهو بہ ننڍو جھاز هيو، پر پھرئين جھاز کان وڏو هيو، جڏهن تہ هي جيمز بانڊ آئلينڊ ڏانھن ويندڙ جھاز تمام وڏو آهي.