ايئرپورٽ کان نڪرندي نڪرندي
جاني هن کي موبائيل مان ئي تصوير ڏيکاري چيو تہ،”توهان آهيو.“
هن چيو،” جي مان ئي آهيان، هي منھنجي تصوير آهي.“
هوءَ هڪدم گاڏي مان لٿي. گاڏي جي ڊڪي ۾ اسان جا بيگ ٺاهي رکڻ لڳي. سامان جي مڪمل سيٽنگ ڪرڻ کان پوءِ هن ڊڪي بند ڪري ڇڏي. هن کي ڪاري رنگ جي پينٽ شرٽ پاتل هئي ۽ هن جا وار پوني اسٽائيل ۾ ٻڌل هيا. هوءَ قد جي ننڍي ٿائي عورت انتھائي بااخلاق نظر آئي. جاني هڪ دفعو وري هن کي پنھنجي منزل جو ڏس پتو ٻڌائيندي سمجهايو، جيڪا هوءَ سمجهي ويئي هئي. اسان هاڻي گاڏي ۾ ويھي چڪا هياسين. هوءَ انگريزي بلڪل نہ پئي سمجهي.
پرتاب اڳيان ويھڻ جو فائدو وٺندي هن سان ڳالھہ ٻولھہ جي شروعات ڪئي، پر هن کي انگريزي سمجهہ ۾ نہ پئي آئي. هوءَ فقط پنھنجي ٻولي ۾ ئي ڳالھائڻ چاهي پئي. يا تہ هوءَ ڳالھائڻ ئي نہ پئي چاهي. هن هلڪي موسيقي جي سرن کي ڇيڙيو هو. اها موسيقي بہ ٿائي ٻولي ۾ هئي. جيڪا اسان مان ڪنھن جي بہ سمجهہ ۾ نہ پئي آئي. اسان لاءِ ائين ئي هئي جيئن پٺاڻن جي ٻولي. مون کي لڳو تہ هوءَ خاموش رهڻ چاهي پئي. سو هن سڄي سفر دوران خاموشيءَ جي گوري کائي ڇڏي هئي. سفر روان دوان هيو. هن جو سڄو ڌيان ڊرائيونگ تي هيو. اسان دوست هتان جي هر موهيندڙ منظر کي پنھنجي ڪيمرا جي ميموري ۾ رڪارڊ ڪري رکڻ چاهيون پيا. سو ائين ئي ٿوري دير کان پوءِ مون جڏهن پنھنجي پاسي ۾ نظر وجهي ڏٺم تہ ڊاڪٽر ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويو هو ۽ هن کي ڏسندي مون کي بہ ائين ننڊ اچي ويئي هئي جيئن ڪو ماڻھو ڪنھن کي اوٻاسي ڏيندي ڏسندو آهي تہ ان کي بہ اوٻاسي اچي ويندي آهي.