سفرناما

ٿائيلينڊ جا ٿاڪَ

ٿائيلينڊ دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪڏھن بہ ڌارين جي غلاميءَ ۾ نہ رھيو آھي ۽ ٿائي لفظ جي معني ئي آزاد آھي. بلوچ صحبت ٿائي ماڻھن جي سڀاءَ کي سھڻي نموني بيان ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٿائيلينڊ جي خوبصورتين، اتان جي صفائي سٿرائي، آزادي ۽ اتان جي ماڻھن کي منفرد انداز سان لکيو آھي. ھي ھڪ اھڙو دلچسپ سفرنامو آھي جيڪو نائيٽ ڪلبن جي رنگين حسناڪين کان وٺي قدرتي جزيرن ۽ سامونڊي بيچ جي اھڙي تہ خوبصورت منظر نگاري ڪري ٿو جو عام پڙھندڙ کان وٺي تخليقي صلاحيت رکندڙ شاعر اديب ۽ ليکڪ پڻ ان منظر نگاري مان نڪور تخيلقون پيدا ڪري سگهن ٿا.

Title Cover of book Thailand jaa thaak

پتونگ بيچ ڦڪيٽ تي رولاڪيون

اسان واڪنگ اسٽريٽ کان ٿيندا، گهمندا ڦرندا، پتونگ بيچ تي اچي نڪتاسين. جتي واڪنگ اسٽريٽ ختم ٿئي پئي اُتي ئي ٻاهران گيٽ تي هڪڙو وڏو گول بورڊ لڳل هيو، جنھن تي انگريزي ۾ نيرن اکرن سان پتونگ بيچ لکيل آهي، جنھن جي مٿان مختلف سائيز جا گولڙا ٺھيل آهن، جن ۾ مختلف رنگ ڀريل آهن. جيڪي هن پتونگ بيچ جي نالي واري بورڊ کي نمايان ڪيو بيٺا آهن.
هي بيچ ڦڪيٽ جي اولھہ ٻيٽ تي واقع آهي جنھن جو رخ ائينڊمن سمونڊ Andaman Sea ڏانھن آهي. جيڪو ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. هي سامونڊي ڪنارو صاف ۽ نرم ملائم واري Sand وارو آهي. هن جي اوسي پاسي ۾ ڪيتريون ئي هوٽلون، ڪيفيز، بارس، دڪان، ڪلب، مساج سينٽرس ۽ وڏيون وڏيون عمارتون آهن.
هن جي سامھون ئي بانگلا روڊ Bangla Road ۽ Paton OTOP Shopping Paradise complex آهي، جيڪو رات جي رونقن جي ڪري ۽ نائٽ لائيف سبب گهڻو مشھور آهي. پاڻ جڏهن بانگلا اسٽريٽ کان ٿيندا، پُڇندا پُڇندا هتي پھتاسين تہ سج لھڻ وارو هيو ۽ شام جو پکي پنھنجا پر پکيڙي رهيو هو. سچ تہ هتان جي شام جون رونقون ئي ٻيون هيون. نہ خوف، نہ ڊپ، نہ لالچ، نہ لوڀ، هر ڪو پرسڪون، شانتي ۾، پنھنجي ڪاروهنوار ۾ مگن هيو. اجنبي ديس جا مسافر پانڌيئڙا پڻ پنھنجي خوشي، سک ۽ شانتي جي تلاش ۾ رولاڪين جي واٽ تي هلي رهيا هيا.
توهان کي ٻڌائيندو هلان تہ ڦڪيٽ بيچ جي ٻاهران مين روڊ آهي جتي ڪارون، اسڪوٽر (اسڪوٽي)، ٽيڪسيون، سوزوڪيون گهڻي تعداد ۾ نظر آيون. روڊ تمام ويڪرو، ڪشادو ۽ صاف سٿرو نظر آيو. ڪٿي بہ ڪا حد دخلي نظر نہ آئي. هر ماڻھو پنھنجي ملڪ جي قانون جو پاسدار هيو.
واڪنگ اسٽريٽ کان اڳتي پتونگ بيچ گيٽ کان ٿيندا پاڻ جڏهن بيچ تہ لٿاسين تہ اسان جا پير سمونڊ جي واريءَ تي هيا. هتان جي واري ايڏي تہ نرم ملائم، پشم جھڙي هئي، واريءَ تي پير رکڻ کان پوءِ ائين لڳو تہ اسان جا پير ڄڻ تہ ڪنھن ريشم جي ڪشميري بخمل تي پئجي ويا هجن. واري ايڏي نرم ملائم ۽ صاف هئي جو سياح پنھنجي شام کي رنگين ڪندي، سمونڊ جي ماحول جو مزو وٺي، ان واريءَ تي ننگي پير پسار ڪري رهيا هيا تہ ڪي وري پيرا گلائيڊنگ ڪرڻ ۾ مصروف هيا، يعني ڇٽيءَ جي ذريعي سمونڊ جي مٿان چڪر هڻڻ. سامھون کان ڇٽي نموني ڪپڙي جي ڦوڪڻي کي هوا مٿي ڇڪي وڃي رهيو هو تہ هيٺ زمين تان ڪيترائي ماڻھو هن ان ڦوڪڻي نما ڇٽيءَ کي هيٺ لاهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هيا. هن ڇٽيءَ جا رنگ پاڻ ۾ ملي ڪيڏو نہ سونھن سان مرڪي اسان جي اکين کي ٿڌاڻ بخشي رهيا هيا. هنن رنگن ۾ سفيد، نيرو، ڦڪو، وانڱڻائي، سائو ۽ نارنگي ڪيڏو نہ مزو ڪري رهيا هيا. هنن رنگن ۾ گهڻائي اڇي رنگ جي هئي. جيڪو امن جو پيغام آهي. هن ڪپڙي جي ڇٽي ۾ ڪيترائي وڏا رسا/واڍَ ٻڌل هيا، جيڪي ان ڇٽي/ڦوڪڻي کي هيٺ لاهڻ ۾ مدد ڪن پيا. سمونڊ تي هوا ايڏي تيز هئي جو پيرا گلائينڊگ وارا ڇٽي کي مٿي آسمان تي، سمونڊ جي مٿان ڪافي اوچائي تي کڻي وڃڻ کان پوءِ، پنجن ڏهن منٽن جو سياح کي سمونڊ جي مٿان چڪر هڻائي پوءِ ان سياح کي هيٺ لاهين پيا. ان کي لاهڻ لاءِ ٻہ ٽي ڄڻا ملي ڪري ان کي هيٺ لھڻ مھل ڇڪي بيھن پيا. تہ جيئن اهو مٿي وڃڻ وارو همراھہ هيٺ لھڻ مھل ڪِري نہ پوي.
هن بيچ جو موسم ايڏو خوشگوار هيو، جو ڇا ڳالھہ ڪجي. بلڪل ڪارا ڪارا ڪڪر اڀ تي ڇانو ڪيو بيٺا هيا. هيٺ سمونڊ جون ڇوليون، وهڪرا ۽ سمونڊ جي شور جو موهيندڙ ۽ مڌر آواز. مٿان وري شام، سا بہ سمونڊ ڪناري. سج لھڻ جو منظر واھہ. غفار تبسم جو سٽون ياد اچي ويون تہ:
سمونڊ ڪناري، ڪنھن شام ڌاري،
سج لٿو هوندئي، ياد ڪيو هوندئي.
سمونڊ جون ان قسم جون ڇوليون چلولايون ادائون بڻجي، مستيون ڪري، اسان جي من جي موسم کي هن ڌرتي جي موسم سان ملائي هڪڙو نئون سنگم پيدا ڪري رهيون هيون، جنھن ۾ سڪون، راحت، سک ۽ شانتي جي موج ۽ مستي نمايان محسوس ٿي رهي هئي. پرتاب هيٺ پلٿي هڻي واريءَ تي ائين ويھي رهيو هو، ڄڻ تہ هن کي هن سمونڊ ڪناري صدين جا ٿڪ لاهڻا هجن. هن کي ڳاڙهن ۽ ڪارن پٽين وارو پاجامو ۽ ڪاري ٽي شرٽ پاتل هئي. جنھن مان هن جي ذوق ۽ شوق جو ڪاٿو لڳائي سگهجي پيو. ڇو تہ مون کي اندازو هيو تہ پرتاب سمونڊ جي گهرائي کان واقف هيو. ڪراچي ۾ هن جو گهر بہ سمونڊ جي ڪناري تي هيو. ان ڪري هن جي اندر ۾ پڻ اها ئي سمونڊ جي گهرائي واري اڻ تڻ هئي. اسان جي دوستن مان ڪو بہ دوست پيراگلائينڊنگ ڪرڻ جي موڊ ۾ نہ هيو. سڀني کي ڊپ تہ هيو ئي هيو پر مٿان وري پنھنجا جيب بہ اجازت ڏيڻ جي موڊ ۾ نہ هيا. سو ڍڪي ڀلي.
مون پنھنجا جوگر بوٽ نہ لاٿا ها، پر مان دوستن سان انجواءِ ڪرڻ ۾ مڪمل طور شامل حال هيس. هاڻي ٽيئي دوست هيٺ سمونڊ جي واريءَ تي پلٿي هڻي سڄي سمونڊ جي سونھن ڀري سنسار ۽ وايو منڊل جو مزو وٺڻ لاءِ ائين ويھي رهيا ڄڻ تہ اجهو ئي اهي نوَٽڻ راند شروع ڪرڻ وارا هجن. پر پوءِ مون ڏٺو تہ اهي نوَٽِڻ راند نہ پيا ڪن پر انھن جي نگاهن جا مرڪز هنن جا معزز موبائيل هيا. جن سان هو سمونڊ جي ماحول کي پنھنجن پيارن وٽ سڌو سنئون پيش ڪري، انھن کي لائيو موهيندڙ منظر ڏيکاري داد حاصل ڪري رهيا هيا. ڪاش مان بہ ائين ڪري سگهان ها.