اولڊ سٽي ڦڪيٽ جو پنڌ ٽوئر
هو 20 / 25 منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ اسان کي هڪڙي اهڙي شھر ۾ وٺي آيو، جيڪو اسلام آباد جھڙو صاف سٿرو ۽ ڪشادين، گهٽين ۽ وڏن روڊن وارو هيو. لائق روڊ جي پاسي سان سوزوڪي پارڪنگ ڪندي چيو تہ، ”هي ڦڪيٽ جو قديم شھري حصو آهي، جتي توهان کي هر شي پراڻي تھذيب ۽ ثقافت واري آساني سان ملي سگهي ٿي. توهان وٽ ڪلاڪ کن آهي، توهان مزي سان هن شھر کي پنڌ گهمو، ڇو تہ هتي ايتري ٽريفڪ آهي جو مون لاءِ گاڏي کي هر هنڌ پار ڪرڻ مسئلو آهي.“
لائق جي ڳالھہ سچي هئي. لھڻ کان پوءِ اسان جي آجيان هن قديمي شھر وڏي پيار ۽ پاٻوھہ سان ڪيو. هتان جي صاف ٿڌڙي هوا جي جهونڪي ۽ هتان جي مٽيءَ جي خوشبو بہ اسان کي ڀليڪار ڪيو. مون محسوس ڪيو تہ هتان جي مٽي ۾ ۽ هوا ۾ عجيب خوشبو هئي. جنھن واقعي اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو تہ ڇا هي ايڏا تھذيب يافتہ ماڻھو هيا ۽ ان قديمي ورثي جو تسلسل هتان جا ماڻھو اڄ بہ جياريو، سنڀاريو ۽ نکاريو پيا اچن.
پنھنجي ڪلچر ۽ پنھنجي ثقافت سان هن قديم شھر جي رهواسين جو پيار ۽ پنھنجن ماڳن مڪانن سان اهڙو سچو عشق ۽ محبت ڏسي مون کي تہ ائين لڳو تہ واقعي هي ماڻھو ئي پنج هزار سال پراڻي تھذيب جا وارث آهن. اسان نہ. اسان تہ خالي مئن جي دڙي جي وارثي جا دعويدار آهيون. اسان پنھنجي تھذيبي اهڃاڻ مئن جي دڙي جي تاريخي شين کي ڪٿي سنڀاليو آهي. ڇو تہ اسان خالي پنھنجي پاڻ کي ان کوکلي آسري ۾ رکيو پيا اچو تہ اسان ئي پنج هزار سالن جي پراڻي تھذيب جا وارث آهيون. پر اسان جو هڪڙو بہ عمل اهو نہ ٿو ڏسي تہ واقعي ئي اسان ان تھذيب جا حقيقي وارث ۽ مالڪي ڪندڙ مالڪ آهيون.
هي علائقو جتي قديمي عمارتن، آثارن ۽ تھذيب جي اهڃاڻن کي بچائيندي نظر اچي ٿو، ساڳي جاءِ تي هتان جي ماڻھن ۾ بہ اهو ئي رنگ ڍنگ، اخلاق، ادب، صفائي سٿرائي، پڻ اهو ڏسي ٿي تہ هي ماڻھو ئي پنھنجي پراڻي تھذيب جا وارث آهن. ڇو تہ هنن ماڻھن جھڙي نموني قديمي شين جي حفاظت ڪري، انھن کي سنڀاليو آهي، اهو قابل رشڪ آهي. هن شھر جي صفائي جو مثال بہ پنھنجو مٽ پاڻ هو. شھر جي گهٽي گهٽي چمڪي رهي هئي. مٽي، دز ۽ ڌوڙ جو نالو نشان ئي نہ هيو. ويڪرا ۽ ڪشادا روڊ، روڊ تي پارڪنگ جا، زيبرا ڪراسنگ جا نشان پينٽ ٿيل هيا. روڊ جي ٻنھي پاسن کان ناليون ۽ گٽرن جا منھن چڱي طرح ڍڪڻن سان بند ٿيل هيا. ڪا بہ نالي کليل نظر نہ آئي، نہ ئي ڪو گٽر جو پاڻي روڊ تي بيٺل ڏٺوسين. نہ روڊ تي گند ڪچھرو، نہ ئي ڪا کليل شاپر ڪٿي روڊ، رستي تي ڪريل نظر آئي. هن قديمي شھر کي ڏسي مون کي نيپال کٽمنڊو جو شھر ”بختارپور“ ياد اچي ويو. مون کي لڳو تہ بختارپور هن کان بہ قديمي شھر آهي، پر نيپالين بہ پنھنجي ورثي جي مالڪي ڪئي آهي ۽ اسان پارن سڌڙن نہ.
ائين لڳي پيو ڄڻ تہ ڦڪيٽ جي هن قديمي شھر جي صفائي کي اکين سان ڏسي، اسان جي نظر جي چٽائي چٽي ٿي ويئي هجي. پر اصل ۾ اهو ڪمال هن شھر جي صفائي جو هو. روڊ آلا هيا، ائين لڳو پئي تہ هاڻي جو هاڻي، ٿوري دير اڳ ۾ هتي برسات پئي آهي. پر ڪٿي بہ پاڻي جو ڪو دٻو يا پاڻي بيٺل نظر نہ آيو، ڪٿي بہ گپ جو نالو نشان بہ نہ ڏسي سگهياسين. هر طرف صفائي جي رونقن جا جلوہ هيا. ڪٿي بہ ڪو گند، ڪچرو، روڊ تي ، روڊ جي پاسي تي، ڪنھن دڪان جي اڳيان، پٺيان نظر نہ آيو. ڇا تہ صفائي جو بيمثال شھر هيو. هن شھر جي صفائي ڏسي ائين لڳو، اسان تہ ڪنھن شھر ۾ نہ بلڪہ آفريڪا جي ڪنھن جهنگ ۾ رهون پيا.