ٿائيلينڊ جي ويزا ڪيئن وٺجي؟
ڪاغذن جي حوالي سان توهان کي ٻڌائيندو هلان تہ اسان جا ڪاغذ تہ ٽريول اينجٽ تيار ڪيا هيا. انھن ڪاغذن ۾ توهان کي اها ڳالھہ ذهن ۾ رکڻي آهي تہ توهان جي پاسپورٽ جي مدي کي ختم ٿيڻ ۾ باقي ڇھہ مھينا نہ بچيا هجن. مطلب تہ جيڪڏهن توهان جو پاسپورٽ ڇھن مھينن ۾ ختم ٿئي ٿو تہ بھتر آهي تہ توهان نئون پاسپورٽ ٺھرايو. ايمبيسي وارا توهان جي ويزا تي اهو اعتراض لڳائي سگهن ٿا. توهان وٽ جيڪڏهن پراڻو/پراڻا پاسپورٽ آهي/آهن تہ اهو/اهي بہ کنيو وڃو تہ بھتر. مڪمل طور تي ڀريل ٻہ ويزا جون درخواستون، توهان جون تازيون 4 باءِ 6 جون ٻہ عدد تصويرون، ان سان گڏ ڪورنگ ليٽر جنھن ۾ توهان جو نالو، پاسپورٽ نمبر، گهمڻ جو مقصد، سفر ڪرڻ جي تاريخ ۽ ٻي ڄاڻ ڏنل هوندي آهي. جيڪڏهن ملازم آهيو تہ توهان کي اهو بہ ليٽر کپي جنھن ۾ توهان جي باس کي توهان جي ٻاهرين ملڪ جي سفر ڪرڻ تي ڪو بہ اعتراض نہ هجي، جيڪڏهن توهان فيملي سان وڃو ٿا تہ توهان وٽ نڪاح نامو، ٻارڙن جا ڄم سرٽيفڪيٽ مطلب تہ اهي سڀ ڪاغذ جيڪي توهان جي تعلقات ۽ ٻي سان رشتي کي ثابت ڪري سگهن، اهي پاڻ سان نيو وڃو. ان کان علاوہ شناختي ڪارڊ جي ڪاپي، ۽ پاسپورٽ جي بہ ان پيج جي ڪاپي جنھن ۾ توهان جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. نان ريفنڊبل ٽڪيٽون، هوٽل جي رهائش، اڌ سال جي بيئنڪ اسٽيٽمينٽ، جنھن ۾ اڪائونٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 لک ڏيکاريل هجن ۽ ٻيا لاڳاپيل ڪاغذ هجن تہ بھتر.
ٿائي ڪائونسليٽ جنرل جي آفيس ۾ داخل ٿيندي ئي گارڊ اسان کي ساڄي پاسي وڃڻ لاءِ چيو. هي ڊگهي گهٽي ٽائيپ واري سوڙهي هئي، جتي پلاسٽڪ جون ڪرسيون رکيل هيو. اتي اسان کان اڳ ۾ ئي ڪي مرد ۽ ڪي عورتون ويٺيون هيون. ڪرسيون ٻنھي ديوارن سان ملائي رکيون ويون هيون. وچ واري جاءِ ماڻھن جي اچ وڃ لاءِ خالي رکي وئي هئي. ان جي سامھون ٻہ شيشن جا ڪائونٽر ٺھيل هيا. ماڻھن جون ٻہ قطارون هيون، خبر ئي نہ پئي پوي تہ ڪھڙي قطار اڳتي وڌي، سُري يا هلي رهي آهي. اسان بہ هڪڙي لائين جي ڪرسين تي پاڻ ۾ گڏ ويھي رهياسين، ٿوري دير کان پوءِ گارڊ آيو، جنھن چيو تہ،” هي قطار هلي ٿي توهان بہ هن ۾ اچي ويھو.“ اسان بہ ان ڊگهي قطار وارين ڪرسين تي ويھي رهياسين. اها قطار آهستي آهستي اڳتي وڌندي، سُرندي ۽ چرندي رهي. ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسين تہ ماڻھو ايندا ويا، رش وڌندي ويئي ۽ قطار ماڳھين ڊگهي ٿيندي وئي.
منھنجي پاسي ۾ پينٽ شرٽ سان هڪڙو اڌڙوٽ عمر وارو اردو اسپيڪنگ شخص ويٺو هو. جنھن جي هٿن ۾ ٻارن جو تصويرون ۽ ٻيا پاسپورٽ هيا. مون کان اڳ ۾، منھنجي ساڄي پاسي واري ڪرسيءَ تي پرتاب ويٺل هيو. وچ ۾ مان ۽ منھنجي کاٻي پاسي کان جاني هيو. جاني سان گڏ هڪڙو نوجوان هيو، جنھن کي جڏهن خبر پئي تہ ويزا جي في 8 هزار مان وڌي 12 هزار ٿي ويئي آهي، تہ هو پريشان ٿي ويو هو. هن کي اڳ ۾ شايد اها سُڌ نہ هئي. پر هن کي هتي اچڻ کان پوءِ اها خبر پئي. جنھن جاني سان سلام دعا ڪري، چيو تہ ”مون وٽ 8 هزار آهن، باقي پئسا تون اڌارا ڏي تو کي ايزي پئسا ڪيان ٿو.“
اسان کي حيرت ٿي هي ماڻھو اپ ڊيٽ نہ آهي. ڇو تہ هن کي گهران نڪرڻ مھل اها معلومات وٺڻ کپي ها ۽ هن کي ان ڳالھہ جي خبر هجڻ گهرجي ها تہ ٿائلينڊ جي ويزا پروسيس واري في چڙهي ويئي آهي. مون تہ ائين لڳو تہ خبر هوندي بہ هو جڳاڙ جي چڪر ۾ هيو. پر جاني بہ سياڻو آهي، هن جي چھري جي تاثراتن مان ئي سمجهي ويو تہ هي ٻيو چڪر آهي. ان ڪري جاني هن کان معذرت ڪندي چيو تہ ”معاف ڪجو ڀاءَ! مون وٽ پنھنجي ويزا جا پئسا پورا آهن ۽ اضافي پئسا هجن ها تہ توهان کي ضرور ڏيان ها ۽ توهان کي مايوس نہ ڪيان ها. پر توهان گهران نڪرڻ کان اڳ ۾ ٿائي ڪائونسليٽ کان ويزا جي في ڪنفرم ڪري پوءِ نڪرو ها.“
ان کان پوءِ مون محسوس ڪيو تہ اسان کي هتي انتظار ڪندي ڪافي وقت لڳي ويو هو ۽ قطار ڊگهي ٿيندي پئي ويئي. اتي ويٽنگ روم ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪا بہ سھولت ميسر نہ آهي، ان جي ابتڙ آسٽريليا جي ڪائونسليٽ جنرل واري جيري Gerry ۾ توهان لاءِ هر سھولت ميسر آهي. جنھن جو شاندار ماحول هيو. هتي تہ ڪاري وارا ڪک، نہ پاڻي، نہ ئي وري ڪو ريفريشمينٽ جو اسٽور روم ۽ نہ ئي ڪو واش روم وغيرہ. سڃ ئي سڃ.
خير پرتاب جا ڪاغذ جمع ٿي ويا، ان کان پوءِ منھنجا به. ڪائونٽر تي لڳل شيشو ايترو هيٺ هو جو توهان کي جُهڪي ان ڪائونٽر تي ويٺل ليڊي سان مخاطب ٿيڻو پوي پيو، جهڪي بيھي رهڻ کان پوءِ بہ توهان ان ڪائونٽر واري عورت يا مرد ملازم کي ڏسي نہ پيا سگهو، پر هو توهان کي چڱي طرح ڏسي سگهي پئي. هي بہ هڪڙي قسم جي پاليسي آهي، جنھن ۾ اڳين ماڻھو کي ذهني طور تي اهو احساس ڏياريو ويندو آهي تہ توهان اسان کان ڪمتر آهيو ۽ اسين توهان کان وڌيڪ معتبر ۽ برتر آهيون. ڪائونٽر واري عورت مون سان مخاطب ٿيندي مون کي چيو تہ،” دادو بلوچستان ۾ آهي؟ “
مان حيرت ۾ پئجي ويس، ششدر ٿيندي هن کي جواب ڏنو،”نه، دادو تہ سنڌ جي دل آهي.“
هن ٻيھر ٻيو سوال ڪندي پڇيو تہ،” دادو جي اوسي پاسي ۾ ڇا مشھور آهي.“
جنھن تي مون هن کي چيو تہ،” تہ منڇر ڍنڍ ۽ سيوهڻ جي مزار.“
”توهان ٿائيلينڊ پھريون دفعو ٿا وڃو.“
” جي ها.“
”ٿائيلينڊ ۾ ڪاٿي ويندو؟“
”پتايا، ڦڪيٽ ۽ بينڪاڪ“
”موٽڻ جو ارادو بہ آهي يا.“ هن چپن تي مرڪ آڻيندي چيو.
”جي ها موٽي ايندس، پر جي اُتي ويچاري دل ڦرجي ويئي تہ پوءِ مشڪل آ.“ مذاق ڪندي مون بہ مرڪي هن کي جواب ڏنو.
چيائين،”ٺيڪ آ، توهان ”پئسا جمع ڪرايو.“
مون 12هزار ڪڍي هن کي ڏنا.
هن کلي منھنجي ويزا تي ٺپو هڻي، تصوير ڪڍرائڻ لاءِ چيو. تصوير نڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ،”توهان ٿوري سائيڊ ۾ انتظار ڪيو تہ توهان کي رسيد ڏيون.“